داخلا ؛ 5692
پڙهيو ويو ؛ 215
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-03-14


تصويرون


Ghyas-din.gif
تغلق غياث الدين بلبن جو مقبرو
تغلق غياث الدين بلبن جو مقبرو



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تغلق غياث الدين بلبن

ٽائيٽل ؛ تغلق غياث الدين بلبن


شاخ : شخصيت

تغلق، غياث الدين ”بلبن“: (حڪومت جو دور 1320ع کان 1325تائين) غياث الدين ”قرونه“ قبيلي جو -ترڪ- هو. سندس ماءُ پنجاب ۾ رهندڙ جاٽ قبيلي جي هئي. علاؤ الدين جي عهد حڪومت ۾ هن کي ديبل پور جي سرحدي علائقي جو گورنر ۽ سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. هتي هن منگولن جي خوب مرمت ڪري کين هندوستان ۾ قدم رکڻ بي همت بنائي ڇڏيو. هي خسرو کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ دهليءَ جي -تخت- تي غياث الدين جي لقب سان ويٺو، جڏهن ته سندس نالو فخر الدين هو. ملڪ ڪافور، قطب الدين مبارڪ ۽ خسرو جي بدعنوانين، سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، خزانو خالي ٿي چڪو هو، علاؤ الدين جا سخت قاعدا ۽ قانون رد ٿي چڪا هئا، بدانتظامي وڌي وئي هئي. ملڪ جو اخلاق بگڙي چڪو هو، پر امن امان جي صورت بدترين هئي، ملڪي انتظام ۽ معاشرتي نظام درهم برهم ٿي چڪو هو، هن سوچ ۽ تدبر کان ڪم وٺندي حالتن تي ضابطو آندو. ملڪ جي انتظام کي بهتر بنائڻ خاطر هن وچولو رستو اختيار ڪندي نرميءَ جي جاءِ تي سختيءَ کان ڪم ورتو. درٻار جيڪا ٺڳن، خوشامدڙين ۽ نالائق صلاحڪارن جو اڏو بنجي چڪي هئي، -ان- کي سڌاريو. بادشاهي، رعب، دبدٻي ۽ جاهه و -جلال- کي قائم رکيو. غياث الدين -تغلق- -تخت- تي ويهڻ کان پوءِ هي حڪم ڪيو ته ناجائز طريقي سان ڏنل جاگيرون واپس ورتيون وڃن ۽ انهن جي آمدني سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي. جيتوڻيڪ انهيءَ حڪم سبب اميرن ۾ ناراضگي پيدا ٿي، پر اهڙين ڳالهين کيس عوام ۾ ڪافي مقبول بنايو. هن صوبن ۾ ايماندار گورنر مقرر ڪيا. ڪڙمين کان پيدائش جو اڌو وٺڻ بجاءِ ڏهون حصو ڍل طور وٺڻ جو حڪم ڪيو. هن هارين جي دلجوئي ڪئي، جنهنڪري ملڪ سرسبز ٿيو. هن ڪيترائي نوان واهه کوٽايا، ڪيترن هنڌن تي -باغ- پوکرايائين، ڪيترا نوان قلعا جوڙائي ملڪي سرحدن کي محفوظ ڪيائين. -ٽپال- کاتي کي نئين سر ٺاهيائين. انهن سڌارن کان سواءِ فوج کي منظم ڪيائين. هن ڪوشش ڪئي ته دهليءَ جي سلطان جي اختيار کي هر صوبو مڃي ۽ -ان- جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري. علاؤ الدين جي مرڻ کان پوءِ دکن جي ورنگال علائقي جي راجا پرتاب ديو ٻئي، دهلي جي سلطان ڏانهن ساليانو خراج موڪلڻ -بند- ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجي پٽ جونا خان جي سپهه سالاري هيٺ دکن ڏانهن فوج رواني ڪئي ته جيئن راجا کي -جوڳي- سزا ڏني وڃي. جونا خان فوج وٺي ورنگال جي قلعي کي گهيرو ڪيو، ليڪن باشاهه جي دهليءَ ۾ فوت وڃڻ جي افواهه سبب جونا خان کي گهيرو اڌ ۾ ڇڏي دهليءَ واپس ورڻو پيو. سن 1322ع ۾ -بادشاهه- وري جونا خان جي مهنداريءَ هيٺ وڏي فوج دکن رواني ڪئي ۽ قلعو فتح ڪيو. راجا سموري ڪٽنب سميت گرفتار ٿيو. اهو علائقو (تلنگانه) دهليءَ سان ملايو ويو. 1324ع ۾ -بنگال- جي حاڪم شمس الدين فيروز شاهه پنج پٽ پويان ڇڏي وفات ڪري ويو. سندس وڏو پٽ غياث الدين -بهادر- هو ۽ -اوڀر- -بنگال- تي خودمختيار حاڪم ٿي حڪومت ڪندو هو. هن جي گادي سونار گائون نالي شهر هو، ٻيو پٽ شهاب الدين بغرا شاهه -بنگال- جي -تخت- تي ويٺو، مگر ٽئين پٽ جي حصي ۾ ڪجهه به نه آيو، جنهنڪري ڀائرن ۾ اڻ بڻت ٿي پئي. ٽئين پٽ ناصر الدين دهليءَ جي شهنشاهه غياث الدين -تغلق- وٽ دانهيو، غياث الدين -بنگال- کي فتح ڪرڻ جو سٺو موقعو محسوس ڪري فوج وٺي -بنگال- پهتو ۽ کيس گرفتار ڪيائين، ناصر الدين کي لکنوءَ جو علائقو ڏنائين. باقي سڄو مشرقي -بنگال- دهلي سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيائين. موٽ تي هن -ترهٽ- جو مضبوط قلعو فتح ڪيو. -ترهٽ- جي قلعي جي فتح کان پوءِ کيس دهلي موٽڻ نصيب نه ٿيو، ڇو ته جونا خان دهلي جي ٻاهران پيءُ جي استقبال لاءِ وڏو بندوست ڪندي آرام لاءِ ڪاٺ جو ڪمرو تيار ڪرايو هو. اها استقبالي ڪيمپ دهلي کان ڇهه ميل پري هئي. -بادشاهه- اڃا -ان- ڪمري ۾ گهڙيو ئي مس ته اڏاوت ڪري پئي، هو -ان- ۾ دٻجي مري ويو. سندس وفات جو سال 1325ع هو. مشهور مورخ -ابن بطوطه- لکي ٿو ته -بادشاهه- غياث الدين جي مارڻ ۾ سندس پٽ جونا خان جو هٿ هو. هن اعليٰ عمارت ساز احمد -بن- -اياز- کي چيو هو ته عمارت اهڙي نموني ٺاهي، جو جيڪڏهن هاٿي -ان- کي -ٿونو- هڻي ته ڪري پوي ۽ ٿيو به ائين، جڏهن -بادشاهه- اندر گهڙيو ۽ جونا خان دروازي کان ٻاهر ئي هو ته هڪ هاٿيءَ عمارت کي -ٿونو- هنيو، جنهنڪري عمارت ڊهي پئي ۽ غياث الدين -تغلق- هند جو شهنشاهه دٻجي مري ويو. جنهن کان پوءِ شهزادو جونا خان، محمد -بن- -تغلق- جي نالي سان هندوستان جي -تخت- تي شهنشاهه جي حيثيت ۾ ويٺو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تغلق غياث الدين بلبن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تغلق غياث الدين بلبن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن