داخلا نمبر 5816
عنوان تقويٰ
شاخ اسلام
پڙهيو ويو 241 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تقويٰ

تقويٰ: اسلام ۾ سڀني عبادتن مان ’تقويٰ‘ کي خاص اهميت حاصل آهي. عربيءَ ۾ ”تقويٰ“ لفظ جي معنيٰ ”پرهيزگاري“ آهي. تقويٰ دل جي ان خاص احساس جو نالو آهي، جنهن ۾ خدا جا سمورا ڏنل فرض اچي وڃن ٿا. الله تعاليٰ جي حاضر ۽ ناظر هجڻ جو دل ۾ يقين ٿي وڃي ٿو. تقويٰ جي اهميت قرآن مجيد جي ڏنل فرمان مان به ظاهر ٿئي ٿي. جيئن رنگ، نسل، خاندان، دولت جي بنياد تي انسان کي مختلف فرقن ۾ ورهائڻ منع ڪيو ويو آهي ۽ صرف ئي صرف خدا جي هيڪڙائيءَ جو سڏ ڏنل آهي. اهو فرمان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي آخري خطبي ۾ به ڏنل آهي: ’ڪنهن به عربيءَ کي عجميءَ تي فوقيت حاصل ناهي. توهان مان ڪامل اهو آهي، جيڪو متقي آهي.‘ تقويٰ جي اسلام ۾ اهم حيثيت آهي. قرآن شريف توڙي حديث مبارڪ ۾ تقويٰ تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنل آهي. اسلام ۾ ان شخص کي وڌيڪ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي، جيڪو پرهيزگار آهي. دين جي بزرگن جي وڏي ۾ وڏي خوبي به اهائي هوندي آهي ته اُهي انتهائي پرهيزگار ۽ تقويٰ متعلق قرآني هدايتن تي هلندڙ هوندا آهن. تقويٰ، حڪم جي پابنديءَ جو نالو آهي. علامه آءِ. آءِ. قاضي تقويٰ جي معنيٰ پابندي ڏني آهي، يعني منع ڪيل ڳالهين کان پابندي .


لفظ تقويٰ هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
اجتهاد
اويس قرنيِ حضرت
ايران
ٻنوي مولانا محمد سليمان
تنبية الفقراءِ
ٺٽوي شاهه اسماعيل صوفي
تصوف
تقويٰ
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پير سرهندي
پير عبدالحئي نقشبندي
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه (ثاني)
جعفر صادق عليه السلام امام
جونپوري سيد محمد
ڄام نظام الدين سمو
حديث
حسني قادري، حاجي شاهه جيلاني
حسين شاهه ڪاڇيلاڻي
حشر سورة
حنا ۽ عمران
خواجه الله بخش غفاري، سهڻا سائين
دنيا جي حقيقت
هن صفحي کي شيئر ڪريو