داخلا نمبر 4521
عنوان تلوڪ تلسياڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 381 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تلوڪ تلسياڻي

تِلوڪ تُلسياڻي: تلوڪ موهنداس تلسياڻيءَ جو جنم 17 جولاءِ 1910ع تي، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ جي هڪ بئنڪ ۾ ڪلارڪ ٿيو، پر خدمت جي جذبي سبب نوڪري ڇڏي، اچي نوابشاهه وسايائين. اُتي ڪانگريس جي ڪم ڪرڻ سان گڏ ”نو ڀارت“ هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ سبب جيل ياترا به ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي اجمير شريف ۾ ويٺو. تلوڪ تلسياڻي اجمير ۾ پهرين روزاني اخبار ”نوڀارت“ ۽ پوءِ هفتيوار ”نوڀارت“ جو ايڊيٽر ٿيو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ سماجي ۽ تعليمي ڪم به ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

17.07.1910  عيسوي

تلوڪ موهنداس تلسياڻيءَ جو جنم 17 جولاءِ 1910ع تي ، درٻيلي ، تعلقي ڪنڊياري ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون