داخلا نمبر 4751
عنوان تنوير جوڻيجو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 328 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تنوير جوڻيجو

تنوير جوڻيجو

تنوير جوڻيجو

تنوير جوڻيجو: مشهور افسانه نگار، محترمه تنوير جوڻيجو ڌيءُ صدرالدين جوڻيجو 6 فيبروري 1954ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي شهر مٺيءَ ۾ ڄائي. ايم. اي سوشيالاجيءَ ۾ ڪيائين. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي شعبي ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ 1974ع ۾ ڇپيل آهي. سندس ڪهاڻين جو موضوع سنڌي عورت سان سماج ۾ ٿيندڙ ويساهه گهاتيون آهي. ان کان سواءِ سماجيات تي مضمون ۽ ڪتاب لکيل اٿس. هن سماجيات (sociology) جي لغت پڻ ترتيب ڏني آهي، جيڪا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿي چڪي آهي.2004ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ’عورت، سماج ۽ ڏاڍ‘ جي عنوان سان ڇپيل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل عورتاڻي ادب جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو