داخلا نمبر 6098
عنوان تهران
شاخ شهر
پڙهيو ويو 308 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
تهران جو نقشو

تهران جو نقشو

تهران

تهران: ايران جو تخت گاهه، جنهن جو اصل عربي نالو ’طهران‘ هو، جيڪو فارسي ٻوليءَ ۾ مٽجي ”تهران“ ٿيو. هيءُ شهر پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان ئي انقلابن جي زد ۾ رهيو آهي. موجوده وقت ۾ تهران جي وڏي خوبصورتي اُتي جون عمارتون آهن، جن ۾ باغ ۽ گل ڦل آهن. شهر جي چوڌاري محل ۽ ڪشاديون جايون آهن، جيڪي قاچاري فن تعمير جون شاهڪار آهن. 1915ع تائين سڄي ايران ۾ هڪڙي ئي ”تهران ريلوي لائين“ هئي. ان زماني ۾ تهران، ايران ۾ مرڪزي حيثيت رکندو هو. مهرآباد (تهران جي الهندي طرف 5 ميلن جي پنڌ تي) هن وقت هڪ بين الاقوامي هوائي اڏو آهي، جيڪو دنيا جي وڏن اڏن سان ڳنڍيل آهي. ايران جي ملڪي نظام ۾ تهران جي حيثيت مرڪزي آهي. سال 1875ع ۾ ايران ۾ گئس جو ۽ 1905ع ڌاري بجليءَ جو استعمال شروع ٿيو. پهلويءَ حڪومت جي دور ۾، شهر اندر عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترا ڪم شروع ٿيا. هن وقت تهران جي آدمشماري ڪروڙ کان وڌيڪ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ايران )


لفظ تهران هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
بابي تحريڪ
اسڪندر مرزا
ابڙو اسحاق ڊاڪٽر
ايران
اسٽالن
تهران
تذڪره لباب الالباب
تذڪره محڪ شعراءِ
تذڪره نويسي فارسي در هند و پاڪستان
تبريز
تاريخ بخارا يا اخبارِ بخارا
پير حسام الدين راشدي
چچ نامه/ چچ نامو
خاتمي، سيد محمد
خامنائي، سيد علي حسيني
خسرو بيگ مرزا
خميني، آيت الله
هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باقراڻي
بٺورو
بخارا
بدين
ٻانڀڻاهه
ٻانڌي
ٻٻرلوءِ
ازبڪستان
ٻنگار (شهر)
ٻنون (شهر)
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون