داخلا ؛ 5026
پڙهيو ويو ؛ 250
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-16


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تور وال

ٽائيٽل ؛ تور وال


شاخ : سماج

تور وال (قبيلو ):هي غير -پٺاڻ- قبيلو سوات جي هيٺئين علائقي، يوسف زئي قبيلي جي فتح کان اڳ 16هين عيسوي تائين هتي -آباد- هو، پر هاڻي هو سوات جي ڪوهستاني علائقي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن ڏانهن ڌڪجي ويا آهن. -تور وال- نالي ماتر ياسين ۽ مستوج (Mastuj) جي سردار قبيلي خشونت جي سرداري نظام هيٺ رهن ٿا. هن قبيلي جي مادري -ٻولي- -تور- والي آهي. هي قبيلو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. (1) نريت Narait ۽ (2) دري خيلي Dre-Khal. نريت قبيلي جون بي لوٽ، بدلوٽ، چموٽ، خان خيل، نر جملوٽ ۽ جملوٽ، جڏهن ته دري خيلي قبيلي جون دري، دري خيلي، ڪيپوٽ، بوٽ ۽ باست شاخون آهن. -تور وال- اڄڪلهه -ٽن- جاين تي -آباد- آهن: (1) -تعلقو- -بحرين- (سنڌو درياهه جو اولاهون ڪنارو)، (2) -تعلقو- -بحرين- (سنڌو درياهه جو -اوڀر- وارو ڪنارو)، (3) -تعلقو- ميدين بشي گرام وارو. انهن کان سواءِ ڪالام ۽ چين جي ڪن علائقن ۾ به هن قبيلي جا ماڻهو موجود آهن، پر -بحرين- ئي سندن وڏو رهائش وارو خطو ليکيو وڃي ٿو. جيستائين نسل جو لاڳاپو آهي ته اهي ٽئي قبيلا پاڻ کي هڪ ٻئي کان نسلي طور الڳ سمجهن ٿا. مقامي روايتن موجب هي ماڻهو قديم وقت ۾ عربستان ۽ خاص ڪري سعودي عرب جا رهندڙ هئا، پر -اسلام- قبول نه ڪرڻ سبب اتان لڏي -افغانستان- جي علائقي ”تورواج گل“ ۾ آيا، ڪن اڻڄاتل سببن سبب اتان لڏي سوات ۾ ’بري ڪوٽ‘ جي هنڌ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻائي، اُتي رهڻ لڳا. پنج صديون کن اڳ هنن کي اتان لڏي هاڻوڪين وسندين کي -آباد- ڪرڻو پيو، پر نسلي ۽ لساني ماهر پروفيسر ’جي- ٽوجي‘ لکي ٿو ته اهي ماڻهو جيڪي پريسي پولسل جي ڪتبي ۾ هداس (Hidas) جي نالي سان موجود آهن، سي 1700ق.م جي پڇاڙي تائين وچ -ايشيا- مان انهن علائقن ۾ آيا. -بحرين- جو علائقو، جنهن جو پراڻو نالو ’برانيا‘ يا ’ڀونال‘ هو، هڪ وسيع ۽ ويڪرو علائقو آهي، جنهن کي سوات جي درياهه ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪالام ۽ مدين جي وچ ۾ واقع هڪ بهترين تفريح گاهه سمجهيو وڃي ٿو. -ان- جو مفاصلو سيدو شريف کان 64 ۽ ڪالام کان 36 ڪلوميٽر ٿئي ٿو. اهو علائقو سامونڊي سطح کان اٽڪل 4500 فوٽ اوچو آهي. -ان- جي مشهور هنڌن مان بحرين، پنجي گاهه، زور ڪلي، پشمال داروئي، اريانئي، ڪيدام، راميٽ ڪلائي، ساتال، اباسين، گورني ۽ اسوڪا مشهور آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تور وال- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تور وال - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن