داخلا نمبر 5880
عنوان تولارام عاجز
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 441 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تولارام عاجز

تولارام ’عاجز ‘:تولارام ’عاجز‘ سنڌ جي تاريخي شهر نوشهري فيروز ۾ 1884ع ڌاري جنم ورتو. سندس والد جو نالو مينگهراج ٻالاڻي هو. تولارام پهرئين انگريزي کان چوٿين تائين ٺارو شاهه ۾، پنجون درجو ڀِرين ۾ ۽ ڇهون درجو نوودياليه اسڪول حيدرآباد (هاڻوڪي اولڊ ڪئمپس) ۾ پڙهيائين. شاگرديءَ جي زماني ۾ يا ته مطالعو ڪندو يا فوٽ بال ۽ ڪرڪيٽ راندين ۾ لڳو رهندو هو. ذهين حد درجي هو. انگريزي، سنڌي ۽ فارسيءَ ٻولين تي سٺي مهاوت رکندو هو. نو ودياليه ۾ پڙهڻ دوران ديوان پرڀداس، ديوان ڏيارام هرومل ۽ ٻين اعليٰ شخصن جي صحبت ۾ گهڻو پرايائين. سندن صحبت ۾ هن جو پهرين برهمو سماج ڏانهن لاڙو ٿيو. اتي هو سين بابو، بابو روبين ۽ ڀڳت روپچند جي صحبت ۾ راڳ طرف مائل ٿيو. پيءُ ۽ ٻين کان مالي مدد نه ملڻ سبب هن جي اسڪولي تعليم ڇهين انگريزيءَ تائين رهي. هن کي سرڪاري نوڪريءَ کان نفرت ۽ ملڪي ۽ سماجي خدمت ۾ دلچسپي هئي. حيدرآباد ۾ رهائش دوران سک پنٿ ۽ آريا سماج جو سٺو مطالعو ڪيائين. سوامي هيمراج جي اردو ڪتاب ”گلزار معنيٰ“ جو سنڌيءَ ۾ ”آتم ڦلواڙيءَ“ جي عنوان سان ترجمو ڪيائين. جيڪو ڪتاب 1906ع ۾ ڇپيو. نو ودياليه جي ماستر جيوترام سان گڏجي قطب شاهه جهانيان جي درگاهه تي ويندو هو، جتي پنهنجا بيت ۽ ڪافيون، مستيءَ ۾ اچي ڳائيندو هو. 1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي وقت نشي ۽ ولائتي مال جي بائيڪاٽ واري هلچل ۾ حصو ورتائين ۽ ڪلڪتي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪيائين. هن موٽڻ بعد انگريز سرڪار خلاف سخت تقريرون ڪيون، تولارام عاجز صحافت جو رستو اختيار ڪيو، “Voice of Sindh”، انگريزيءَ ۾ ۽ ”صداءِ سنڌ“ سنڌيءَ ۾ اخبارون جاري ڪيائين. هڪ ڀيري انگريزن خلاف سخت ايڊيٽوريل لکڻ ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر ايف. جي. پرال مٿس قلم 124 هيٺ بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ وارو هو، پر ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ ڪليڪٽر کي اهڙي قدم کڻڻ کان اهو چئي باز آندو ته ائين ڪرڻ سان هڪ طرف تولارام کي شهرت ملندي ۽ ٻئي طرف سرڪار خلاف باغي جذبات ڀڙڪندا. ديوان ڪوڙو مل، تولارام کي دلي طرح ڀائيندو هو. ڪليڪٽر تولارام تي بغاوت جو ڪيس ته نه ڪيو پر سندس اخبار ضبط ڪيائين. ان بعد هن ”ديش ماتا“ اخبار جاري ڪئي. ڪجهه پرچا ٽائيپ ۾ ڇاپي ڪڍيائين، پر پوءِ پريس ڇپڻ کان انڪار ڪيو ته ليٿو تي ڪڍيائين. وقتي پئسي پئسي وارن نوٽبڪن تي لکي ڪڍيائين، پر اها اخبار به سرڪار ضبط ڪئي. ان بعد ”سنڌ شيوڪ“ ماهوار رسالو ڪڍيائين، جنهن کي اڳتي هلي هفتيوار اخبار ۾ تبديل ڪيائين. اها اخبار به پريسن ڇپڻ کان نابري واري. تولارام بيباڪ ۽ بيڊپو صحافي ۽ اخبار نويس هو. مشهور عالم لعلچند امرڏني مل، سندس اخبار نويسيءَ تي ”هندستان“ اخبار جي پهرين آگسٽ 1946ع ۾ ”سنڌي اخبار نويسيءَ جي تاريخ“ سري سان مضمون ۾ لکيو ته:
”سرڳواسي تولارام ٻالاڻيءَ ”ماتا“ نالي ٺيٺ سياسي اخبار ڪڍي هئي. هيءُ جوان تڳيو ڪو نه، نه ته رنگ ڪري ها!... هي نرڀئه (بي ڊپو) اهڙو، جو سرڪار جي نيتيءَ تي بي ڌڙڪ نقطه چيني ڪندو هو... سچ پچ تن ڏينهين تيل نه پر پاڻي ٿي ٻريو، ڪير جو سرڪار بنسبت ڪا ڪچي ڦڪي ڳالهه لکي، ٽنگيو نه پيو هجي! هن جي ”ماتا“ اخبار سرڪار ضبط ڪئي ته هن وري ٻي اخبار ڪڍي، ان کي به سرڪار نه سٺو، پر مڙيو موٽيو هي به ڪونه!
هن ان وقت ”تعليم جو تارو“ ۽ ”دادا ڀائي نو روز جي“ نالي ٻه ننڍا راڄنيتي (سياسي) ڪتاب به ڇپائي پڌرا ڪيا. شعر ٺاهڻ جي ته ايشوري (خدائي) ڏات مليل هيس. ”ملڪ مداح“ نالي قومي شعرن جو ڪتاب پڻ ڇپجي پڌرو ڪيائين هئائين، جنهن ۾ ديش ڀڳتي ۽ سوديشي وغيره وشين (موضوعن) تي ڀڄن (ڪلام) هئا، جو ڪتاب به سرڪار ضبط ڪيو.“
تولارام جي والد نوشهري کان لاڙڪاڻي لڏي اچي وڪالت ڪئي. تولارام انقلابي انسان ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن ڪراچيءَ ته ڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو. روهڙي، سکر ۽ شڪارپور ۾ به پيو ايندو ويندو هو. سکر جي پهرين ”سياسي ڪانفرنس“ ۾ شريڪ ٿيو. مذهبي متڀيد جو مخالف، هندو مسلم ايڪتا جو پرچارڪ هو. حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ بيمارين وقت پاڻ وساري بيمارن جي مدد ڪندو هو، کين ڪلام ٻڌائي وندرائيندو هو.
1909ع ۾ پنهنجي جنم آسٿان نوشهري ۾ آيو ۽ نوشهري جي پئنچائتي انگريزي اسڪول ۾ ڪجهه وقت ماستر ٿي رهيو. نوشهري ۾ هر آچر تي ڪٿا ڪيرتن ڪندو هو، يڪتاري ۽ جهانجهه تي ڳائي، ماڻهو مست ڪندو هو. شاگردن کي ديس ڀڳتيءَ جا مضمون لکائيندو هو. 1908ع ۾ نوشهري ۾ نوجوانن جي هڪ سڀا ”شيوڪ منڊليءَ“ نالي قائم ڪئي هئائين. نوشهري جي صوفي شاعر شاهه ڪمال سان به صحبت هئس، سندس ۽ شاهه نصير جا ڪلام ڳائيندو هو. 1909ع ۾ برهمو سماج جي خدمتگارن ديوان پرڀداس ۽ ٻين کي نوشهري وٺي آيو هو. شادي به ڪيائين. سندس پيءُ ۽ ٻيا عزيز، سندس سرڪار مخالف هلت کي پسند نه ڪندا هئا، پر هي پنهنجي ڌن ۾ مست رهندو هو. هن کي مالي تنگي به رهندي هئي، پر دوست ۽ شاگرد ڳجهيءَ طرح سندس مدد ڪندا هئا. نوشهري ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترا ڊراما اسٽيج ڪرايائين، جن ۾ خود به پارٽ ادا ڪندو هو. ڪيترا ناٽڪ لکيائين. هن ڪيترا مشاعرا ڪرايا، پاڻ به سٺو شاعر هو. ”جيءَ اندر جنگ“ ۽ ”گيان گلزاري“ سندس شعري مجموعا ڇپيل آهن. آخري ڄمار ۾ مست الست ٿي يڪتارو کڻي ڳائيندو وتندو هو. صوفي مت جو متوالو هو. ڪڏهن بيدل ۽ بيڪس جي درگاهه تي، ڪڏهن ڪنڊڙيءَ ۾ روحل فقير جي آستاني تي، ڪڏهن قلندر لال شهباز، ته ڪڏهن لطيف سائينءَ جي درگاهه تي پيو ڀيرا ڪندو هو، ته ڪڏهن قطب شاهه جهانيان جي حاضري اچي ڀريندو هو. پڇاڙيءَ وارا ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. سوامي ڌرم داس سان نينهن جو ناتو هوس. مرتئي کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ خط لکي رکيو هئائين، جنهن ۾ لکيو هئائين:
هـي تـولـو رام ۾، هـي رام تولي ۾
سُــتـت جــل ۾ جـــل ٿــي ويــنـدو.
خدا جي قدرت، ٿيو به ائين، 13 جولاءِ 1913ع تي سنت ڌرمداس جي حاضريءَ ۾ ويو ۽ کيس چيائين ”هاڻي وڌيڪ نه رهبو“. ان ئي وقت سوامي ڌرمداس جي چيلي اٽل رام، ڀڳت ڌنورام ۽ ٻين سان گڏ گهاڙ واهه تي وهنجڻ ويو، ان وقت گهاڙ ۾ 6- 7 فوٽ پاڻي مس هو. سنان ڪندي اهڙي ٽٻي ڏنائين جو الوپ ٿي ويو، سچ پچ پنهنجي لکڻ موجب جل سان جل ٿي ويو. ”عاجز“ جي ڏاڍي ڳولا ڪئي وئي، ٽوٻا آندا ويا، ٻيڙيون آڻي مهاڻن ڄار وڌا، پر سڀ ڪجهه بيسود. تولارام عاجز، جل سان جل ٿي ويو. هن بابت جهامنداس ڀاٽيا، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، لعلچند امر ڏني مل، ڪرمچند هنڱوراڻي، ويرو مل بيگراج (ايڊيٽر ”سنڌي“ سکر) تارا چند گاجرا، پرسرام ٽهلرام ۽ ٻين جا مضمون پڙهڻ وٽان آهن.
1960ع ۾ اجمير مان پرڀداس برهمچاريءَ تولارام بابت اديبن، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن جي تاثراتي مضمونن ۽ تولارام عاجز جي چونڊ شعرن تي ٻڌل ڪتاب ڇپايو هو، جنهن ۾ عاجز جي ڪتابن جي هيٺين لسٽ ڏني اٿس: (1) تعليم جو تارو، (2) دادا ڀائي نوروزجي، (3) مينهن جي رنگ سان نينهن جي جنگ، (4) جيءَ اندر جنگ، (5) ٻالڪن جو بل، (6) عاجز جا آلاپ، (7) ڪرم چڪر.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.00.00  عيسوي

تولارام عاجز 1884ع ڌاري جنم ورتو.


1913.07.13  عيسوي

تولارام عاجز 13 جولاءِ 1913ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون