داخلا ؛ 6049
پڙهيو ويو ؛ 212
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-04-10


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--تونگ شريف

ٽائيٽل ؛ تونگ شريف


شاخ : ڳوٺ

تونگ شريف: دادو ضلعي جي دمبار قطار ويجهو جو هڪڙو ڳوٺ ”تونگ ماٿري“ جنهن کي عام طور ”تونگ شريف“ سڏجي ٿو. -تونگ- لفظ ’تونگر‘ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ’سکيو ستابو، سؤکو، پنهنجيءَ وارو، خوشحال، سردار يا توانو، طاقتور ۽ بي پرواهه. اهڙيءَ طرح -تونگ- لفظ مان هيٺيون معنائون پڻ نڪرن ٿيون:
1. زمين جي اهڙي وڏي ايراضي يا علائقو، جنهن جي چؤگرد -بند- ٻڌي، پاڻيءَ کي ٻئي پاسي وهڻ / وڃڻ يا ضايع ٿيڻ کان روڪيو ويو هجي.
2. آبادي لاءِ مخصوص زمين.
3. آباديءَ لاءِ وڏي وسيع ايراضي
4. باراني زمين
5. اها زمين جيڪا اڻانگي جاءِ، حد/ فاصلي تي هجي.
6. ڪنڀ/ڍنڍ (شايد اهڙي جڳهه -جتي- مينهن جو -پاڻي- جمع ٿيندو هجي).
تونگ شريف جي ڀرپاسي ڪيترن ئي قديم ماڳن جا آثار موجود آهن. -تونگ- جي اولهه- -اتر- ۾ واقع ميرن جو دڙو يا ”مهيري“ دڙو آهي، جنهن بابت -آثار قديمه- جي ماهرن جي راءِ آهي ته اتي سنڌو -تهذيب- جا ڪي لڪل گوشا دفن ٿيل آهن. اهڙا ئي ٻيا آثار پڻ -تونگ شريف- جي -اتر- -اوڀر- ۽ ڏکڻ اولهه جي چئني پاسي پکڙيل نظر اچن ٿا.
تونگ شريف جي -اتر- اولهه ۾ واقع ”ڄام لوهار“ جو تاريخي قبرستان ڀرپاسي جي زائرين ۽ قديم ماڳن سان دلچسپي رکندڙ محققن لاءِ روحاني ۽ تحقيقي ڪشش رکي ٿو. -تونگ شريف- جي اولهه ۾ هڪ قدرتي چشمو سال جو ٻارهوئي -پاڻي- ڏيندو رهي ٿو. هن چشمي جو -پاڻي- صاف، شفاف ۽ مٺو آهي. جيڪو ڳوٺ واسين جي روزمره ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ -ٻني- ٻاري لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چشمي ويجهو هڪ مزار آهي، جيڪا ”رتن شاهه جي زيارت گاهه“ نالي مشهور آهي. -جتي- ڀرپاسي جي ڳوٺن جا مقامي ماڻهو سکائون ۽ باسون کڻي ايندا آهن.
تونگ شريف جي تاريخي قبرستان ۾ لڳ ڀڳ ساڍن -ٽن- سون جي لڳ ڀڳ پيلي رنگ جي وارياسي -پٿر- جون خوبصورت چٽساليءَ واريون قبرون موجود آهن. -جن- مان ڪجهه قبرون وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مناسب سار سنڀال نه هئڻ سبب ڀڄي ڀري ۽ ڊهي پيون آهن ۽ ڪجهه ڊهڻ ڪنڌيءَ تي آهن. غور سان ڏسڻ بعد هي قبرستان -ٽن- حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. قبرن جي جوڙجڪ ڏسڻ بعد معلوم ٿيندو ته اهڙيون ئي قبرون سنڌ ۽ -بلوچستان- ۾ نظر اينديون. مثلاً سنڌ ۾ مڪلي، سونڊا، جهرڪ، راڄ ملڪ، پير پٺو، چٽوڙي ۽ ڪراچي لڳ چوڪنڊيءَ ۾ ڏسجن ٿيون. ساڳئي جوڙجڪ واريون قبرون -بلوچستان- جي علائقي هنيدان ۾ موجود آهن. اهڙيون ئي قبرون هندستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ -پٿر- تي گهڙيل ۽ چٽن ۽ گلن ٻوٽن سان پاڻ پسائن ٿيون. سنڌ ۾ اهڙين قبرن کي ’گهوڙاوتون‘ يا گهاڙيون چوندا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -تونگ شريف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

تونگ شريف - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن