داخلا ؛ 4963
پڙهيو ويو ؛ 264
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-14


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--توڏر مل راجا

ٽائيٽل ؛ توڏر مل راجا


شاخ : شخصيت

توڏر مل، راجا: -اڪبر بادشاهه- جي نون (9) رتنن مان هڪ رتن راجا توڏر مل به هو، جيڪو ذات جو کتري هو، سندس اصل وطن بابت ڪنهن به -تاريخ- دان ثابتيءَ سان ڪو نه لکيو آهي. ڪن جو خيال آهي ته هو لاهور جو هو، مگر ايشياٽڪ سوسائٽي وارن سندس وطن -اوڌ- جو -تعلقو- لاهرپور قرار ڏنو آهي.
سندس تعلق غريب گهراڻي سان هو، پر سندس ماءُ جي دعائن رنگ لاتو ۽ شير شاهه سوريءَ جي دور ۾ منشيءَ طور ڀرتي ٿيو، شهنشاهه اڪبر جي دور ۾ پنهنجي لياقت ۽ قابليت سبب اڪبر جي بادشاهيءَ جي 22 صوبن جو وزير ماليات مقرر ڪيو ويو. کيس غور ڪرڻ، قائدن جي پابندي ۽ ڪم کي سليقي سان نڀائڻ جو وڏو ڏانءُ هو. توڏرمل ڪتاب پڙهڻ جو گهڻو شوقين هو، جنهنڪري نه صرف علم جي حاصلات پر عقل ۽ فهم ۾ به ڀڙ هو. توڏر مل ڌرم ڪرم ۽ پوڄا -پاٺ- ۾ مڪمل هندو هو، مگر وقت جي نزاڪت کي ڏسي ويس بدلائيندو هو. توڏرمل حساب ڪتاب ۽ قانون ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪندو هو، هن لاءِ مشهور هو ته هو سخت مزاج آهي. 972هه/ 1564ع ۾ جڏهن خان زمان کي ڪڙا مانڪ ۽ مير معيز الملڪ کي -بهادر- خان جي مقابلي لاءِ قنوج موڪليو، ته اڪبر توڏر مل کي به مير معيز سان گڏ انهيءَ معرڪي ۾ شامل ڪيو. هن انهيءَ معرڪي ۾ پنهنجا جنگي جوهر چڱي نموني ڏيکاريا، جنهنڪري اڪبر وٽ وڏي عزت مليس. چتور، رن ٿنبور ۽ سورت جي فتحن ۾ توڙي هو شامل ڪو نه هو مگر، انهن فتحن ۾ سندس عقل ۽ فهم لشڪر سان بهرحال شامل رهيو. 980هه/1572ع ۾ کيس حڪم مليو ته پاڻ گجرات وڃي اتان جي مال گذاريءَ جو -جائزو- وٺي. 981هه/1573ع منعم خان جي سپهه سالاري ۾ -جنگ- ڏاڍي ڊيگهه ورتي ۽ اڪبر کي اها به خبر پئي ته شاهي لشڪر رڳو مال غنيمت جي پويان آهي، سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي، ته -اڪبر بادشاهه- توڏرمل جي مشوري سان، ڪن اميرن کي وڌيڪ لشڪر ڏئي قنوج موڪليو. توڏرمل به انهيءَ لشڪر ۾ شامل هو. سندس مٿان لشڪر جو انتظام هو. هن وڃڻ سان ئي لشڪر کي نئين نموني ترتيب ڏئي ميدان ۾ لاٿو ۽ ميدان ماريائين. اهڙي نموني -پٽنا- ۽ -بنگال- وارين لڙاين ۾ به هن پنهنجا جنگي جوهر ڏيکاريائين. 990هه/ 1582ع ۾ هن -اڪبر بادشاهه- جو جشن پنهنجي گهر ۾ ڪيو. -اڪبر بادشاهه- به وفادارن سان وفادار رهندو هو، سندس گهر ضيافت تي ويو ۽ هڪ هزاري منصب عطا ڪيائينس. 993هه/1584ع ۾ کيس چار هزاري منصب مليو. هن حساب ڪتاب رکڻ لاءِ ”نازن“ نالي رسالو به لکيو هو. توڏرمل نه صرف اڪبر جي مالي معاملن ۾ وزير ۽ خاص وزير هو، پر هو -تلوار- جو به ڌڻي هو، جنهنڪري سندس مخالفن جو تعداد به چڱو خاصو وڌيل هو. 996هه/1587ع ۾ کيس ڪنهن حريف اوندهه ۾ -تلوار- هڻي ماري وڌو. -ابوالفضل- انهيءَ ماجرا تي لکيو آهي ته ڪن اميرن کي سندس نيڪ نيتيءَ تي شڪ هو ته ڪن کي مذهبي عداوت سبب اختلاف. مگر تحقيقات کان پوءِ -پتو- پيو ته راجا توڏرمل ڪنهن کتريءَ کي سندس ڪنهن غلط عمل جي سزا ڏني هئي. انهيءَ سزا -ان- کتريءَ جي اعصابن تي سوار رهي ۽ هو موقعي جي -تلاش- ۾ رهندو پئي آيو. هڪ رات اهڙو موقعو هن کي هٿ اچي ويو. آخر انهيءَ کتري ۽ سندس ساٿيءَ کي سزا ملي، پر هندوستان کي وري اهڙو مالي ماهر ۽ -تلوار- جو ڌڻي نه مليو. اڪبر کي سندس قتل جو شديد صدمو پهتو هو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -توڏر مل راجا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

توڏر مل راجا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن