داخلا نمبر 6330
عنوان تيل
شاخ طب
پڙهيو ويو 245 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

تيل

تيلُ: روغن، جيڪو ڪنهن به تيلي ٻج مان نڪري: جيئن سرنهن، ڄانڀي، تِرن وغيره جو تيل ۽ زمين مان ڪڍيل معدني تيل يعني گاسليٽ، پيٽرول وغيره. هر قسم جي تيل جي خاصيت جدا جدا آهي. ٻهراڙين، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ماڻهن تجربي مان ڄاتو آهي ته سرنهن جو مٺو تيل دماغ جي خشڪي لاهي ٿو، مٿي جي ٻڦي، خارش، اک مان پاڻي وهڻ ۽ اکين جي ڦٽن ڦرڙين کي فائدو ڏئي ٿو. ڄانڀي جو ڪڙو تيل مٿي جي پتِ ڇٽائڻ ۽ جوئن مارڻ جو اثر رکي ٿو. ڏندڻ سان اهو تيل ڏندن کي لڳائبو ته ڏندن جو سور لهي ويندو آهي ۽ وات جي بدبوءِ ختم ٿي ويندي آهي.
تيل بلسان: حڪيمن چواڻي هيءُ تيل ڳاڙهاڻ مائل ڪاري رنگ جو ۽ پٽڙو ٿيندو آهي. اُن جو ذائقو ڪڙو آهي. ڪيترين بيمارين ۾ دوا طور ڪم ايندو آهي ۽ گهڻو فائديمند آهي.
تيل ڪباب چينيءَ جو: هيءَ تيل پاڻيءَ جهڙو پٽڙو، اڇي رنگ تي خوشبوءِ دار ٿئي ٿو ۽ طب جي ڪم اچي ٿو.
تيل زيتون جو: هيءُ تيل زيتون کي پيڙي تيار ڪبو آهي. طب ۾ ڪم اچي ٿو. اڌ رنگ، هڏن جي ڪمزوري وغيره جي صورت ۾ ان سان مالش ڪرڻ سان فائدو ڏٺو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

طب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا گوري
بابونو
بابونو کسي
بادرنگ
باديان خطائي
آتـشي
بانٺ چورو
اطرِيفل
اٺ ڪچور
انجڻيون
طب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون