داخلا نمبر 5019
عنوان ثابت بن قيس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 189 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ثابت بن قيس

ثابت بن قيس: حضرت بن قيس'>ثابت بن قيس پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جو اصحابي هو، سندس ڪنيت ابو محمد ۽ لقب ”خطيب رسول الله صلي الله عليه وسلم هو ۽ خزرج قبيلي مان هو. گھڻن ئي غزوات ۾ پاڻ سڳورن سان گڏ هو. 9هه/630ع ۾ بنو تميم جي وفد اڳيان هن پاڻ سڳورن جي حڪم سان جيڪو جوابي خطبو پڙهيو، اهو ٻڌي بنو تميم وارا دنگ رهجي ويا. 11هه/632ع ۾ جڏهن طليحه تي لشڪر ڪشي ڪئي وئي، تڏهن انصار حضرت بن قيس'>ثابت بن قيس جي قيادت ۾ هئا. جڏهن هڪ آيت نازل ٿي، جنهن ۾ مسلمانن کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي اڳيان تيز ڳالهائڻ کان تمام سخت منع ڪئي وئي، تڏهن حضرت قيس تمام گھڻو فڪر مند ٿي سر جھڪائي، پنهنجي گھر ۾ ويهي رهيو ۽ جڏهن اصحابن هن کان سبب پڇيو ته هن روئي چيو ته پاڻ سڳورن اڳيان جنگين ۾ آءٌ تمام تيز ڳالهائيندو هئس، انهيءَ ڪري ڏاڍو پريشان آهيان. جڏهن ان ڳالهه جي خبر پاڻ سڳورن کي پئي ته پاڻ فرمايائون ته ”خدا جو قسم ثابت آءٌ توکي جنت جي بشارت ڏيان ٿو.“ حضرت بن قيس'>ثابت بن قيس 12هه/633ع ۾ هڪ ڪافر سان مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو