داخلا ؛ 5037
پڙهيو ويو ؛ 298
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-18


تصويرون


saqib-rahim-alden.gif
ثاقبه رحيم الدين
ثاقبه رحيم الدين



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ثاقبه رحيم الدين

ٽائيٽل ؛ ثاقبه رحيم الدين


شاخ : شخصيت

ثاقبه رحيم الدين: خاتون اديبه، محقق، سماجي ڪارڪن. ثاقبه
رحيم الدين پهرين نومبر 1940ع تي ڍاڪا (بنگال) ۾ پيدا ٿي. -جتي- سندس والد ڊاڪٽر محمود حسين ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ -تاريخ- جو ريڊر هو ۽ -پاڪستان- ٺهڻ کانپوءِ هو -پاڪستان- ۾ رهائش پذير ٿيا. سندس والد پروفيسر محمود حسين -آگسٽ- 1971ع کان -اپريل- 1975ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. بعد ۾ دفاع، پرڏيهي معاملن، رياستي ۽ قبائلي معاملن جو وزير مملڪت ۽ پوءِ وزير -تعليم- پڻ رهيو. سندس ڌيءَ ثاقبه جو اصل نالو ثاقبه خانم آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) ۾ اعليٰ پوزيشن حاصل ڪيائين، ۽ فرسٽ ايڊ جو ڪورس به ڪيائين. 28 ڊسمبر 1958ع تي هن جي شادي جنرل رحيم الدين سان ٿي. 1975ع ۾ هن عوامي فلاح ۽ بهبود جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. بالغن جي تعليم، ٻارڙن جي صحت جي حفاظت، گهريلو دستڪارين ۽ عورتن جي پيشه ورانه تربيتي مرڪزن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪيائين. سندس مڙس جڏهن -بلوچستان- جو گورنر هو ته هن -ان- دوران -بلوچستان- ۾ به ڪيترن ادارن جو بنياد رکيو ۽ انهن ۾ ڪم ڪيو. هوءَ -پاڪستان- چلڊرين اڪيڊميءَ جي باني ۽ تاحيات صدر، گونگن ۽ ٻوڙن جي ويلفيئر سوسائٽيءَ جي صدر، ”قلم قبيله“ نالي ادبي انجمن جي باني صدر رهي آهي. -اردو- ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي به آهي. هن ٻارڙن لاءِ ڪيترائي ڪتاب -تصنيف- ڪيا آهن، -جن- مان ”چاند تارا“ (اردو) مقبول آهي. سندس فڪري ۽ تاثراتي مضمونن جو هڪ مجموعو ”محفل تنهائي“ به شايع ٿيل آهي. -پاڪستان- چلڊرين اڪيڊميءَ طرفان سندس ڪتاب ”مين پاڪستاني هون“ ٻه جلد ڇپيل آهي. -ان- کان سواءِ سندس ”قلم قبيله“ جي عنوان سان ادبي مقالن جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن. هوءَ جيتوڻيڪ -اردو- جي ليکڪا آهي، پر سنڌي، بلوچي، براهوي، پشتو ۽ -انگريزي- زبانن تي به عبور حاصل اٿس.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ثاقبه رحيم الدين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ثاقبه رحيم الدين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن