داخلا نمبر 7094
عنوان جابر بن افلح
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 300 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جابر بن افلح

جابر بن افلح

جابر بن افلح

جابر بن افلح: ابو محمد بن افلح'>جابر بن افلح الاشبيلي، اسپين جي شهر اشبيليه ۾ 555 هه/ 1160ع ۾ پيدا ٿيو، مغربي سائنسدانن ۾ بن افلح'>جابر بن افلح لاطيني نالي ’جبر‘ سان مشهور آهي.

جابر ابن افلح رياضي ۽ فلڪيات جو ماهر هو. هن جو سڀ کان اهم ڪم بطليموس جي ڪتاب ’المجسط‘ کي نون بابن ۾ ٻيهر ترتيب ڏيڻ هو. برلن جي مخطوطي ۾ ان جو نالو ’اصلاح المجسطي‘ آهي. البرٽس ميڪنس پنهنجي ڪتاب “Specutum Astronomiae” ۾ هن ڪتاب کي 'Flores' سڏيو آهي، جيڪو غالباً 'Flores Almagesti' جي مختصر شڪل آهي. بن افلح'>جابر بن افلح، فلڪيات بابت بطليموس جي ڪجهه نظرين تي ڪافي تنقيد ڪئي آهي. ’اصلاح المجسطي‘ جي ديباچي ۾ بطليموس جي غلطين جي هڪ فهرست موجود آهي. جابر جو ٻيو اهم ۽ مشهور ڪم ’انحراف سيارگان اسفل‘ آهي، جنهن ۾ عطارد ۽ زهره بابت ڄاڻ ڏنل آهي. بطليموس عطارد ۽ زهره ٻنهي سيارن جي جڳهه سج کان هيٺ مقرر ڪئي هئي ۽ دعويٰ ڪئي هئائين ته حقيقت ۾ سيارا ڏسڻ واري جي اک ۽ سج کي ملائڻ واري ليڪ تي ڪڏهن به موجود نه هوندا آهن. جابر بطليموس جي هن دليل کي رد ڪندي عطارد ۽ زهره جو مقام سج کان مٿي مقرر ڪيو. سندس ان تنقيد ۽ حقيقت پڌري ڪرڻ واري عمل کيس مغربي سائنسدانن وٽ هڪ مستند حيثيت ڏياري.

سندس وفات بابت ڪا پڪي معلومات نه ٿي ملي، پر يهودي فلسفيءَ ابن ميمون پنهنجي ڪتاب 'Guide of the Perplexed' ۾ ڄاڻايو آهي ته بن افلح'>جابر بن افلح ٻارهين صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.0555  هجري

جابر بن افلح: ابو محمد جابر بن افلح الاشبيلي ، اسپين جي شهر اشبيليه ۾ 555 هه/ 1160ع ۾ پيدا ٿيو ، مغربي سائنسدانن ۾ جابر بن افلح لاطيني نالي ’ جبر ‘ سان مشهور آهي .


00.00.1160  عيسوي

جابر بن افلح: ابو محمد جابر بن افلح الاشبيلي ، اسپين جي شهر اشبيليه ۾ 555 هه/ 1160ع ۾ پيدا ٿيو ، مغربي سائنسدانن ۾ جابر بن افلح لاطيني نالي ’ جبر ‘ سان مشهور آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون