داخلا ؛ 7095
پڙهيو ويو ؛ 534
پسند ڪيو ويو ؛ 10
تاريخ ؛ 2014-02-03


تصويرون


jabir bin hayan.jpg
جابر بن حيام جو مجسمو
جابر بن حيام جو مجسمو



ٽائيم لائين

00.00.0721-A.D
جابر بن حيان: انساني تاريخ جو پهريون ڪيميادان ۽ مشهور فلسـفي جـابـر بن حيـان 721ع ۾ عـراق جي شهر ’ ڪـوفي ‘ ۾ ڄـائو

00.00.0188-A.D
هن عظيم مسلمان سائنسدان ۽ ڪيميادان 188هه/803ع ۾ وفات ڪئي .

00.00.0803-A.D
هن عظيم مسلمان سائنسدان ۽ ڪيميادان 188هه/803ع ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--جابر بن حيان

ٽائيٽل ؛ جابر بن حيان


شاخ : سائنسدان

جابر -بن- حيان: انساني -تاريخ- جو پهريون ڪيميادان ۽ مشهور فلسـفي جـابـر -بن- حيـان 721ع ۾ عـراق جي شهر ’ڪـوفي‘ ۾ ڄـائو. سـندس پـيءُ جو نالو ’احـمـد بـن حـيـان‘ هـو. سـنـدس ڪُنيت ’ابُو موسيٰ‘ هُئي. -بن- حيان'>-جابر -بن- حيان- هڪ سئو کان مٿي ڪتاب لکيا، -جن- مان 22 (ٻاويهه) ڪتاب ’علم ڪيميا‘ بابت آهن. هيءُ پهريون سائنسدان هو، جنهن معدنيات کي -ٽن- گروهن ۾ ورهايو. هن پنهنجي ليبـارٽـريءَ ۾ ڌاتـن کي بهـتـر بنـائـڻ، فولاد تيار ڪرڻ، ڪپڙي ۽ چمڙي تي رنگ چاڙهڻ، لوهه کي زنـگ کان محـفـوظ رکـڻ ۽ شيـشـي ســازيءَ ۾ ميگنيز ڊاءِ آڪسائيڊ استعمال ڪرڻ جا طريقا دريافت ڪيا. جابر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو -ٽن- معدني تيزابن: لوڻ جو تيزاب، گندرف جو -تيزاب- ۽ شوري جو -تيزاب- دريافت ڪرڻ آهي. جڏهن ته سون کي حل ڪرڻ لاءِ، شوري جي -تيزاب- مان هڪ ٻيو -تيزاب- پڻ تيار ڪيائين، جنهن جو نالو ’ماءُ الملوڪ‘ هو، جيڪو هينئر تائين سون کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سٽرڪ ائسڊ، ٽارٽرڪ ائسڊ ۽ ايسيٽڪ ائسڊ به -بن- حيان'>-جابر -بن- حيان- جي دريافت آهن. هن مختلف ڪيميائي عملن جي -تشريح- به ڪئي آهي. ڪيميا جي سامان ۾ ’قرع النبيق‘ ڪرنڦل به هن جي ايجاد آهي.

سندس اهم تصنيفون هيٺيون آهن:

(1) ’ورد ڪتب المائة والاثنا عشرة ‘:هيءُ ڪيمياگريءَ جي فن بابت مضمونن جو مجموعو آهي، (2) ’ڪتاب الثبعين ‘:هي علم ڪيميا تي جـابـر جي تفصيلـي -تحقيق- آهي، (3) ’ڪتب المـائة والا ربعة ولا ربعـون‘ يا ’ڪتب الموازين ‘:ڪيميا گريءَ ۽ جملي باطني علمن جي نظرئي، خاص ڪري فلسفياڻي سوچ بابت آهي، (4) ’ڪُتب الخمس مائة ‘:هيءُ ڪتاب ڪتب الموازين جي ڪجهه مسئلن جي وڌيڪ -تحقيق- تي مشتمل آهي.

جابر جي تصنيفن ۾ ڪيمياگرن، طب، نجوم (فلڪيات)، جادو (سحر ۽ طلسم) ۽ خاص شين جي علم وغيره جو مطالعو ملي ٿو. کانئس پوءِ سندس تحريرن مان عربي ڪيمياگريءَ تمام گهڻو اثر قبول ڪيو. پوئين دؤر جي محققن سندس ڪتابن جي -تشريح- به ڪئي. سندس ڪتابن جو ترجمو لاطيني ٻوليءَ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي.

هن عظيم مسلمان سائنسدان ۽ ڪيميادان 188هه/803ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان اٽڪل ٻه سئو سال پوءِ جڏهن -بغداد- جي کوٽائي ڪئي وئي ته مختلف شين سان گڏ جابر جي پوري لئبارٽري ۽ سندس هٿن سان لکيل چند قلمي نسخا پڻ هٿ آيا.







رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جابر بن حيان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جابر بن حيان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن