داخلا ؛ 7096
پڙهيو ويو ؛ 333
پسند ڪيو ويو ؛ 4
تاريخ ؛ 2014-02-03


تصويرون




ٽائيم لائين

00.00.0903-A.D
جابر بن سنان حراني: جابر بن سنان ، فلڪيات جو ماهر ۽ پنهنجي وقت جو وڏو سائنسدان ، صناع ۽ فلڪياتي اوزارن جو ڪاريگر هو . حران شهر جو رهاڪو هو . پاڻ 903ع ۾ پيدا ٿيو




sindhianaسنڌيانا--جابر بن سنان حراني

ٽائيٽل ؛ جابر بن سنان حراني


شاخ : سائنسدان

جابر -بن- سنان حراني: جابر -بن- سنان، فلڪيات جو ماهر ۽ پنهنجي وقت جو وڏو سائنسدان، صناع ۽ فلڪياتي اوزارن جو ڪاريگر هو. حران شهر جو رهاڪو هو. پاڻ 903ع ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي وطن ۾ -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ -بغداد- هليو ويو، -جتي- هن پنهنجي پوري زندگي گذاري ڇڏي، -بغداد- ۾ هن ۽ سندس خاندان ڪافي علمي ڪم ڪري شهرت ماڻي.

جابر -بن- سنان کي فلڪياتي مشاهدن سان گهڻي دلچسپي هئي. هن فلڪياتي مشاهدي سان لاڳاپيل -اوزار- ايجاد ڪيا. هن هڪ اهڙو -اوزار- پڻ تيار ڪيو، جنهن جي مدد سان فلڪياتي مشاهدي سان گڏوگڏ مفاصلو پڻ معلوم ڪري سگهبو هو. اهو مشهور -اوزار- ”Spherical Astrolobe“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. انهيءَ -اوزار- جي مدد سان هن مختلف سيارن، سج ۽ چنڊ جو زمين کان مفاصلو معلوم ڪيو. هي پهريون سائنسدان هو جنهن -ان- وقت جي حساب سان اهو ڪارائتو -اوزار- ايجاد ڪري سائنسدانن جي تحقيقي ڪم کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو. انهيءَ -اوزار- کي آڏو رکي مختلف سائنسدانن پنهنجي -تحقيق- ۾ ڪافي جدت پيدا ڪئي.







رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جابر بن سنان حراني- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جابر بن سنان حراني - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن