داخلا نمبر 7097
عنوان جابر بن عبدالله الانصاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 230 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جابر بن عبدالله الانصاري

جابر بن عبدالله الانصاري: بن عبدالله الانصاري'>جابر بن عبدالله الانصاري، ڪنيت ابو عبدالله، حضور صلي الله عليه وسلم جو پيارو اصحابي، خزرج قبيلي مان هو. پاڻ 20 عام الفيل 601ع ۾ پيدا ٿيو. حضرت جابر پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت حضور صلي الله عليه وسلم جن تي ايمان آڻي، اسلام قبوليو. انهيءَ ڪري سندس شمار رسول اڪرمصه جي پيارن اصحابين ۾ ٿيندو آهي. هيءُ غزوه خندق ۽ بدر کانسواءِ ارڙهن جنگين ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن سان گڏ هو، جن ۾ غزوه حنين ۽ غزوه تبوڪ شامل آهن. حضور صه جن سان بي پناهه محبت ڪندو هو. 11هه/ 632ع ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي رحلت کانپوءِ هميشه سندن آل/ اولاد سان گڏ هوندو هو، حضرت علي عليه السلام سان گڏ صفين جي جنگ ۾ هڪ مجاهد وانگر وڙهيو.

جابر بن عبداللهرضه جي زندگيءَ جو مقصد حديثن جي اشاعت هو، جيڪي هن وڏي محنت سان گڏ ڪيون هيون. مشهور حديث ’حديث ڪِساء‘ جو راوي به هي آهي. جڏهن حجاج بن يوسف جهڙو ظالم ۽ تشدد پسند شخص مديني جو گورنر مقرر ٿيو ته هن حضرت جابر رضه تي به تمام گهڻيون سختيون ڪيون، جابر بن عبدالله حقيقي اصحابي ۽ عاشقِ رسول صه هو ۽ کيس اهو به شرف حاصل آهي ته حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت کانپوءِ جڏهن امام صاحب جي تربت تيار ٿي ته سڀ کان پهريون مجاور ۽ زوار پاڻ ٿيو ۽ آخري عمر تائين سندن مزار تي رهيو. سن 74هه/693ع ۾ وفات ڪيائين. هن وصيت ڪئي هئي ته سندس جنازي نماز ۾ حجاج بن يوسف کي شامل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.0601  عيسوي

جابر بن عبدالله الانصاري: جابر بن عبدالله الانصاري ، ڪنيت ابو عبدالله ، حضور صلي الله عليه وسلم جو پيارو اصحابي ، خزرج قبيلي مان هو . پاڻ 20 عام الفيل 601ع ۾ پيدا ٿيو .


00.00.0074  هجري

جابر بن عبدالله الانصاري سن 74هه/693ع ۾ وفات ڪيائين


00.00.0693  عيسوي

جابر بن عبدالله الانصاري سن 74هه/693ع ۾ وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون