داخلا ؛ 7107
پڙهيو ويو ؛ 370
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-04


تصويرون




ٽائيم لائين

00.00.0160-Hijree
جاحظ: ابو عثمان عمر بن بڪر الڪنعاتي الفقيني البصري الجاحظ ، 160هه/ 776ع ڌاري بصري ۾ پيدا ٿيو

00.00.0776-A.D
جاحظ: ابو عثمان عمر بن بڪر الڪنعاتي الفقيني البصري الجاحظ ، 160هه/ 776ع ڌاري بصري ۾ پيدا ٿيو

00.00.0255-Hijree
هو بغداد کان واپس پنهنجي وطن آيو ، جتي هن 255هه/ 868ع ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ وفات ڪيائين

00.00.0868-A.D
هو بغداد کان واپس پنهنجي وطن آيو ، جتي هن 255هه/ 868ع ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ وفات ڪيائين




sindhianaسنڌيانا--جاحظ

ٽائيٽل ؛ جاحظ


شاخ : شخصيت

جاحظ: ابو عثمان عمر -بن- بڪر الڪنعاتي الفقيني البصري الجاحظ، 160هه/ 776ع ڌاري بصري ۾ پيدا ٿيو. هُو علمي دنيا ۾ ’جاحظ‘ جي نالي سان مشهور آهي. هو اصل حبشي طبقي جي پورهيتن مان هو. ننڍپڻ بصري ۾ گذاريائين. لساني تحقيقي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو. هن الاصمعي ابو عبيده ۽ ابو زيد، جھڙن لسانيات جي عالمن کان فيض ورتو. -جاحظ- عربي علم ادب جي عمارت جو باني هو. هو نثر نويسي ۾ علم بيان، علم بديع ۽ معاني ۽ شعر جي پرک ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ علم ادب جي دائري کان ٻاهر ’علم ڪلام‘ جو به ماهر هو. هن کي -انسان- ذات سان لڳاءُ هو، -ان- ڪري هن رنگ نسل جي متڀيد ۽ نفرتن خلاف قلم کنيو. هو -بغداد- جي درٻار ۾ موجود سنڌي عالمن جي ذهانت، هنر ۽ حرفت جو قائل هو. -جاحظ- ڪيترائي سفر ڪيا، -جن- ۾ ’شام‘ جي سياحت به شامل آهي. سياحت دوران کيس -بغداد- ۾ ڪيترن ئي قديم يوناني ڪتابن جي مطالعي جو موقعو مليو. جاندارن متعلق سندس معلومات نهايت وسيع هئي. -ان- موضوع بابت سندس لکيل ’ڪتاب الحيوان‘ دنيا جي پهرين قابلِ قدر -تصنيف- هئي. هن جي وسيع معلومات جي دائري ۾ انسان، جيت جڻيا، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، ذاتيون، قبيلا، حسب نسب، ملڪ ۽ ماڳ اچي ٿي ويا. هڪ طرف همعصر دؤر ۾ -جاحظ- علم جا درياهه وهائي ڇڏيا ته ٻئي طرف -ان- دؤر جي احمقن به پنهنجي علم ۽ عقل جي ڏيوالي جا پڙها پئي ڏنا. نيٺ -جاحظ- اهڙن احمقن ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ کين ’چورس ۽ گولائيءَ‘ جي عنوان سان رسالو لکي جواب ڏنو.

زندگيءَ جي آخري حصي ۾ فالج جي مرض -جاحظ- جي جسم جو اڌ حصو مفلوج ڪري ڇڏيو. هو -بغداد- کان واپس پنهنجي وطن آيو، -جتي- هن 255هه/ 868ع ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ وفات ڪيائين. سندس تصنيفن جو تعداد 200 جي لڳ ڀڳ آهي، -جن- مان صرف 30 کن ڪتاب منظرِ عام تي آيا آهن، -جن- مان ڪتاب ’الحيوان‘ ستن جلدن تي مشتمل آهي. سندس ڪجهه مشهور ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) ’الزرع والخل‘، (2) ’نباتات‘ (جڙين ٻوٽين باب)، (3) ’المعرف‘ (معدنيات بابت)، (4) ’السودان والسيطان‘ (ڪارن اڇن نسلن بابت)، (5) ’النساء‘ (عورتن جي نفسيات بابت)، (6) ’الجواري والغلمات‘ (غلامن ۽ ڪنيزن بابت)، (7) ’الخلاق الملوڪ‘ (بادشاهن جي اخلاق بابت)، (8) ’البيان والطبين‘ (عرب شاعرن ۽ اديبن بابت) ۽ (9) ’الرد علي النصاري‘ (عيسائين بابت) وغيره.





رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جاحظ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جاحظ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن