داخلا ؛ 7129
پڙهيو ويو ؛ 288
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-05


تصويرون


George Ibraham Grearson.jpg
جارج ابراهَم گريئرسن
جارج ابراهَم گريئرسن



ٽائيم لائين

07.01.1851-A.D
جارج ابراهَم گريئرسن ( Sir, George Abraham Grierson ) : سر ڊاڪٽر جارج ابراهم گريئرسن ، 7 جنوري 1851ع تي ڊبلن جي علائقي گلينگيئري ، آئرلينڊ ( Glenageary, County Dublin, Ireland ) ۾ نامياري ڊبلن ڪٽنب ۾ ڄائو .

09.03.1941-A.D
هن 9 مارچ 1941ع ۾ ڪمبرلي ، سري ، انگلنڊ ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--جارج ابراهَم گريئرسن

ٽائيٽل ؛ جارج ابراهَم گريئرسن


شاخ : شخصيت

جارج ابراهَم گريئرسن (Sir, George Abraham Grierson ):سر ڊاڪٽر جارج ابراهم گريئرسن، 7 -جنوري- 1851ع تي ڊبلن جي علائقي گلينگيئري، آئرلينڊ (Glenageary, County Dublin, Ireland) ۾ نامياري ڊبلن ڪٽنب ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو به جارج (George) سڏبا هئا، جيڪي ناميارا پبلشر ۽ پرنٽر هئا. هن جو والد ڊبلن ۾ سرڪاري پريس هلائيندو هو. گريئرسن سينٽ بيز اسڪول ڪمبرلئنڊ (St. Bees School, Cumberland) ۽ ٽرنيٽي ڪاليج ڊبلن (Trinity College Dublin) مان -تعليم- حاصل ڪئي. ڊبلن يونيورسٽيءَ ۾ هن سنسڪرت ۽ هندستاني ٻولين ۾ -انعام- به حاصل ڪيا. جارج گريئرسن ’ڊبلن يونيورسٽيءَ‘ جو فارغ التحصيل ۽ اتي جي مشهور عالم فاضل -استاد- پروفيسر ائٽڪنسن (Prof. Atkinson) جو لائق ۽ پيارو شاگرد هو. گريئرسن 1871ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو ۽ -بنگال- پرڳڻي ۾ 1873ع ۾ پهتو. هي هڪ ئي وقت -پٽنا- ۾ مئجسٽريٽ ۽ ڪليڪٽر ٿيو ۽ بعد ۾ -بهار- ۾ ايجنٽ (Opium Agent) مقرر ٿيو. گريئرسن کي 1888ع ۾ نئين جوڙيل ’لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ جو سپرنٽيڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ -ترت- ئي -انگلنڊ- ۾ يورپين لائبرين ۽ عالمن سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ روانو ٿيو. گريئرسن مختلف ٻولين جي محاورن، -بهار- جي پورهيت زندگيءَ، هندي ادب، -ڀڳتي تحريڪ- ۽ لسانيات بابت پنهنجو عالمانه ڪم ڇپائيندو رهيو. گڏوگڏ هن ادويت، ويدانت (جنهن کي هو پنڊت ڌرم سڏيندو هو) ۽ لوڪ ادب بابت به ڪم ڪيو. گريئرسن جو ابتدا ۾ خيال هو ته ڀڳتيءَ، عيسائيت کان اثر ورتو آهي، پر آخر ۾ هن تسليم ڪيو ته ڀڳتي، عيسائيت کان قديم آهي. گريئرسن جو پويون سمورو ڪم لسانيات بابت هو. پهريون ڀيرو هن جا مقالا، جائزا ۽ ڪتاب 1877ع ۾ پڌرا ٿيا.

هن 1898ع ۾ پاڻ کي بينگال رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ (Bengal Royal Asiatic Society) سان منسلڪ ڪري، پورن ٽيهن ورهين (1928-1898) جي لاڳيتي محنت ۽ ڪوششن سان برصغير جي 364 ٻولين ۽ انهن جي شاخن (اپڀاشائن) جو پورن يارهن وڏن جلدن جي 19 ڀاڱن ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ۽ انهن مان ڪيترا جلد ته ٻن ٻن ۽ -ٽن- ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن ۽ انهيءَ سموري مواد جو نالو ’لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ Linguistic Survey of India (هندستان جي زبانن جو جائزو) رکيو ويو.

ڊاڪٽر موصوف، پنهنجي هن لاثاني ۽ لافاني -تصنيف- ۾، هندستان جي آرين جي ٻولين کان وٺي ڀيلن، سنٿالن، دراوڙن، هماليه جي قبائلين، سرحد جي -پارسي- زده ٻولين ۽ خانه بدوش قبيلن جي زبانن جو به تفصيل سان -جائزو- ورتو آهي. هن انهن جي بيان وقت ڪيترين ڏيهي ٻولين جي آکاڻين جا -انگريزي- ترجمي سان مثال به پيش ڪيا آهن. گريئرسن جو هيءُ سمورو گڏ ڪيل ۽ لکيل مواد سال 1908ع کان سال 1927ع تائين ڪلڪتي مان ڇپجي ظاهر ٿيو. انهيءَ ضخيم ۽ شاندار -تصنيف- جي اٺين جلد جي پهرئين ڀاڱي ۾ اسان جي سنڌي ۽ لهندا (الهندي پنجاب جون ٻوليون سرائيڪي، ملتاني وغيره) ٻولين جو احوال ڏنو ويو آهي، هي جلد 1919ع ۾ ڇپيو. گريئرسن، هن ڀاڱي ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ، سنڌ ۾ سنڌي زبان جي ويهارو کن رسم الخط جو ذڪر ڪيو آهي، -جن- ۾ رومن، ديو ناگري، خدا آبادي، شڪارپوري، ساکرو، لهاڻڪو، ڀاٽيڪو، لاڙائي، ونگائي، راجائي، خواجڪو، ٺٽائي، حيدرآبادي، سيوهاڻي ۽ ڏاکڻو لهندا رسم الخط مکيه آهن. گريئرسن سنڌي زبان جي عمل دخل بابت سنڌ جي جاگرافيءَ جي حدن کي پاسيرو رکي، -ان- جي طبعي ۽ اثر رسوخ وارن حصن ۽ علائقن جو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هن ڀاڱي جي آخر ۾ سر گريئرسن سن 11-1910ع واري آدمشماريءَ موجب سنڌي ٻوليءَ جي انهن ڳالهائيندڙن جا انگ اکر به ڏنا آهن، جيڪي -ان- وقت سنڌ کان ٻاهر ۽ هندستان جي جدا جدا علائقن ۽ رياستن جهڙوڪ: سي. پي (Central Provinces)، برار، بهار، ممبئي، مدراس، ميسور، حيدرآباد دکن، اوڙيسا، يو. پي (United Provinces)، ممبئي پرڳڻي جي جدا جدا راڄواڙن، رياستن ۽ -بنگال- جهڙن دور دراز ديسن ۾ رهندڙ هئا. جارج ابراهم گريئرسن جي ڇپيل ٻين اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:

(1) Seven Grammers of the Dialects and Subdialects of the Bihari Language, 3

Volumes (1883-87),

(2) Bihar Peasant Life (1885)

(3) Pishaco Languages of North Western, India (1906)

(4) Ishkashmi, Zebaki and Yazghulami. An Account of Three Eranian Dialects (1920)

(5) Dictionary of Kashmiri Language (1916-1932)

(6) Linguistic Survey of India, II Volumes in 19 parts (2005)

(7) Modern Vernicular Literature of India.

(8) Translation of Jaisis Padmavati.

جارج گريئرسن جي ڪتاب ‘Linguistic Survey of India’ جي اٺين جلد جي پهرين ڀاڱي جو سنڌي ترجمو ’برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو‘ جي عنوان سان، ڊاڪٽر فهميده حسين ڪيو آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اُن جو پهريون ڇاپو، 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڇاپو، ڇپائيءَ هيٺ آهي.

گريئرسن کي 1912ع ۾ ’نائيٽ‘ (Knight) جو خطاب ڏنو ويو. کيس 1928ع ۾ ’آرڊر آف ميرٽ‘ (OM) لاءِ نامزد ڪيو ويو. هن کي (King Commander of the Order of the Indian Empire) KCIE جو لقب به مليو.

هن 9 مارچ 1941ع ۾ ڪمبرلي، سري، -انگلنڊ- ۾ وفات ڪئي.







رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جارج ابراهَم گريئرسن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جارج ابراهَم گريئرسن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن