داخلا ؛ 7131
پڙهيو ويو ؛ 187
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-06


تصويرون


George Stefinsin.jpg
جارج اسٽيفنسن
جارج اسٽيفنسن



ٽائيم لائين

09.06.1781-A.D
جارج اسٽيفنسن: ريلوي انجڻ ٺاهيندڙ ، مشهور انجنيئر ، جارج اسٽيفنسن جو جنم 9 جون 1781ع تي انگلينڊ جي نارٿ امبرلئنڊ رياست جي وائلم ( Wylam ) شهر ۾ ٿيو




sindhianaسنڌيانا--جارج اسٽيفنسن

ٽائيٽل ؛ جارج اسٽيفنسن


شاخ : سائنسدان

جارج اسٽيفنسن: ريلوي انجڻ ٺاهيندڙ، مشهور انجنيئر، -جارج اسٽيفنسن- جو -جنم- 9 جون 1781ع تي انگلينڊ جي نارٿ امبرلئنڊ رياست جي وائلم (Wylam) شهر ۾ ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي نيو ڪيسل (New castle) ۾ -ٻاڦ- تي هلندڙ انجڻ تي ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪا کاڻين مان ڪوئلي ڪڍڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي، 19 سالن جي عمر ۾ هن اُن انجڻ کي هلائڻ جي قابل بڻائي ورتو. تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن رات جو هلندڙ هڪ اسڪول ۾ داخلا ورتي. -ان- کان پوءِ جلد هن شادي ڪئي ۽ ضرورتون وڌي وڃڻ سبب کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون جُتيون ٺاهڻ، واچون ٺاهڻ ۽ انهن جا ڪپڙا سبڻ شروع ڪيائين. -ٿوري- ئي عرصي ۾ سندس غير معمولي ذهانت کي ڏسندي کيس ڪلنگ ورٿ (Killingworth) ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ چيف مڪينڪ مقرر ڪيو ويو. 1803ع ڌاري اسٽيفنسن کي رابرٽ نالي هڪ پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سندس ڪم ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيو. 1813ع ڌاري اسٽيفنسن ڀر واري ڪوئلن جي کاڻين ۾ ڦيٿن تي هلندڙ -ٻاڦ- جي بائلرن (بٺين) جي جائزي وٺڻ لاءِ دورو ڪيو، جيڪي جان بلينڪن ساپ (John Blenkinsopp) ٺاهيا هئا. جائزي دوران کيس معلوم ٿيو ته کانچي وارن ڦيٿن هئڻ جي ڪري ريل حادثن جا امڪان وڌيڪ آهن. اسٽيفنسن جي ذهن ۾ آيو ته اُن مسئلي جي حل لاءِ ڪو قدم کڻجي.

هن ’ڪلنگ ورٿ‘ جي مالڪ لارڊ راونس ورٿ (Lord Ravens worth) سان صلاح مشوري ڪرڻ کانپوءِ بلوشر (Blucher) نالي هڪ انجڻ ٺاهي، جيڪا ڪوئلي جي 30 -ٽن- کڻندڙ اٺن ويگنن کي 4 ميل (6 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڇڪي ٿي سگهي. اسٽيفنسن اُن انجڻ مان به مطمئن نه ٿيو. هن انجڻ جي رفتار کي اڃا به وڌائڻ جي ڪوشش -جاري- رکي ۽ اسٽيم بلاسٽ نالي هڪ انجڻ ٺاهي، گهربل رفتار جو پورائو ڪيو. 1821ع ڌاري هن کي اسٽاڪٽن (Stockton) کان ڊارلنگٽن (Darlington) تائين هڪ ريل روڊ واري پراجيڪٽ جي تعمير جي خبر پئي. هن ڊارلنگٽن وڃي پراجيڪٽ شروع ڪندڙ ائڊورڊ پيز (Edward Pease) کي انٽرويو ڏنو، جنهن کانئس متاثر ٿي کيس -ٻاڦ- تي هلندڙ ريلوي انجڻ ٺاهڻ جي اجازت ڏني. 27 سيپٽمبر 1825ع تي جڏهن ريل جي پٽڙي تيار ٿي. تڏهن اسٽيفنسن جي تيار ڪيل انجڻ ڊارلنگٽن کان 450 ماڻهو کڻي 15 ميل (24 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان پٽڙيءَ تي رواني ٿي اسٽاڪٽن پهتي. 1829ع ڌاري لور پول (Liverpool) ۽ مانچيسٽر (Manchester) شهرن جي وچ ۾ 40 ميلن (64 ڪلوميٽرن) جي ريلوي لائين وڇائي وئي ته -ان- رستي تي هلڻ لاءِ ريل جي ڪيترين ئي انجڻن جو مقابلو ٿيو. -ان- مقابلي ۾ اسٽيفنسن جي تيار ڪيل نئين انجڻ ’راڪيٽ‘، جيڪا هن پنهنجي پٽ رابرٽ سان گڏجي تيار ڪئي هئي، 36 ميل (58 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان مقابلو کٽي ورتو. -ان- کانپوءِ برطانيا، يورپ ۽ اُتر -آمريڪا- ۾ تيزيءَ سان ريلوي لائينون وڇايون ويون. رستن جي تعميراتي مسئلن، پُلين جي نمونن ۽ انجڻين جي ٺهڻ لاءِ اسٽيفنسن ۽ سندس پُٽ ’رابرٽ‘ جون خدمتون حاصل ڪيون. هن -انگلنڊ- ۾ انجڻن ٺاهڻ جو هڪ ڪارخانو به قائم ڪيو، جيڪو هر سال بهترين 10 -انجڻيون- جوڙيندو رهيو. اهڙيءَ طرح انگلينڊ سان گڏ ٻين ملڪن ۾ به ريل گاڏين جو رواج پيو. انهن سمورن ملڪن ڏانهن اسٽيفنسن جي ڪارخاني ۾ ٺهندڙ -انجڻيون- موڪليون ويون. 1901ع تائين تقريباً 145 ريلوي -انجڻيون- انهيءَ ڪارخاني مان دنيا جي مختلف ملڪن جهڙوڪ: سريلنڪا، هندستان، آسٽريليا، ارجنٽائن ۽ ڏکڻ آفريڪا ڏانهن موڪليون ويون. جارج اسٽيفنسن، 12 -آگسٽ- 1848ع تي وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جارج اسٽيفنسن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جارج اسٽيفنسن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن