داخلا ؛ 7133
پڙهيو ويو ؛ 175
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-06


تصويرون


George Barnandsha.jpg
جارج برنانڊشا
جارج برنانڊشا



ٽائيم لائين

26.07.1856-A.D
جارج برنارڊشا: مشهور ڊرامه نگار ، اديب ۽ سوشلزم جي پرچارڪ جارج برنارڊشا ، 26 جولاءِ 1856ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ جنم ورتو

02.11.1950-A.D
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي . آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار ، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو .

00.00.1925-A.D
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي . آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار ، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو .




sindhianaسنڌيانا--جارج برنارڊشا

ٽائيٽل ؛ جارج برنارڊشا


شاخ : شخصيت

جارج برنارڊشا: مشهور ڊرامه نگار، اديب ۽ سوشلزم جي پرچارڪ جارج برنارڊشا، 26 -جولاءِ- 1856ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ -جنم- ورتو. جارج برنارڊشا، جارج ڪيرشا ۽ لوسـنڊا ايـلـزبٿ جو اڪيلو پٽ هو. شروع ۾ -جارج برنارڊشا- جون لکڻيون ناڪام ويون. 1879ع ۾ هن پنهنجي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب ‘Immaturity’ مڪمل ڪيو، پر هن ڪتاب کي لنڊن جي ڪنهن به پبليشر ڇپائڻ جي حامي نه ڀري اڳتي هلي اهو ئي ڪتاب مشهور ليکڪ جي وڏي ڪتاب جي حيثيت ۾ 1930ع ۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح هن جي اڳ ۾ لکيل چئن ناولن کي به قبول نه ڪيو ويو. ڏهن سالن تائين هن پاران اخبارن کي موڪليل مضمونن جو به اهو ئي حال ٿيو. جارج برنارڊ جي حياتيءَ جو لکيل هڪ ناول جيڪو تقريباً 1887ع يا 1888ع ۾ لکيو ويو هو، سندس مرڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ڇاپيو ويو. اهو ناول -جارج برنارڊشا- جي ادبي دؤر جو آخري ناول هو. -جارج برنارڊشا- سماجي سرگرمين ۾ به حصو ورتو، پر هيءُ گهڻي ڀاڱي 1889ع ۾ ڇپجندڙ ‘Fabrion Eassy in Socialism’ جي -ايڊيٽر- جي حيثيت ۾ سامهون آيو. جنهن ۾ هن جون پنهنجون ٻه تحريرون به شامل هيون. اهو مجموعو برطانوي سوشلسٽ ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ٿو. 1885ع ۾ ڊرامه نگار وليم آرچر (William Archer) جي نظر -جارج برنارڊشا- جي صحافتي ڪم تي پئي. هن جو هيءُ ڪم 1885ع کان 1888ع تائين ’Pallmall Gazette‘ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي تبصري ۽ 1986- 1889ع کان ‘The World’ ۾ ڇپجندڙ فن تي تنقيدي مضمونن ۽ 1888ع کان 1894ع تائين ‘The Star’ ۽ ‘The World’ ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل هو. موسيقي ۽ خاص ڪري -اوپيرا- (نظميه ڊرامي) بابت -جارج برنارڊشا- جي ڄاڻ ڪمال درجي جي هئي، پر -جارج برنارڊشا- جو مقدر -ان- وقت چمڪيو جڏهن فرينڪ هيرس’‘Frank Harri کيس ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ `Saturday Review` ۾ جڳهه ڏني. هن حيثيت ۾ -جارج برنارڊشا- پنهنجين سمورين صلاحيتن ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪم ڪندي وڪٽورين اسٽيج جي تصورن کي تبديل ڪيو. هيءُ اهو ئي زمانو هو، جڏهن -جارج برنارڊشا- ڊراما نگاريءَ جي شروعات ڪئي.

جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي. آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل -انعام- ڏنو ويو. -جارج برنارڊشا- جا لکيل ڊراما هيٺ ڏجن ٿا:

1. ’Saint Joan ‘:ڇهن منظرن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1923ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1924ع ۾ ڇپايو ويو.

2. ’Heart Break House ‘:هيءُ ڊرامو -ٽن- حصن ۾: هڪ 1919ع ۾ ۽ ٻيو 1920ع ۾ ڇپيو.

3. ’Pygmalion ‘:جارج برنارڊشا جو پنجن حصن تي مشتمل هي ڊرامو 1913ع ۾ ويانا ۽ 1914ع ۾ انگلينڊ ۾ پيش ڪيو ويو.

4. ’Androcles and the Lion ‘:هي ڊرامو ٻن حصن ۽ هڪ واقعي تي مشتمل آهي. 1913ع ۾ هيءُ ڊرامو برلن ۾ پيش ڪيو ويو ۽ -ان- کان پوءِ 1916 ۾ ڇپايو ويو.

5. ’The Doctor’s Dilemma ‘:چئن حصن ۾ پيش ڪيل هن ڊرامي ۾ هڪ ايپي لاگ به شامل آهي. هي ڊرامو پهريون دفعو لنڊن ۾ پيش ڪيو ويو ۽ پهريون ڀيرو 1911ع ۾ شايع ڪيو ويو.

6. ’Major Barbara ‘:هيءُ -ٽن- حصن تي مشتمل سماجي طنز تي مشتمل ڊرامو 1905ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1907ع ۾ شايع ڪيو ويو.

7. ’Caesar and Cleopatra ‘:جارج برنارڊشا چئن حصن وارو هيءُ ڊرامو 1898ع ۾ لکيو ۽ 1901ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون دفعو 1906ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ڊرامي کي -جارج برنارڊشا- جو بهترين ڊرامو سمجهيو وڃي ٿو.

8.’ Man and Superman ‘:چئن حصن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1903ع ۾ شايع ٿيو ۽ پهريون دفعو 1905ع ۾ پيش ڪيو ويو. هن ڊرامي ۾ ٽئين حصي جو ٻيو منظر شامل نه هو، تنهنڪري هيءُ ڊرامو مڪمل طرح 1915ع ۾ پيش ڪيو ويو.



9. ’Candida ‘:ٽن حصن وارو هيءُ ڊرامو 1897ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ -ان- کان هڪ سال بعد شايع ڪيو ويو.

10.’ Arms and the Man ‘:رومانس تي مشتمل مزاحيه ڊرامو -ٽن- حصن ۾ جيڪو سڀ کان پهريون 1894ع ۾ پيش ڪيو ويو ۽ 1898ع ۾ شايع ڪيو ويو.

11. ’Mrs. Warren’s Profession ‘:چئن حصن تي مشتمل هيءُ ڊرامو 1893ع ۾ لکيو ويو ۽ 1898ع ۾ ڇاپيو ويو، پر حڪومت جي پابندي سبب هيءُ ڊرامو 1902ع کان پهرين پيش نه ٿي سگهيو.

ڊرامن کان سواءِ -جارج برنارڊشا- ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به رهيو. سندس ڪتاب: ’Black Girl in Search of God‘ ڏاڍو مشهور ٿيو، -ان- جي جواب ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ’White Girl in Search of God‘ (ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾) لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.







رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جارج برنارڊشا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جارج برنارڊشا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن