داخلا نمبر 7134
عنوان جارج شرٽ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 97 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جارج شرٽ

جارج شرٽ: سنڌي ٻوليءَ جو گهڻگهرو ۽ لسانيات جو هيءُ ماهر اصل ۾ پادري هو. هيءُ اوڻيهين صديءَ جي وچ ڌاري ’چرچ مشنري سوسائٽيءَ‘ پاران سنڌ ۾ آيو. چرچ مشنري سوسائٽيءَ سنڌ ۾ پنهنجي شاخ کولي سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيو ۽ اسڪول پڻ کوليائين. کيس عيسائي مذهب جي واڌاري لاءِ ڏيهي ٻوليءَ ۾ ڪتاب گهربل هئا، تنهنڪري ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ليٿو ڇاپخانو قائم ڪيائين. سنڌ جي مسلمانن، هندن ۽ سکن کي سکيا ڏيڻ لاءِ عربي، ديوناگري ۽ گرمکي لپين ۾ ڪتاب ڇاپي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقسيم ڪيائين. اهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ چڱو اضافو ٿيو. سنڌ ۾ آيل پادرين ۾ ڪي محقق ۽ اديب هئا، جن پاران سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، انهن ۾ انڊريو برنس، جان بئمرج، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، جارج شرٽ ۽ جارج گريئرسن قابل ذڪر آهن. جارج شرٽ حيدرآباد ۾ مشن سوسائٽي سان وابسته هو. هن سنڌي ٻوليءَ تي ٻه ڪتاب: (1) اکر ڌاتو (1866ع) ۽ (2) سنڌي- انگلش ڊڪشنري (1879ع) لکيا. ڊڪشنري لکڻ ۾ اڌارام ٿانور داس ميرچنداڻي ۽ صادق علي بيگ مرزا سندس مددگار هئا. اها ڊڪشنري سال 1879ع ۾ عربي- سنڌي لپيءَ ۾ ڇپجي پڌري ٿي. 1911ع تائين سنڌيءَ لاءِ اها هڪڙي ئي ڪارگر ڊڪشنري هئي. ’اکر ڌاتو‘ ۾ سنسڪرتي بنياد وارن سنڌي لفظن جو اشتقاق يا وئتپي ڌاتو ڏنل آهن. جارج شرٽ سنڌيءَ ۾ عيسائي مذهب جي پرچار لاءِ هيٺيان ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا:

(1) سچو واپار (ديوناگري لپيءَ ۾) 1875ع، (2) سوال جواب 1877ع، (3) سچي سـاهـمي 1878ع، (4) دائود جو زبور 1879ع، (5) پرائي ٻولي 1879ع، (6) عادل امير 1880ع، (7) جوان سنڌين ڏي خط 1-1880ع، (8) خط بنام جوانانِ هند 1، 2، 3، 4، 5، 6، 7 (1881ع: هي ڌار ڌار ڪتابن جي صورت ۾ ڇپيا)، (9) خط بنام جوانان هندII- (1883ع)، (10) طرحدار پڳڙي 1881ع، (11) قيمتي روح، ٽـيـون ڇـاپـو 1882ع ديـونـاگـري لپـي، (12) قيمتي روح 1884ع، (13) تعليم جو منڍ 1885ع، (14) هڪڙي شيدي نينگر بابت 1885ع ۽ (15) تعليم نامو 1893ع.

جارج شرٽ سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت سن 1878ع ۾ هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ سنڌي زبان جي مستقل لغوي ذخيري ۽ ٻين نحوي خصوصيتن کان متاثر ٿي، هن سنڌيءَ ٻوليءَ جي سنسڪرت مان نڪرڻ واري نظريي کان ڦيرو کائي ان جي دراوڙي بنياد واري نظريي جي حمايت ڪئي، ان لاءِ هن ڇهه دليل ڏنا:

(1) سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي لفظن جي آخري اکر تي اعراب وارو اصول ساڳيو آهي.

(2) سنڌيءَ جي مجهول فعلن جي سٽاءَ ۾ ’پ‘ جو اچار موجود آهي، جيڪو ساڳيو دراوڙي ٻولين وارو ’پ‘ آهي. مثلاً: ڌوپجڻ، ڍاپڻ.

(3) سنڌيءَ ۾ دراوڙي ٻولين وانگر ٻه حرف صحيح گڏ نه ٿا اچن.

(4) سنڌيءَ ۾ ’کي‘ ۽ ’آن‘ وارا لفظ سنسڪرت بدران دراوڙي ٻولين مان نڪتل آهن.

(5) سنڌيءَ ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن، جيڪي اصل ۾ دراوڙي آهن، جهڙوڪ: ڪراڙو، ڪوڙو، ڪڏڻ، کٽڻ وغيره.

(6) ڪي لفظ نه ڪي سنسڪرت ۾ ۽ نه ڪي ايراني يا سامي زبانن ۾ آهن پر سنڌي ۽ بروهڪيءَ ۾ هڪجهڙا آهن، جهڙوڪ: منجهند، ٻني، ٺونٺ، ٿوم، ڳوٿري، اوجهري وغيره.

سنڌي ٻوليءَ بابت سندس مضمون ‘The Traces of Dravidian Elements in Sindh’ ڊسمبر 1978ع واري 'Indian Antiquary' پرچي ۾ ڇپيو، سندس دليلن کي اڳتي هلي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ رد ڪيو آهي. جارج شرٽ 1886ع ڌاري ڪوئيٽا ۾ وفات ڪئي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو