داخلا ؛ 7237
پڙهيو ويو ؛ 149
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-19


تصويرون


jamai.jpg
جامعي محمد سرور پروفيسر
جامعي محمد سرور پروفيسر



ٽائيم لائين

1906.00.00-A.D
جامعي محمد سرور پروفيسر: نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جو جنم ، 1906ع ڌاري گجرات جي هڪ ڳوٺ سيڪر مالي ۾ ٿيو .

1983.09.20-A.D
جامعي محمد سرور پروفيسر کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان طرفان ’ تمغه امتياز ‘ سان نوازيو ويو . هن 20 سيپٽمبر 1983ع تي وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--جامعي محمد سرور پروفيسر

ٽائيٽل ؛ جامعي محمد سرور پروفيسر


شاخ : شخصيت

جامعي محمد سرور پروفيسر: نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جو جنم، 1906ع ڌاري گجرات جي هڪ ڳوٺ سيڪر مالي ۾ ٿيو. هن ابتدائي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پرائي. -ان- کان پوءِ هن ’آزاد مسلم هاءِ اسڪول‘ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ جامع مليه اسلاميه دهليءَ مان بي. اي آنرس (عربي ادب) ڪئي ۽ وڌيڪ -تعليم- لاءِ ’جامعه ازهر‘ مصر هليو ويو، -جتي- -ٽن- سالن تائين -تعليم- حاصل ڪندو رهيو. جتان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ملڪ موٽي آيو ۽ ’اخبار زميندار‘ ۾ -ايڊيٽوريل- لکڻ لڳو. -جامعه- مليه ۾ ’تاريخي عربي ادب‘ ۾ -استاد- جي حيثيت سان مقرر ٿيو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين جي هدايت تي 1938ع ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وٽ مڪي معظمه هليو ويو، -جتي- مولانا کان شاهه ولي -الله- جي فلسفي ۽ فڪر تي درس وٺندو رهيو. مڪه معظمه مان جڏهن وطن واپس آيو ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ -جامعه- ۾ ’بيت الحڪمت‘ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو سربراهه سرور جامعي کي ڪيو ويو. -ان- اداري جو مقصد شاهه ولي -الله- جي نُڪتن ۽ نظريي کي هندستان ۾ عام ڪرڻ هو. جامعي صاحب 1942ع ۾ لاهور هليو آيو، -جتي- ’روزنامي احسان‘ جو -ايڊيٽر- ٿيو. 1943ع ۾ حضرت شاهه ولي -الله- ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فلسفي کي شايع ڪرڻ سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌيءَ تعليمات ۽ شخصيت تي هڪ جامع ڪتاب لکيائين. جامعي صاحب نومبر 1943ع ۾ واپس دهلي هليو ويو، -جتي- ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ 11 -آگسٽ- 1947ع ۾واپس لاهور آيو. 1948ع ۾ ’روزنامه امروز‘ -جاري- ٿي ته -ان- -اخبار- جي اهم ماڻهن ۾ فيض احمد فيض، مولانا چراغ حسن حسرت سان گڏ پروفيسر سرور به -ايڊيٽر- طور شامل ٿيو. جلد ئي هن پنهنجي هفتيوار -اخبار- ’آفاق‘ -جاري- ڪئي، جيڪا بعد ۾روزاني -اخبار- ٿي وئي، -ان- کانپوءِ هيءُ سڌ سماءُ واري کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان ڪجهه عرصي کان پوءِ استعيفيٰ ڏئي وري لاهور آيو، -جتي- سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽر منتخب ٿيو، سرڪاري نوڪريءَ سان دلچسپي نه هئڻ ڪري هن اها نوڪري به ڇڏي ڏني. 1959ع ۾ -پشاور- هليو آيو، -جتي- روزنامه ’بانگ حرم‘ جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو، -ان- دوران -اوقاف- کاتي -پاڪستان- طرفان حيدرآباد ۾ ’شاهه ولي -الله- اڪيڊمي‘ قائم ٿي، هن اڪيڊميءَ جي مقصدن ۾ حضرت شاهه ولي -الله- دهلوي جي فڪري نقطن ۽ نظريي جي اپٽارشامل هئي. -ان- ڪري کيس اڪيڊميءَ جي رسالي ’الرحيم‘ (اردو) جو -ايڊيٽر- مقرر ڪيو ويو، اڪيڊميءَ ۾ ڪافي عرصي تائين -ايڊيٽر- جي حيثيت سان تحقيقي ڪم ڪندو رهيو. -ان- کان پوءِ ڊاڪٽر فضل الرحمان کيس ’فڪر و نظر‘ رسالي جو -ايڊيٽر- مقرر ڪيو، -جتي- هن ٻن سالن تائين -ايڊيٽر- جي حيثيت سان ڪم ڪيو. -ان- کان پوءِ اداره -ثقافت- اسلاميه لاهور جي علمي رسالي ’المعارف‘ جي -ايڊيٽر- جي حيثيت سان ٽي سال اداري سان لاڳاپيل رهيو. -ان- اداري ۾ هن ’ارمغان شاهه ولي الله‘ جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو، هيءُ ڪتاب قرآني علم جي شاگردن جي لاءِ هڪ تمام گهڻو لاڀائتو آهي. حڪومت -پاڪستان- جي رسالي ’الزڪوات‘ جو -ايڊيٽر- به رهيو، کيس علمي ۽ فڪري خدمتن جي عيوض حڪومت -پاڪستان- طرفان ’تمغه امتياز‘ سان نوازيو ويو. هن 20 سيپٽمبر 1983ع تي وفات ڪئي.





رايا ؛
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -جامعي محمد سرور پروفيسر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جامعي محمد سرور پروفيسر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن