داخلا ؛ 7242
پڙهيو ويو ؛ 213
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-21


تصويرون


jami.jpg
جامي مولانا عبدالرحمان
جامي مولانا عبدالرحمان



ٽائيم لائين

1414.11.07-A.D
جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’ جامي ‘ دين جو تمام وڏو عالم ، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو . سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’ جامي ‘ سندس تخلص هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’ جام ‘ جي ڳوٺ ’ خرجرد ‘ ۾ پيدا ٿيو .

0817.02.23-Hijree
جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’ جامي ‘ دين جو تمام وڏو عالم ، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو . سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’ جامي ‘ سندس تخلص هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’ جام ‘ جي ڳوٺ ’ خرجرد ‘ ۾ پيدا ٿيو .




sindhianaسنڌيانا--جامي مولانا عبدالرحمان

ٽائيٽل ؛ جامي مولانا عبدالرحمان


شاخ : عالم

جامي مولانا عبدالرحمان: مولانا عبدالرحمان ’جامي‘ دين جو تمام وڏو عالم، صوفي ۽ فارسيءَ جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. سندس اصل نالو نورالدين عبدالرحمان ۽ ’جامي‘ سندس تخلص هو. هن جي والد بزرگوار جو نالو نظام الدين احمد دشتي هو. 23 شعبان 817 هه/ 7 نومبر 1414ع ۾ خراسان جي ضلعي ’جام‘ جي ڳوٺ ’خرجرد‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان پهريان ’دشت‘ ۾ رهندو هو (اهو ئي سبب آهي ته مولانا جامي پهريان دشتي تخلص استعمال ڪندو هو) بعد ۾ سندس والد ’دشت‘ ڇڏي -جام- واري علائقي ۾ رهيو، -ان- ڪري ’جامي‘ تخلص اختيار ڪيائين. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد سان گڏ هرات ۽ سمرقند ويو، جيڪي اسلامي علمن جا تمام وڏا مرڪز هئا، جتان هن اسلامي علم، -تاريخ- ۽ -ادب - جي -تعليم- حاصل ڪئي ۽ -ان- ۾ ڪمال حاصل ڪيو. بعد ۾ بزرگ سعد الدين محمد ڪاشغريءَ جو مريد بڻيو، جيڪو نقشبندي سلسلي جي بانيءَ بهاءُ الدين نقشبنديءَ جو مريد ۽ خليفو هو. مرشد جي لاڏاڻي کان پوءِ خلافت جي مسند تي ويٺو. 877هه مطابق 1472ع ۾ -بيت- -الله- جو حج ڪيائين. واپسيءَ ۾ همدان، ڪردستان ۽ بغداد، ڪربلا، نجف، دمشق، صلب ۽ -تبريز- جي علائقن کان ٿيندو پنهنجي وطن پهتو. باقي زندگي هرات ۾ گذاريائين. جيتوڻيڪ هو تمام بلند پايي جو شاعر هو، پر سموري زندگي ڪنهن درٻار جو رخ نه ڪيائين، ۽ نه ئي ڪنهن -بادشاهه- جي خوشامد ڪيائين. سندس زماني جا -بادشاهه- سندس گهڻي عزت ڪندا هئا. مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر سندس متعلق چيو هو. ”عقلي علمن ۾ هن جو ڪو به برابري ڪندڙ نه هو“.

نائين صدي هجريءَ ۾ جڏهن سندس شهرت ترڪيءَ ۾ پهتي ته اتان جي -بادشاهه- هن کي -استنبول- اچڻ جي دعوت ڏياري. بايزيد (ٻئي) ٻه ڀيرا پيغام موڪليا هئس. هن بابت دولت شاهه جو چوڻ هو ته جامي آخري عمر ۾ هوش ۽ حواس وڃائي ويٺو هو پر علي شير نوائي انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي، جيڪو آخري عمر تائين مولانا جاميءَ سان گڏ هو.

مولانا جاميءَ جون ڪيتريون تصنيفون آهن، -جن- جي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هو ڪيترن ئي علمن تي عبور رکندو هو. سندس تصنيفون اڪثر نثر ۾ آهن، پر اها عجيب ڳالهه آهي ته کيس شهرت شاعريءَ جي بنياد تي ملي. نظم ۾ سندس تخليقون ست مثنويون آهن، جيڪي ’مثنوي هفت اورنگ‘ جي نالي سان مشهور آهن. -ان- کان سواءِ غزلن ۾ سندس ٽي مجموعا آهن:

(1) فاتحته الشباب (884هه/1479ع)، (2) واسطة العقد (894هه/ 1488ع)،

(3) خاتمة الحيات (895 هه/ 1489ع) جي نالن سان ڇپيل آهن. مثنوين ۾ جيڪي ’هفت اورنگ‘ جي نالي سان مشهور آهن، -تن- ۾: (1) مثنوي سلسلة الذهب (873 هه/1468ع)، (2) مثنوي سلامان وابسال (885هه/1480ع)، (3) مثنوي تحفة الاحرار (886 هه/1481ع)، (4) مثنوي سبحة الابرار (887 هه/1482ع)، (5) مثنوي يوسف زليخا (888هه/ 1483ع)، (6) مثنوي ليلا مجنون (889هه/ 1484ع)، (7) مثنوي خردنامه سڪندي (890 هه/1485ع) شامل آهن. نثر ۾ سندس تصنيفون: (1) تفسير، (2) شرح فصوص الحڪم، (3) رسالا في الوجود،

(4) رسالا لا اِلــٰه الاالله، 5- شواهد النبوة، (6) اشعة اللمعات، (7) شرح رباعيات، (8) رساله -تحقيق- مذهب صوفي و متڪلم و حڪيم، (9) رساله مناسڪ حج، (10) مناقب، (11) نفحات الانس، خواجا عبدالله -انصاري- وغيره مشهور آهن.







رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جامي مولانا عبدالرحمان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جامي مولانا عبدالرحمان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن