داخلا ؛ 7240
پڙهيو ويو ؛ 228
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-21


تصويرون


jami chandio.jpg
جامي چانڊيو
جامي چانڊيو



ٽائيم لائين

1969.03.11-A.D
جامي چانڊيو: نوجوان دانشور ، ڪالم نگار ، نقاد جامي چانڊيو 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار ، تعلقي قمبر ، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ نامور تعليمدان ۽ فارسيءَ جي صاحب ڪتاب شـاعـر ، پـروفيـسـر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو .




sindhianaسنڌيانا--جامي چانڊيو

ٽائيٽل ؛ جامي چانڊيو


شاخ : شخصيت

جامي چانڊيو: نوجوان دانشور، ڪالم نگار، نقاد -جامي چانڊيو- 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ -ٺوڙهي- بجار، تعلقي قمبر، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ نامور تعليمدان ۽ فارسيءَ جي صاحب ڪتاب شـاعـر، پـروفيـسـر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. پـرائمـري تعـليـم گـورنـميـنـٽ پـرائـمـري اسڪول علي خان، قمبر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهون ۽ ستون درجو قمبر هاءِ اسـڪـول ۾ پـڙهيـو. وڌيـڪ تعليـم لاءِ 1981ع ۾ ڪيـڊٽ ڪاليـج پيـٽاري ۾ داخل ٿيو. 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ڪيائين. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ سنڌ، ملڪي ۽ ايشيائي سطح تي سرگرم رهيو. 1989ع ۾ ٿائيلينڊ ۽ 1990ع ۾ ڀارت ۾ ايشيائي شاگردن جي عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو. 1995ع ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ادبي رسالي ماهوار بختاور جو -ايڊيٽر- رهيو. 1997ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ ۽ ٽرانسليشن بيورو جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، پر سـُـتت ئي استعيفا ڏنائين. 1998ع کان 2002ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد جو انچارج -ايڊيٽر- رهيو. روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ سان هڪ ڪالم نگار ۽ ميزبان طور وابسته رهيو. مختلف ملڪي ۽ -بين- الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ مهمان -استاد- ۽ تربيتڪار طور ليڪچر ڏيڻ سان گڏوگڏ ايشيا، -آمريڪا- ۽ يورپ جي پندرهن کان وڌيڪ ملڪن جا تعليمي، مطالعاتي ۽ سياسي دورا ڪري چڪو آهي. کيس اي. پي. اين. -ايس- طرفان ٻه ڀيرا (2000-1999ع ۽ 2002-2001ع) سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪالم نگار ۽ مضمون نگار طور اوارڊ ملي چڪا آهن. 2004ع کان -پاڪستان- جي چئني صوبن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪيترن مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن کي سياسي تربيت ڏئي چڪو آهي، جنهن ۾ صوبن جا ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي شامل هئا. سياست ۽ سياسي مئنيجمينٽ جي هڪ ماهر طور سنڌ توڙي -پاڪستان- ۾ سندس مڃتا آهي. جامي چانڊيو، سول سوسائٽيءَ جي ملڪي سطح جي ڪيترن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ۽ ڪجهه عالمي ۽ ڏکڻ ايشيائي ٿنڪ ٽينڪس جو سرگرم ميمبر ۽ مهمان اسڪالر به رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

(1) -پاڪستان- ۾ وفاقيت -جمهوريت- جو بحران ۽ قومي خودمختياري (آڪٽوبر 2009ع)، (2) تبديليءَ جا محرڪ ۽ سنڌ جو آئيندو، (3) ايم. ڪيو. ايم جي سياست ۽ سنڌ (جون 2007ع)، (4) تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا، (5) ڪي ماڻهو -تاريخ- ٿين ٿا (آگسٽ 2007)، (6) ادب، سياست ۽ سنڌي سماج (اپريل 2007ع)، (7) سنڌي ادب ۾ تنقيد- شيخ -اياز- (ترتيب)، (8) سنڌي ادب ۾ تنقيد- افسانوي ۽ فڪري ادب (ترتيب)، (9) لبرل ازم: هڪ اڀياس، (10) سنڌي ادب ۾ تنقيد- ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، (11) سنڌ ڪيس (I- -آڪٽوبر- 2009ع، II- نومبر 2009ع)، (12) جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا ۽ (13) رسول بخش پليجي جون مڪمل تحريرون- سياسي ادب (3جلد: ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندس 400 کان وڌيڪ ادبي، فڪري ۽ سياسي مضمون، ڪالم ۽ ٻيون ادبي ۽ تخليقي لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. فلسفو، ادب ۽ سياست سندس پسنديده موضوع آهن. تازو کيس هڪ عالمي ٿنڪ ٽينڪ طرفان ريسرچ اسڪالر طور واشنگٽن، -آمريڪا- ۾ فيلوشپ ڏني وئي، جنهن دوران هن ’پاڪستان ۾ وفاقيت جي بحران ۽ قومي خودمختياريءَ‘ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو.

هي هن وقت هڪ تحقيقي، علمي ۽ تربيتي اداري ’سي پي سي ايس‘ (سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) جو -ايگزيڪيوٽو- ڊائريڪٽر آهي ۽ -ان- اداري طرفان -انگريزي- ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي ۽ فڪري جرنل ٽه ماهي ’فريڊم‘ جو -ايڊيٽر- آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جامي چانڊيو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جامي چانڊيو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن