داخلا نمبر 7244
عنوان جان الله شاهه رضوي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 75 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جان الله شاهه رضوي

جان الله شاهه رضوي: جان الله شاهه ولد مير حيدر شاهه رضوي، سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان هو. سندس وڏا پهريائين بکر ۾ رهندا هئا، پوءِ مرزا شاهه بيگ جي زماني ۾ هي رضوي سادات بکر مان لڏي اچي روهڙي ۾ رهيا. مير جان الله شاهه روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس ننڍپڻ جا ڏينهن به اُتي گذريا. سندس تعليم ۽ تربيت پنهنجي ئي خاندان ۾ تمام سٺي نموني سان ٿي. سندس خاندان علمي لحاظ سان تمام وڏي درجي تي رسيل هو. هيءُ به علم جي وڏي درجي تي رسيو. ننڍپڻ کان سندس طبيعت غور ۽ فڪر واري هئي. سنڌونديءَ جي ڪناري تي ڏينهن جا ڏينهن تصوراتي ڪيفيت ۾ گذاريندو هو. هن ننڍپڻ کان ۾ شاهه عنايت شهيد جي فيض جو پيالو پيتو. جان الله شاهه، صوفي شاهه عنايت شهيد جي وڏن خليفن ۾ اهم حيثيت رکندڙ ۽ خليفو اول هو. شاهه عنايت شهيد جي سڀني تذڪري نگارن شاهه شهيد جي خليفن جو احوال لکندي سڀ کان پهرين مير جان الله شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. مير جان الله شاهه هن سلسلي جو وڏي ۾ وڏو شاعر ۽ صوفي شاهه عنايت جي فڪر جو شارح هو. مٿس شاهه عنايت شهيد جي زندگيءَ جو به گهرو اثر هو. مير الله شاهه رضوي'>جان الله شاهه رضوي فارسيءَ جو بهترين شاعر هو، سندس ’ديوان مير‘ گهڻو مشهور آهي. جان الله شاهه رضويءَ جي شاعريءَ تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙي تحقيق ڪري “Editing and Exegesis of Diwan Sayyed Janullah Rizwi of Lohri (Rohri)” جي عنوان سان ٿيسز لکي، سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.

جان الله شاهه جي شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ تصوف جي وڏي اپٽار آهي. تصوف جي باريڪ نڪتن سان ڀرپور سندس ڪلام من کي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. شاهه شهيد جو صوفياڻو فڪر مير جان الله جي شاعريءَ ۾ سٺي نموني سان ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. جان الله جي شاعري مرشد جي فڪر جو آئينو آهي. ڪٿي ڪٿي ’اناالحق‘ جو آواز ۽ سرمد واري سرمستي آهي. وٽس منصور حلاج کان وٺي شاهه شهيد تائين فڪري تسلسل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود جي وائي گهڻي آهي. سندس شاعري ۾ گهڻن هنڌن تي حافظ کان صائب جو تذڪرو به ملي ٿو. جان الله شاهه جي شاعريءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس مطالعو ۽ مشاهدو تمام وسيع هو. جان الله جي ڪلام ۾ خواهشن پٺيان ڀٽڪڻ بجاءِ قناعت ۽ ڪنڊائتو ٿي رهڻ جي صلاح ۽ عارفاڻي حقيقت لاءِ محبت الاهي ۾ رهڻ جو سبق ڏنل آهي. جنهن عبادت مان انسان کي روحاني سڪون نٿو ملي، ان کي هو فضول سمجهي ٿو. سندس شاعري فني ۽ فڪري لحاظ سان اعليٰ ڳڻن سان ڀريل آهي. اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن جي ڪلام ۾ عظيم سنڌي تصوف جي روايت جي تاريخ آهي. سنڌي تصوف جي بلنديءَ جو ڇيهه آهي ۽ صوفي شاعريءَ جو معراج آهي. ڀارت ۾ رهندڙ ڊاڪٽر هرومل ’خادم‘ سدا رنگاڻي ‘Persian Poets of Sindh’ ۾ لکي ٿو ته :

“Mir was greatly respected for his profound scholarship and his simple and Pious Life”

جان الله شاهه رضويءَ 691 هه/1291ع ۾ وفات ڪئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو