داخلا نمبر 7250
عنوان جان بيمس
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 157 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جان بيمس

جان بيمس (Sir John Beames ):سر جان بيمس، 21 جون 1837ع تي انگلنڊ جي شهر گرين وچ ۾ ڄائو. جنوري 1845ع ۾ ’اسٽريٿم‘ نالي هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ کيس مرچنٽ ٽيلر اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن لاطيني، فرانسيسي، يوناني ۽ عبراني ٻوليون سکيون، هن پڙهائيءَ دوران هندستان جي ٻولي سنسڪرت ۾ انعام حاصل ڪيو ۽ تاريخ، جاگرافي ۽ رياضيءَ ۾به مهارت حاصل ڪئي. 1858ع ۾انڊين سروس ۾ شامل ٿيو. ان وقت سندس عمر 21 سال هئي، هو ملازمت جي سلسلي ۾ هندستان جي شهر ڪلڪتي ۾ پهتو، هن ڪلڪتي ۾ هندي ۽ بنگالي ٻولين تي مهارت حاصل ڪئي ۽ اهڙو امتحان به پاس ڪيو. امتحان بعد هن جي پهرين مقرري پنجاب جي شهر گجرات ۾ ٿي. هو 1859ع کان 1861ع تائين، اٽڪل 13 ورهيه پنجاب ۾ رهيو. ان دوران 10 ڊسمبر 1859ع تي سندس شادي ٿي. هن جي مڱ ايلس انگلينڊ مان اچي دهليءَ پهتي، جتي سندن شادي ٿي. 1861ع کان پوءِ بنگال بدلي ڪيو ويو، جتي هيءُ جدا جدا هنڌن تي ڪمشنر ۽ روينيو بورڊ جو ميمبر وغيره ٿي رهيو. هڪ اعليٰ سرڪاري منصب تي فائز هوندي به جان بيمس روزاني 2 ڪلاڪ سخت پابنديءَ سان ڪتابن پڙهڻ ۽ هندستان جي علمي، ادبي حالتن تي سوچ ويچار ڪرڻ تي صرف ڪندو هو. پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿس ته ”مون کي ڏيهي ادب جي تحقيق ۽ مطالعي جو شوق ’مسٽر رابرٽ ڪالڊو ويل‘ جي ڪتاب تقابلي گرامر (Competative Grammar of the Dravidian or South Indian, Family of Languages) جي پڙهڻ کان پوءِ پيدا ٿيو ۽ آريائي ٻولين تي پنهنجي پاران خيال آرائي ڪرڻ جو خيال جاڳيو، جنهن کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ مان ڪيترن پرديسي عالمن ۽ اديبن سان مليس ۽ انهن کان ان ڪم ۾ مدد وٺڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيم، پر انهن ۾ خير ڪي ڪامياب ٿيس. نه فقط ايترو، پر منهنجي شوق ۽ ذوق کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن منهنجي ٺلهي همت افزائي ڪرڻ جي تڪليف به گوارا نه ڪئي. ان کان پوءِ پنهنجي خواب جي تعبير لاءِ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيم ۽ پختو ارادو ڪري پنهنجي ڪم کي لڳي ويس“.

وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته شروع ۾ جن ڪتابن کان هن مدد ورتي، تن ۾ ڪيتريون بنيادي ۽ قبيح غلطيون موجود هيون، پر اهي گهڻو ڪري منجهيل ۽ بي ترتيب به ڏسڻ ۾ پئي آيا. ان ڪري انهن جي مطالعي کان منهن موڙي ملڪ جي مزدور هارين، نارين ۽ عام ماڻهن سان ملڻ ۽ دور دراز جاين تي وڃي ملاقاتون ڪرڻ لڳو. گويا هيءُ هن جو هڪ ’فيلڊ ورڪ‘ هو، جو جان بيمس عملي طور تي انجام ٿي ڏنو. ان سلسلي ۾ جان بيمس ملڪ جي اتر اولهه جي ڏورانهن علائقن جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي جي مختلف مقامي ٻولين جو تحقيقي جائزو ورتو ۽ انهن جي باري ۾ ڪافي معلومات حاصل ڪيائين. ان باري ۾ هن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سر جارج اسٽئڪ جي لکيل ڪتابن مان پڻ وڏو فائدو ورتو. سنڌي زبان متعلق لکي ٿو ته اها هن ڪتابن جي ذريعي سکي ۽ ان بابت ٽرمپ جي تحرير ڪيل ڪتابن کي خاص طور تي پنهنجي آڏو رکيائين. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنهنجي جڳ مشهور گرامر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن (Dialects) کي ٽن حصن: سري، وچولي ۽ لاڙي ۾ ورهايو آهي، پر هيءُ صاحب ان کان به گهڻو اڳتي وڌي، پنهنجي عملي آزمودي ۽ عيني مشاهدن موجب پنهنجي مشهور تصنيف: ’هندستان جي جديد زبانن جو هڪ تقابلي گرامر‘ A Competative Grammar of the Modern Languages of India: Vol-3)) ۾ لکي ٿو ته سنڌي زبان ۾ اڃا به گهڻائي لهجا موجود آهن ۽ سندس خيال موجب سنڌ ۽ پنجاب جي سر زمين تي هر ڏهن ميلن جي پنڌ تي ٻوليءَ جو لهجو ڦري ٿو. ان نڪتئه نگاهه کان جان بيمس جو اهو مشاهدو ڪيڏو نه حقيقت تي مبني آهي.

جان بيمس پنهنجي مٿينءَ راءِ جي تائيد ۾ لاڙ جو مثال پيش ڪندي لکي ٿو ته: لاڙ ۾ ٿر ۽ ڪڇ جو ڀاڱو پڻ اچي وڃي ٿو، پر انهن جي ٻوليءَ جو طريقو ۽ لهجو پنهنجو پنهنجو آهي. ان ڪري سنڌ ۾ ٻوليءَ جي مستقل جي حدبندي ڪرڻ هڪ مشڪل ۽ محال امر آهي. اڳتي هلي هن صاحب پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ سنڌي لفظ ’هتي‘ (There) جا ديوناگري زبان ۾ 13 نمونا پيش ڪيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح وري سنڌي لفظ مان (1) جون ٽي صورتون بيان ڪري ٿو ۽ انهن ۾ ڄاڻائي ٿو ته ’مان‘ جو لفظ اڪثر ’شڪارپور‘ ۽ سري واري ڀاڱي ۾ مروج آهي‘. جان بيمس پنهنجي ڄاڻايل ڪتاب ۾ سنڌي زبان بابت لکي ٿو ته: ”هن ۾ گويا ڪيترائي جهنگلي گل موجود آهن، جن جي فطرتي سونهن ۽ دلڪش راحت جيڪا مون ڏٺي ۽ محسوس ڪئي آهي، سا هندستان جي اوڀرندي طرف وارين ٻولين ۾ بنهه ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي!“

جان بيمس جو مٿي ڄاڻايل ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي، جن مان پهريون جلد 1872ع ۾ لنڊن مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ سنڌي، پنجابي، هندي، گجراتي، اڙيا، مرهٽي ۽ بينگالي زبانن بابت عالماڻو ذڪر ۽ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي، هندستان جي مذهب ۽ فلسفي تي پڻ دل کولي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو جلد ’گرامر‘ تي مشتمل آهي ۽ اهو 1875ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. هن ۾ اسم، ضمير، صفت، حرف علت، جنس، عدد، حالت ۽ صحيح تلفظ وغيره تي محققاڻو بحث ڪيل هو ۽ ڪن جاين تي وڌيڪ صفائي ۽ وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ. فارسي، ديوناگري ۽ انگريزي لفظن کان به مدد ورتل هئي. هن وقت هي ٻئي ڪتاب اڻلڀ آهن.

جان بيمس هڪ ٻيوڪتاب 1867ع ۾ هندستان جي فلسفي بابت ’Out Lines of Indian Pholosophy‘ پڻ لکيو هو ۽ ’مسٽر ايڇ. ايليٽ‘ (Mr. H. Elliot) جي هڪ ڪتاب ’Supplement Glossary of Indians) کي پڻ ترتيب ڏنو هئائين. هن صاحب جا ’جرنل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، بينگال‘ ۽ ’امپيريل ايشياٽڪ رويو‘ ۾ پڻ وقت بوقت علمي، ادبي ۽ معلوماتي مضمون ڇپبا رهندا هئا. جان بيمس پنهنجي زندگيءَ جو احوال ’Memories of a Bengal Civillization‘ (1891ع) ۾ لکيو آهي. هن جا ٻئي مکيه ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سندس ڪتاب ’Out Line of Indian Philology‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، آگسٽ 1994ع ۾ ’هندستاني زبانن جو جائزو‘ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هيءَ ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو هو، جنهن جي ٻن لفظن ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي ته ”جان بيمس جي هڪ ڪتاب ’آئوٽ لائين آف انڊين فلالاجي‘ جو ترجمو توهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ هن لسانيات جي عام شاگردن لاءِ هندستان جي ٻولين جي حوالي سان پنهنجو اڀياس پيش ڪيو آهي. (ص: 3)“. جان بيمس کي اٺ ٻار ٿيا. هن جا پٽ جيئن ئي پڙهڻ لائق ٿيا ته هن کين انگلينڊ موڪلي ڏنو. ملازمت جي آخري سالن ۾ هن فيصلو ڪيو ته سندس ڪٽنب انگلينڊ وڃي. 1890ع کان 1893ع تائين هندستان ۾ ٽي سال هو اڪيلائيءَ جو عذاب ڀوڳيندو رهيو. جان بيمس 1893ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي انگلينڊ پهتو، جتي هن پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن سمر سيٽ ۽ ڪليودن شهر ۾ گذاريا ۽ 1902ع ڌاري 65 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1837.06.21  عيسوي

جان بيمس ( Sir John Beames ) : سر جان بيمس ، 21 جون 1837ع تي انگلنڊ جي شهر گرين وچ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون