داخلا ؛ 7253
پڙهيو ويو ؛ 265
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-21


تصويرون


john jecob.jpg
سر جان جيڪب
سر جان جيڪب



ٽائيم لائين

1812.01.11-A.D
جان جيڪب: جنرل جان جيڪب، 11 جنوري 1812ع تي انگلنڊ جي سمرسٽ نالي شهر ۾ ڄائو. هو هڪ پادري ’اسٽيفن لانگ جيڪب‘ جو پٽ هو.

1858.12.05-A.D
جان جيڪب 46 سالن جي عمر ۾ 5 ڊسمبر 1858ع تي وفات ڪئي. کيس وصيت موجب گورا قبرستان جيڪب آباد ۾ دفنايو ويو.




sindhianaسنڌيانا--جان جيڪب

ٽائيٽل ؛ جان جيڪب


شاخ : شخصيت

جان جيڪب: جنرل جان جيڪب، 11 -جنوري- 1812ع تي -انگلنڊ- جي سمرسٽ نالي شهر ۾ ڄائو. هو هڪ -پادري- ’اسٽيفن لانگ جيڪب‘ جو پٽ هو. هن ايسٽ -انڊيا- ڪمپنيءَ جي هڪ قومي مرڪز ’ايڊس ڪومب اسڪول‘ ۾ -تعليم- حاصل ڪئي. هن اسڪول مان -تعليم- حاصل ڪندڙ نوڪري ڪرڻ لاءِ پابند هوندا هئا. هن 16 سالن جي عمر ۾، 11 جـنـوري 1828ع تـي ايـسـٽ انـڊيـا ڪمپنيءَ ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تي هندستان جي صوبي گجرات ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليون. 14 مئي 1836ع تي ليفٽيننٽ ۽ سگهو ئي پوءِ ڪئپٽن جي عهدي تي -ترقي- ماڻيائين. 1838ع ۾ پهرين افغان -جنگ- ۾ کيس فوج جي هڪ قافلي جي سلامتيءَ لاءِ خانڳڙهه چوڪيءَ جو عملدار مقرر ڪيو ويو. -ان- کان پوءِ ڪجهه ڏينهن جهرڪن واري فوجي ڪئمپ ۾ گذاريائين. -انگريز- لشڪر سان گڏ سکر ۽ شڪارپور روانو ٿيو. -ان- دوران ڪجهه عرصو -بکر- واري قديم قلعي ۾ رهندي، سکر، -بکر- ۽ روهڙيءَ جو جاگرافيائي مطالعو ڪري سکر ۽ روهڙيءَ کي پُل وسيلي ڳنڍڻ جو خاڪو تيار ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي لئنسڊائون پل جي شڪل ۾ نروار ٿيو. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر چارلس نيپيئر کيس جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو. هن خانڳڙهه ۾ قبائلي سردارن جي -بغاوت- کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. 1847ع ۾ کيس خانڳڙهه جو پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن خانڳڙهه جو نالو بدلائي پنهنجي نالي جي پٺيان ’جيڪب آباد‘ رکي ڇڏيو. جيڪب -آباد- تي سندس نالو هئڻ سبب کيس هيءُ شهر گهڻو پيارو هو، جنهن جي ترقيءَ لاءِ هيءُ مسلسل جاکوڙيندو رهيو. 13 -اپريل- 1855ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 20 مارچ 1857ع تي ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ماڻيائين. 1857 -جان جيڪب- هتي ’هارس ۽ ڪيٽل شو‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو سبب هن علائقي جا اعليٰ نسل وارا گهوڙا هئا. اهو هارس ۽ ڪيٽل شو مختلف وقتن تي اڄ تائين منعقد ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ گهوڙن جي ڊوڙ، چوپائي مال جي نمائش ۽ عام ماڻهن جي وندر لاءِ مختلف اسٽال لڳايا ويندا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته -ان- شهر ۾ -آزاديءَ جي تحريڪ- جا متوالا مير عنايت شاهه شاهپوري، دريا خان جکراڻي، دلمراد خان کوسو، مير بجار خان آزاديءَ لاءِ گوريلا ويڙهه -جاري- رکندي -انگريز- سرڪار کي پريشان ڪندا رهندا هئا، -جن- جي قوت جو مدار سندن اعليٰ نسل ۽ طاقتور گهوڙن تي هو، انهيءَ پسمنظر ۾ شايد -جان جيڪب- سوچيو ته جيڪڏهن هن علائقي جا ڀلا گهوڙا -انگريز- سرڪار جي حوالي ٿي وڃن ته پوءِ ماڻهو انگريزن جو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا، تنهنڪري هن هارس ۽ ڪيٽل شو منعقد ڪرائي ڀلن گهوڙن تي -انعام- اڪرام ڏيڻ ۽ اهي خريد ڪرڻ جو مقصد ذهن ۾ رکيو هوندو. پر عام راءِ اها آهي ته -جان جيڪب- ماڻهن جو همدرد ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳڀرو رهندو هو. هن وٽ خود هڪ ڀلي نسل جو گهوڙو موجود هو، جنهن جو هن نالو ميسينجر رکيو، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ئي مري ويو. -ان- گهوڙي جي قبر جا نشان جيڪب -آباد- جي ريڊ ڪريسنٽ اسپتال ۾ موجود آهن. جيڪب -آباد- جو گهنٽا گهر، جنهن کي وڪٽوريا ٽاور به چيو وڃي ٿو، اهو به -جان جيڪب- جي ڪوششن سان تعمير ٿيو، جيڪو سندس سئوٽ ڪرنل -ايس- ايس ڊزائين ڪيو ۽ راڻي وڪٽوريا جي راڄ جي سلور جوبليءَ جي موقعي تي مقامي زميندارن ۽ سماجي تنظيمن جي چندي سان تعمير ڪرايو ويو هو. اهو گهنٽا گهر 60 فوٽ اوچو، هڪ مينار جي شڪل ۾ آهي، جنهن کي چئني پاسن کان گهڙيال لڳل آهن، جيڪو اڄ به موجود آهي. -جان جيڪب- فوجين جي رهائش لاءِ هتي ڪالونيون ٺهرايون. هن شهر جا -ٻيلا- ۽ جهنگ صاف ڪرائي آسپاس جي بلوچن ۽ ٻين قبيلن کي هتي -آباد- ڪيو، -ان- کان سواءِ ڪبوتر خانو ۽ ٽاور به ٺهرايو، جنهن ۾ مختلف نسلن جا ڪبوتر پاليا ويا، جيڪي خطن جي ترسيل جو ڪم ڏيندا هئا. اهو ڪبوتر خانو به معمولي تبديلين سان جيڪب -آباد- ۾ موجود آهي. -جان جيڪب- جي دور ۾ مليريا جي -بخار- جي دوا ڪوئنين ايجاد ٿي چڪي هئي ۽ هو اهڙن مريضن کي -ان- دوا جون پڙيون ڏيندو رهندو هو، جنهن جي ڪري -بخار- لهي ويندو هو. فائدو ٿيڻ تي ڪجهه سادا ۽ ڪمزور عقيدي وارا ڳوٺاڻا کيس پير جي حيثيت به ڏيندا هئا. هو سماجي ڀلائي لاءِ پتوڙيندو هو. -جان جيڪب- هڪ ذهين عملدار، انجنيئر ۽ مڪئنڪ هو. هن شهر ۾ هڪ گهڙيال ٺاهيو، جيڪو اڃا تائين وقت، تاريخ، ڏينهن ۽ چنڊ جا تاريخوار نشان ٻڌائيندو آهي. اهو گهڙيال ڊي. سي جيڪب -آباد- جي ريزيڊنسيءَ ۾ اڄ به موجود آهي. هيءُ گهڙيال زمين کان 5 فوٽ مٿي هڪ شيشي جي ڪٻٽ ۾ نصب ٿيل آهي. هيءُ گهڙيال ٻن پاسن وارو آهي. هن جي هڪ پاسي جيڪو ڏيک آهي، انهيءَ ۾ -پاڪستان- اسٽئنڊرڊ ٽائيم، هفتي جو ڏينهن، عيسوي سن جو مهينو ۽ چنڊ جي -تاريخ- جو نظام رکيل آهي، جنهن تحت چنڊ جي -تاريخ- پٽاندر شڪل ڏسي سگهجي ٿي. يعني جڏهن چنڊ جي پهرين -تاريخ- هوندي آهي ته صفا هلڪي ڪريسنٽ واري شڪل نظر ايندي آهي ۽ چوڏهين -تاريخ- تائين مڪمل چنڊ جي شڪل نظر ايندي آهي ۽ جيئن جيئن چنڊ جي -تاريخ- اڳتي ويندي آهي، اها شڪل وري گهٽجي ويندي ِآهي. ٻئي پاسي هن گهڙيال ۾ ساڳئي وقت گرين وچ ٽائيم ڏسي سگهجي ٿو. هن گهڙيال جا پرزا گهڻي ڀاڱي -پتل- جا جڙيل آهن، جيڪي مختلف وزن جا آهن، -جن- مان ڪو هڪ ڪلو، ڪو پنج ڪلو، ته ڪو وري ڏهه ڪلو وزن تائين آهي. انهيءَ گهڙيال جا 80 کان مٿي پرزا آهن. هن گهڙيال جي مٿان تاريخي نوعيت جو هڪ گهنڊ پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو هر ڪلاڪ تي وڄندو آهي. هن گهڙيال جو پنڊوليم اڍائي مڻ وزن جو آهي ۽ هيٺ -ان- جو وزن 6 مڻ آهي جيڪو چين ذريعي گراڙيءَ کي هلائي ٿو ۽ اهو پينڊوليم هيٺ 60 کان 70 فٽ پاڻيءَ جي کوهه ۾ لهندو رهندو آهي ۽ -ان- ذريعي اهو گهڙيال هلندو رهي ٿو. هيٺ پاڻيءَ جي کوهه ۾ مقناطيس لڳل آهي، جنهن جو وزن اڌ مڻ آهي. هن گهڙيال ۾ هينڊل وانگر هڪ چاٻي به آهي، جنهن کي ٻه ماڻهو ڦيرائيندا آهن ۽ اها چاٻي 15 ڏينهن تائين ڪارگر رهي ٿي. هن گهڙيال جي ڊائل تي ڪلاڪن لاءِ ٻه ڪانٽا آهن ۽ هفتي جي ڏينهن لاءِ پڻ نشان اڪريل آهن.
جان جيڪب 46 سالن جي عمر ۾ 5 ڊسمبر 1858ع تي وفات ڪئي. کيس وصيت موجب گورا قبرستان جيڪب -آباد- ۾ دفنايو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جان جيڪب- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جان جيڪب - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن