داخلا ؛ 7266
پڙهيو ويو ؛ 181
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-24


تصويرون


john marshal.jpg
جان مارشل
جان مارشل



ٽائيم لائين

1876.03.19-A.D
جان مارشل: موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ ، سر جان مارشل جو جنم 19 مارچ 1876ع ۾ چيسٽر ، برطانيا ۾ ٿيو




sindhianaسنڌيانا--جان مارشل

ٽائيٽل ؛ جان مارشل


شاخ : شخصيت

جان مارشل: موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ مشهور آرڪيالاجسٽ، سر -جان مارشل- جو -جنم- 19 مارچ 1876ع ۾ چيسٽر، -برطانيا- ۾ ٿيو. سندس دلچسپيءَ جا مضمون -تاريخ- ۽ قديم آثار هئا. -ان- ڪري هن کي 1902ع ۾ هندستان جـي قـديـم آثـارن لاءِ سـروي واري محڪمي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. هن کان اڳ انهيءَ عهدي تي اليگزينڊر ڪنگهام فائز هو. -جان مارشل- ننڍي کنڊ ۾ قديم آثارن جي بچاءَ ۽ پڌرائيءَ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. -ان- جو مثالي ثبوت سندس دور جا هيٺيان دستاويز آهن:

(1) Archaeological Works code

(2) Ancient Monuments Preservation Act 1904

انهن دستاويزن هتان جي قديم آثارن کي قانوني، فني ۽ تاريخي تحفظ مهيا ڪيو ۽ انهن جي کوٽائيءَ جو ڪم به شروع ٿيو. سر -جان مارشل- جو پورو نالو ’Sir John Harbert Marshall‘هو. هن جي -تعليم- ڊيلوچ ڪاليج ۽ ڪنگس ڪاليج ڪيمبرج ۾ ٿي. هن مڪاني آثارن جي ڄاڻن کي سروي، کوٽاين ۽ مرمت جا ڪم ڏنا. سندس مکيه دريافتن ۾: ٽيڪسلا، موهين جي دڙي، سانچي، سارناٿ کان سواءِ ڪانجهيءَ جي زماني جو هڪ ماڳ Knossos ۽ -ڀونوچ سمنڊ- لڳ يوناني ٻيٽن ۾ ماڳ Crete شامل آهن. هن -ٽيڪسيلا- جون کوٽايون 1913ع ۾ شروع ڪرايون جيڪي 20 سالن تائين -جاري- رهيون. هن ٽيڪسلا ۾ ئي 1918ع ۾ ’Site Museum‘ جو بنياد رکيو. سانچي ۽ سارناٿ جي -ٻڌمت- سان لاڳاپيل ماڳن تي ڪم ڪرايو. هن 1922ع ۾ کوٽائيءَ دوران سنڌ جي قديم -تهذيب- موهين جي دڙي جي صورت ۾ ڳولي لڌي. هن ’Knossos‘ ۽ ‘Crete’ تي 1898ع کان 1901ع جي وچ ۾ ڪم ڪرايا هئا. -ان- ڪري ننڍي کنڊ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ به هن کي کوٽاين جي پوري ڄاڻ هئي. -ٽيڪسيلا- ۽ موهين جي دڙي جي کوٽاين تي سندس ٽي ٽي شاهي جلد ڇپيل آهن، -جن- کي اڄ به هتان جي آرڪيالاجيءَ ۾ بنيادي حيثيت آهي. هن جو ٻيو هڪ ڪتاب ’Guide to Texila‘ آهي. موهين جي دڙي هن کان پوءِ ’Mackay‘ ڪم شروع ڪرايو، جنهن جي رپورٽ به ڇپيل آهي. سرجان مارشل 1928ع ۾ گلڊ فورڊ شهر ۾ وفات ڪئي. انهيءَ وچ ۾ هن کي 1914ع ۾ سندس ڪيل خدمتن جي بطور ’Knighthood‘ ۽ ’سر‘ جو خطاب مليو ۽ وري سبڪدوشيءَ بعد 1936ع سڄي ’United Kingdom‘ جي ’Academic‘ جو ’Fellow‘ چونڊيو ويو هو. هن جي ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

(1) Buddhist Art of Gandhara 1960

(2) Bagh Caves in Gwaliar state, 1927

(3) Monuments of Sanchi (3Vol)

(4) Guide to Sanchi 1918





رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جان مارشل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جان مارشل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن