داخلا نمبر 7269
عنوان جان محمد عباسي مولانا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 136 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جان محمد عباسي مولانا

جان محمد عباسي مولانا

جان محمد عباسي مولانا

جان محمد عباسي مولانا: مولانا جان محمد ولد مولانا غلام رسول عباسي، 1 جنوري 1925ع تي ڳوٺ ٻيڙي خان چانڊيي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ناليوارو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي ذهانت، ديانت، علم ۽ عمل سان نه رڳو پنهنجي علائقي کي متاثر ڪيو پر سنڌ، بلوچستان، ايران ۽ افغانستان تائين پنهنجي علم کي ڦهلايو. هو علائقـي جـو وڏو طبيـب ۽ حڪيم به هو. سندس مدرسي جو نالو ’دارالفيوض‘ هو. هن ديني خدمتون سرانجام ڏنيون. مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽي علامه اقبال کي ٽي سال تعليم ڏني هئي.

مولانا جان محمد عباسي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ٻيڙي خان چانڊيي مان حاصل ڪئي. فاضل عربيءَ جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. درس نظامي جامع مظهرالعلوم ڪوئٽا مان مولانا عبدالعزيز کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ اسلامي تبليغ سان لاڳاپجي ويو. 1954ع ۾ کيس جماعت اسلامي لاڙڪاڻي جو امير مقرر ڪيو ويو. 1963ع ۾ خيرپور ريجن ۽ حيدرآباد ريجن جو امير رهيو. ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ 1970ع کان 1997ع تائين لڳاتار جماعت اسلامي سنڌ جو امير رهيو. ان تنظيم جو ملڪي سطح تي نائب امير به رهيو. سندس شمار جماعت اسلاميءَ جي مکيه اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو.

هن سياست جي شروعات بلدياتي اليڪشن سان ڪئي ۽ 1960ع کان 1971ع تائين يونين ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار ممتاز علي ڀٽي ۽ مسلم ليگ جي قاضي فضل الله سان مقابلي ۾ فارم ڀرايائين، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مقابلي ۾ فارم ڀرائيندڙ هيءُ اڪيلو اميدوار هو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

ڪجهه عرصو صحافت سان به لاڳاپيل رهيو ۽ هڪ سال تائين هفتيوار ’پاڪستان‘ جو ايڊيٽر رهيو. اپريل 1979ع ۾ ايران جي انقلاب جي سرواڻ آيت الله خمينيءَ سان ملاقات ڪيائين. ايران کان سواءِ افغانستان، قطر، بنگلاديش، ڪويت، سعودي عرب، انگلينڊ، ترڪي ۽ آمريڪا جا مختلف وقتن تي دورا ڪيائين.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.01  عيسوي

جان محمد عباسي مولانا: مولانا جان محمد ولد مولانا غلام رسول عباسي ، 1 جنوري 1925ع تي ڳوٺ ٻيڙي خان چانڊيي ، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون