داخلا ؛ 7270
پڙهيو ويو ؛ 152
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-02-24


تصويرون


john milton.jpg





ٽائيم لائين

1608.12.09-A.D
جان ملٽن ( Jhon Milton ) : جان ملٽن جو جنم 9 ڊسمبر 1608ع تي لنڊن جي بريڊ اسٽريٽ ۾ ٿيو




sindhianaسنڌيانا--جان ملٽن

ٽائيٽل ؛ جان ملٽن


شاخ : شخصيت

جان ملٽن (Jhon Milton ):جان ملٽن جو -جنم- 9 ڊسمبر 1608ع تي لنڊن جي بريڊ اسٽريٽ ۾ ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو سينيٽر -جان ملٽن- هو ۽ والده جو نالو ساره جيوفري هو. هن بنيادي -تعليم- -ايس- ٽي، -پائو- جي اسڪول مان ورتي. -جتي- هن لاطيني ۽ يوناني ادب کي پڙهڻ شروع ڪيو. هن 1625ع ڌاري ’ڪئمبرج يونيورسٽيءَ‘ جي ’ڪرائسٽ ڪاليج‘ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1629ع ڌاري بي.اي جو امتحان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ 3 -جولاءِ- 1632ع ۾ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ 1632ع کان 1637ع تائين ’هارٽن‘ ۾ وڃي پنهنجي پيءُ سان رهيو ۽ اوائلي ادب، خاص طور شاعريءَ جي صنفن جو مطالعو ڪيائين. هن جو تعلق پيوريٽن فرقي سان هو. هيءُ دولت مشترڪه جو ملازم به هو. ادبي لکڻين جي شروعات ڪاليج واري دؤر کان ئي ڪيائين. 1626ع ڌاري پهريون ڀيرو هن لاطيني ٻوليءَ ۾ ‘Ekgia Prima’ مرثيو لکيو. هن 1629ع ڌاري ٻه اهم نظم لکيا: (1) \'On the Death of a Fair in fant\'، (2) \'On the morning of chirists Nativity\' ۽ وري 1630ع ڌاري شيڪسپيئر تي ‘The Poem on Shakespear’ لکيائين. 1637ع ڌاري هن ڪاليج جي يادن بابتLycidas نالي شاعريءَ جو ڪتاب لکيو. چيو وڃي ٿو ته ملٽن Lycidas، -بادشاهه- ايڊورڊ (Edward)کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لکيو هو.

1649ع ڌاري\'Magistrets\' ۽ \'The Tenure of kings\' لکيائين. 1654ع ۾ اکين ۾ سائي موتئي جي ڪري هميشه لاءِ انڌو ٿي ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن چوڏهن سٽن وارو نظم ‘On his Blindness’ لکيو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ سانيٽ ‘Sonnet’سڏيو ويو.

هن پهرين شادي 1651ع ڌاري ميريءَ سان ڪئي، جيڪا 1652ع ۾ وفات ڪري وئي. ٻي شادي 12 نومبر 1656ع تي ڪيائين، جيڪا پڻ 1658ع ۾مري وئي ۽ -ٽين- شادي 24 فيبروري 1663ع تي ايلزبيٿ سان ڪيائين. 1959ع ڌاري هن جو ڪتاب ’A Tratise of Civil Power‘ ڇپيو. هن ڪيترا نثري نظم لکيا. ملٽن جو مشهور نظم ‘Paradise lost’ آهي، جيڪو هڪ طويل نظم هو، -ان- ملٽن کي مشهور ڪيو. هيءُ بيانيه انداز ۾ لکيل مذهبي نظم آهي، جنهن ۾ خدا، شيطان، آدم، حوا، جنت، جهنم ۽ انهن ۾ رهندڙ فرشتن جو ذڪر ڪيل آهي، هيءُ طويل نظم هن 1664-1658 ڇهن سالن جي محنت کان پوءِ تيار ڪري ڇپايو ۽ وري 1671ع ڌاري ‘Paradise Regained’ شايع ٿيو. 8 نومبر 1674ع تي هن بڪين جي مرض سبب وفات ڪئي، کيس چرچ آف ايس. ٽي. گلس ڪرپلگيٽ ۾ دفنايو ويو.





رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جان ملٽن- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جان ملٽن - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن