داخلا نمبر 7271
عنوان جان ميڪسويل ڪوئٽزي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 137 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جان ميڪسويل ڪوئٽزي

جان ميڪسويل ڪوئٽزي

جان ميڪسويل ڪوئٽزي

جان ميڪسويل ڪوئٽزي (John Maxwell Coetzee ):ڏکڻ آفريڪا جي ناول نگار، نقاد، مترجم، نوبل انعام يافته شخصيت جان ميڪسويل ڪوئٽزي جو جنم 9 فيبروري 1940ع تي ٿيو. هن جو والد وڪيل، جڏهن ته ماءُ اسڪول ۾ استاد هئي. جان مئڪسيول ايس. ٽي جوزف ڪاليج ۾ پڙهيو. بعد ۾ ريـاضـي ۽ انـگــريـزي ڪـيـپ ٽـائــون يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. اتان 1961ع ۾ بي اي آنرس انگريزيءَ ۾، جڏهن ته رياضيءَ ۾ به گريجوئيشن ڪيائين. 1962ع ۾ هن برطانيه ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر طور ڪم ڪيو. 1963ع ۾ برطانيه ۾ قيام دوران هن (Ford Madox Ford) ناول تي مقالو لکيو، جنهن تي ڪيپ ٽاؤن يونيورسٽي طرفان هن کي (ماسٽر آف آرٽ) جي ڊگري سان اعزازيو ويو. ان کان پوءِ جان ڪوئٽزي ٽيڪساس جي يونيورسٽيءَ مان 1969ع ڌاري ’لسانيات‘ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. 1968ع ۾ هن نيويارڪ جي اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب پڙهڻ شروع ڪيو. نيويارڪ ’بفالو‘ ۾ رهندي هن پنهنجو پهريون ناول ‘Dusk lands’ لکيو. ٿوري عرصي بعد هيءُ ڪيپ ٽائون موٽي ويو ۽ اتي ڪيپ ٽائون يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب پڙهائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ 1983ع ۾ هن کي ترقي ڏيئي ادب جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 2002ع ۾ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هو آسٽريليا هليو ويو، جتي کيس آسٽرليا جي ائڊليڊ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ اعزازي ريسرچ فيلو طور رکيو ويو. هو سوشل ٿاٽ ڪميٽيءَ تي شڪاگو يونيورسٽيءَ ۾ 2003ع تائين پروفيسر رهيو. جان ڪوئٽزي کي پنهنجي ڪيريئر جي دوران ڪيترن ئي اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو ويو. هن کي سندس ناول (Waiting for the Barbarians) لکڻ تي ٽئلنٽ بلئڪ ميموريل پرائيز ڏنو ويو. هن کي ٽي دفعه ’سي. اين. اي‘ (C.N.A) جي اعزاز سان نوازيو ويو. هن جي ناول ‘Age of Iron’ کي ‘Express Book of the Years Award’ سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ 1995ع ۾ هن کي ‘The Master of Petersburg’ ناول لکڻ تي ‘Irish Times International Fiction Prize’ ڏنو ويو. هيءُ پهريون ليکڪ هو، جنهن کي ٻه دفعا ’بڪر پرائيز‘ ڏنو ويو. پهريون انعام ‘First for life & times of Mixhael K’ 1983ع ۾ ۽ ٻيو انعام ‘Disgrace’ ناول لکڻ تي ڏنو ويو ۽ اهڙي نموني سان اهو انعامن جي طويل سلسلو 2 آڪٽوبر 2003ع اوج تي پهتو. جڏهن هن کي ’ادب جي نوبل انعام‘ سان نوازيو ويو. هيءُ چوٿون آفريڪي هو، جنهن کي ايڏي اعزاز سان نوازيو ويو. جان ڪوئٽزي وڪيل به رهيو. 1963ع ۾ جان ڪوئٽزي فلاپا جبر سان شادي ڪئي. هنن جي 1980ع ڌاري طلاق ٿي ويئي. هنن کي ’جسيلا‘ نالي هڪ ڌيءَ ۽ ’نڪولس‘ نالي هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جيڪو هڪ حادثي ۾ 23 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.





هن صفحي کي شيئر ڪريو