داخلا نمبر 7281
عنوان جانوري مصري خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 93 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جانوري مصري خان

جانوري مصري خان: مصري خان جانوري، ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي وفادار خدمتگارن مان هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪلهوڙن جي درٻار سان وابسته رهيو. جڏهن ميان سرفراز خان ڪلهوڙي مير بهرام خان ٽالپر کي قتل ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو، تڏهن ٻئي ڏينهن جڏهن مير بهرام خان ٽالپر اڪيلي سر گهران نڪري اڃا اڳتي مس وڌيو ته اتي مصري خان جانوري کيس مليو ۽ مير صاحب کي سلام ڪري عرض ڪيائين ته مير صاحب اڄ درٻار ۾ نه وڃو، ڇو جو ميان سرفراز خان اڄ توهان کي قتل ڪرڻ جو پورو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. مير بهرام جواب ڏنو ته آءٌ بيگناهه آهيان، جي مون کي شهيد ڪرائيندو ته سندس ئي نقصان ٿيندو. مصري خان جانوري درٻار ۾ انهيءَ ڏينهن نه ويو، متان هن غلط ڪم ۾ هو به شامل ٿئي. بهرحال مير بهرام خان ٽالپر کي ميان سرفراز خان جي اشاري تي حسين مرڙاڻي لڪي تلوار سان شهيد ڪيو، ان کان پوءِ اتي مير بهرام خان جي پٽ مير صوبدار خان کي پڻ شهيد ڪيو ويو. انهيءَ واقعي (1189هه/1775ع) کان پوءِ ڪلهوڙن جو زوال شروع ٿيو ۽ جلد ئي ٽالپرن جو دؤر شروع ٿيو، پر مصري خان جانوري آخر تائين ڪلهوڙن سان وفاداري ڪئي ۽ مير فتح علي خان ٽالپر جي دؤر ۾ گذاري ويو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو