داخلا نمبر 7273
عنوان جانڻ چن
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 266 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جانڻ چن

جانڻ چن

جانڻ چن

جانڻ چن: صوفي فقير جان محمد ’جانڻ‘ چن، 1313 هجري مطابق 1895ع ڌاري ڳوٺ ’ٿرڙي هاجران‘ جي ديني عالم فقير محمد حسن چن جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ جو نالو رحيم خاتون هـو. فقـيـر جـانـڻ چـن کي مـرشـد طـرفـان ’صادق علي‘ جو خطاب ڏنو ويو. سندس والد مولوي محمـد حسـن فقـيـر بلـوچسـتان جـي هڪ بروهي گهراڻي مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس 3 نياڻيون ۽ 7 فرزند ٿيا. جن مان ٻه فرزند محمد قاسم ۽ عبدالرزاق چن ننڍپڻ ئي وفات ڪري ويا. فقير جانڻ پنهنجي حيات ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي هو. سندس ڀائرن کيس ٽي سال هڪ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، پر قرآن پاڪ جون ڪجهه ايميون ئي پڙهيو ته ان تي مدرسي جي استاد چيو ته هيءُ ڪو نه پڙهندو، وڃي ڌنار ڪيوس. هن ان کانپوءِ ڪا به ظاهري تعليم نه ورتي، تنهنڪري سندس ابتدائي ڪرت جهنگ ۾ مال چارڻ ۽ اڪيلائي هئي. انهيءَ دور ۾ پاڻ سيد عبدالقادر جيلانيءَ تي اعتقاد رکندو هو ۽ هر مشڪل وقت ۾ ’ياد دستگير‘ جي صدا بلند ڪندو هو. 11 ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار رحلت ڪري ويو. 1919ع ۾ لاڙڪاڻي مان هليل خلافت تحريڪ ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ بخشل چن سان گڏجي سياسي خدمت پڻ ڪيائين ۽ انقلابي شعر چيائين. ائين سندس شاعري جوش، جذبي، درد، هارين، پورهيت ۽ انقلاب جي موضوعن تي جاري رهي. 30 ورهين جي ڄمار ۾ وارهه تعلقي جي ڳوٺ کٽياڻ جي هڪ کٽياڻ گهراڻي مان شادي ڪيائين. کيس 5 نياڻيون ۽ چار پٽ پيدا ٿيا. شاديءَ کان پوءِ هڪ هندو جي زمين تي هارپو ڪيائين. هندن پاران هندستان لڏي وڃڻ کان پوءِ اها زمين کيس الاٽ ٿي، پر پاڻ اها ڪو نه کنيائين. هاري تحريڪ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان ڀرپور ساٿ ڏيندي انقلابي نظم چيائين:

ڪري سجاڳي! جلدي جاڳي، هاري ٿيو هوشيار!

بگهڙ اٿيا ٿوَ خون پيئڻ لاءِ.

هاري تحريڪ کان پوءِ سندس ڪلامن زور ورتو. يڪتاري تي ڪلام ڳائيندو هو ۽ سنڌ جي ننڍين وڏين درگاهن تي حاضري ڀريندو رهندو هو. کيس عشق حقيقي جي ميخ لڳي، ’الله جو پنڌ ڪاڏي آ‘ جي جستجو ۾ نت نوان صوفياڻا ڪلام ڳائيندو، حق ۽ سچ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. الاهي عشق ۾ زارو قطار روئندو بزرگن جي حاضري ڀريندو رهيو. 1951ع ۾ صوفي شاعر مهدي سائين جهانيان وٽ پهتو. سندس آمد تي مهدي سرڪار هيءُ ڪلام ڳايو:

يار اچي ٿو ڏاڙهيءَ وارو،

وڄندو هائي نغارو،

آيو اٿئو ڏاڙهيءَ واري جو وارو،

وڄندو هائي نغارو.

موٽ ۾ فقير جانڻ چن پنهنجي اندر جي اور هيٺئين ڪلام ۾ ڪئي:

ذاتي صفا تي هي شعر اسا ڏا، قلبي ذڪر ڪميندي هون،

ونحن اقرب، ويجها ٿيو سي روجي رمز ليندي هون،

محبت مست و مست بنايا، دونها درد دکيندي هون،

تن وچ تاران ڪِرن پچاران وحدت نال وڄيندي هون.

مهدي سرڪار جي مريد ٿيڻ کان پوءِ سندس اندر وڌيڪ اجرو ٿي ويو. صدر ايوب ۽ پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي آڏو عوامي شاعري پڙهيائين. سکر جيل ۾ ايوبي مارشل واري دؤر ۾ قيد پڻ ڪاٽيائين، جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته ضد ڪري بيهي رهيو ته مون تي وڏيري حاجي عمر ڦلپوٽي وارن جيڪو ڪيس ڪيو آهي اهو درست آهي ۽ مون کي ان جي معافي نه پر سزا کپي. ائين ڏهن مهينن جي جيل دوران پاڻ ڳائيندو وڄائيندو پنهنجو عشق ريجهائيندو رهيو. اتي ئي مهدي سرڪار جي اجازت سان سندس پهريون طالب (مريد) محمد پناهه ٿهيم ٿيو ۽ جيل کان نڪرڻ کانپوءِ سندن مريدي جو اهو سلسلو وڌيڪ پراثر بنجي ويو. پاڻ نفي ۾ گذارڻ لڳو. سندس هيٺيون ڪلام مشهور آهي ته:

وڪامي وياسين دلبر جي در تي،

ڪندو قرب پنهنجو ٻانهي جي گهر تي.

صوفياڻي شاعريءَ تان 1991ع ۾ مٿس ڪجهه مولوين پاران واجب القتل جي فتويٰ جاري ٿي. آخري وقت فقير صاحب گهڻو عليل رهيو. وفات کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ رياضتي طالب امن عليءَ کي آگاهه ڪيائين ته هو ايندڙ رات هن دنيا کان مظهر مٽيندو ۽ ائين ئي ٿيو، جو پاڻ پهرين شعبان 1416هه/ 24 ڊسمبر 1995ع آچر جي ڏينهن فجر مهل وفات ڪيائين. فقير جانڻ چن جي مختصر سوانح ۽ ڪلام ’حق اثبات‘ جي نالي سان ياور علي ڪاظمي ۽ محبت علي پاران ترتيب ڏنو ويو، جنهن جي نئين سر ترتيب حڪيم اعجاز حسين چانڊئي ڏني آهي، اهو ڪتاب روشني پبليڪيشن طرفان 2009ع ۾ شايع ٿيل آهي. ساڳيو ڪتاب سنڌي ساهت گهر طرفان به ڇپايو ويو.







هن صفحي کي شيئر ڪريو