داخلا نمبر 7298
عنوان جاويد شاهه جيلاني
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 100 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جاويد شاهه جيلاني

جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاهه آهي، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ايم. اي (صحافت) 1992ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. صحافت جي شروعات نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران روزاني ’سنڌ نيوز‘ حيدرآباد ۾ قمبر شهر جي نمائندي طور ڪيائين. جنهن کان پوءِ مختلف اخبارن: روزاني آفتاب حيدرآباد، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، پاڪستان پريس انٽرنيشنل (P.P.I)، روزاني مهراڻ حيدرآباد، روزاني امن ڪراچي، روزاني بشارت ڪراچي، روزاني بختاور حيدرآباد، روزاني الک حيدرآباد وغيره جو نمائندو ۽ لاڙڪاڻي جو بيورو چيف رهيو آهي.

جاويد شاهه جيلاني 1989ع ۾ قمبر ۾ جاويد پرنٽنگ پريس کولي، مارچ 1989ع ۾ ئي قمبر مان هفتيوار اخبار ’عدالت‘ جاري ڪئي. هفتيوار ’پاڪستان‘ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن ڪهاڻيون، شاعري، سماجي مسئلن تي رپورٽون وغيره لکيون آهن. سيد جاويد شاهه جيلانيءَ جو تعلق مختلف تنظيمن سان به رهيو آهي، سجاڳ ٻار تحريڪ جو ميمبر (1977ع)، چڻنگ سنگت ۾ سکر ڊويزن جو آرگنائيزر (1983ع)، ڀٽائي ادبي اڪيڊمي قمبر جو باني ۽ چيئرمئن (1988ع)، جرنلسٽس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو باني ۽ صدر (1995ع)، سگا جو مرڪزي ايسوسيئيٽ سيڪريٽري (2000ع)، عورت فائونڊيشن لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪوآرڊينيٽر (2000ع) به رهيو آهي.

جاويد شاهه ضلعي، صوبائي ۽ ملڪي سطح تي ڪيترا سرٽيفڪيٽ ۽ اوارڊ حاصل ڪيا آهن، جن ۾: سماجي خدمتن تي سگا سلور جوبلي اوارڊ (1999ع)، عورت فائونڊيشن شيلڊ (2002ع)، صحافتي خدمتن تي سنڌ شهري اتحاد اوارڊ (2002ع) وغيره شامل آهن. جاويد شاهه جيلاني صحافتي ۽ سماجي سرگرمين خاطر 1992ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.09.14  عيسوي

جاويد شاهه جيلاني: لاڙڪاڻي جي مشهور صحافي سيد جاويد شاهه ولد غوث محمد شاهه جيلانيءَ جو اصل نالو جاويد اختر شاهه آهي ، هن 14 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ مٺي جتوئي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون