داخلا نمبر 7301
عنوان جاويد قاضي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 107 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جاويد قاضي

جاويد قاضي

جاويد قاضي

جاويد قاضي: ناليوارو صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي، مشهور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي. هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس والد قاضي فيض محمد نه صرف هاءِ ڪورٽ سنڌ جو وڏو وڪيل هو. پر سندس شمار سنڌ جي ساڃاهه وند اديبن ۽ هاري تحريڪ جي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو. قاضي فيض محمد جا ٽي ناول، آتم ڪٿا ۽ ٻه شاعريءَ جا ڪتاب ڇپيل آهن. جاويد قاضي پرائمري تعليم نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ 1979ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان، انٽر گورنمينٽ ڪاليج موري (1981ع) مان ۽ بي. اي (انجنيئرنگ) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1988ع ۾ڪيائين. سدائين پهريون نمبر کڻندڙ جاويد قاضيءَ DABP جو ڪورس انسٽيٽيوٽ آف بينڪرس آف پاڪستان مان 2000ع ۾ ۽ ايل ايل بي جي ڊگري يونيورسٽي آف لنڊن (ايڪسٽرنل) مان 2009ع ۾ ڪئي. جاويد قاضيءَ جا سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن تي ڪالم، تجزيا، پروفائيل، انٽرويو، اڀياس، تبصرا وغيره اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. گذريل پندرهن سالن کان سنڌي ٻوليءَ جي اهم ڪالمسٽ طور سڃاتو وڃي ٿو. جاويد قاضي، ’هم‘ ٽي. وي (اردو) ۽ سنڌ ٽي. وي تي ڪجهه عرصو ’اينڪر پرسن‘ طور ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هن اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا. هن بئنڪاري جا به ڪيترا ڪورس ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ هن پاڪستان کان ٻاهر انگلنڊ ۽ بنگلاديش وغيره ملڪن ۾ ڪيترن سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ به حصو ورتو آهي. قاضي جاويد انساني حقن، غربت جي خاتمي ۽ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندي، انهن مسئلن بابت ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪري سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي. هن وقت به لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. ايم ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي سنيئر وڪيل عبدالحفيظ لاکي سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.05.02  عيسوي

جاويد قاضي: ناليوارو صحافي ، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ، مشهور محب وطن سياستدان ۽ هاري اڳواڻ ، قاضي فيض محمد جو فرزند آهي . هن 02 مئي 1964ع تي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون