داخلا نمبر 7188
عنوان جاگيرداري نظام
شاخ سماج
پڙهيو ويو 161 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جاگيرداري نظام

جاگيرداري نظام: هڪ سماجي معاشي جوڙجڪ، جيڪا غلاميءَ واري يا قديم پئنچائتي نظامن جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ سامهون آئي ۽ تقريباً سڀني ملڪن ۾ موجود رهي. حڪمران جي طرفان ڪنهن وفادار ملازم يا خدمتگار کي سندس خدمت جي عيوض، گذاري لاءِ انعام طور مليل زمين کي جاگير چئبو هو. ان زمين جي ڍل وغيره جاگيردار کي معاف هوندي هئي. جاگيردار ۽ هاري، جاگيرداري معاشري جا مرڪزي طبقا رهيا آهن، جاگيردار جا ساٿي اڪثر حڪمران ۽ مفادپرست مذهبي اڳواڻ رهيا آهن، حڪمران طبقي ۾ سماجي جاگيرن جو هڪ سلسلو ترتيب ڏنل هو ۽ ننڍا جاگيردار وڏن جاگيردارن جا زيردست هوندا هئا. پٺتي پيل زميندارن ۽ هارين کي ڪي به سياسي حق حاصل نه هئا. ڳوٺن ۾ آباديءَ جو وڏو حصو غير هنرمند مزدورن ۽ انهن جي آقائن تي مشتمل هو. جاگيرداري نظام ۾ هارين جي محنت پيداواري قوتن جو اهم عنصر هئي.

ننڍي کنڊ ۾ جاگيرداري نظام دهليءَ جي سلطنت متعارف ڪرايو، ان ڪري مرڪزي حڪومت ڪمزور ٿي. سلطان غياث الدين بلبلن (87-1266ع) ان جي حوصلي شڪني ڪئي ۽ سلطان علاؤالدين خلجي (1316-1296ع) ان کي مڪمل طور ختم ڪيو، پر سلطان فيروز شاهه تغلق (88-1351ع) جاگيرداري نظام وري بحال ڪيو. شروعاتي مغل شهنشاهن نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ تي پگهاردار عملدارن کي رکڻ چاهيو، پر پوءِ وارن مغل حڪمرانن ٻيهر ان جي تائيد ڪئي. ارڪوٽ جي نواب محمد عليءَ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي (هاڻوڪي تامل ناڊو رياست ۾) بنگال جي خليج سان گڏ 120 ميل ڊگهو ۽ 47 ميل ويڪرو علائقو جاگير طور عطا ڪيو. پوءِ هيءَ جاگير مدراس پريزيڊنسي جو مرڪز بڻي. انگريز دور ۾ پراڻين جاگيرن کي انفرادي خاندانن جي ملڪيت سمجهيو ويو. خاص ڪري مهاراشٽر واري علائقي ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ماڻهن کي جاگيرون مليون.

ٽالپرن جي دؤر تائين سنڌ ۾ چئن قسمن جا جاگيردار هئا، پهريان اهي جاگيردار، جن کي ٽالپرن جي حڪومت کان اڳ ۾ پروانن ذريعي جاگيرون مليون هيون ۽ وقت جي حڪومت سان وفاداريءَ سبب بحال ڪيون وينديون هيون، ٻيا اهي جاگيردار جيڪي ٽالپرن جي شاهي خاندان مان هئا، جن کي آسائش جي زندگي گهارڻ لاءِ جاگير ڏني ويندي هئي. ٽيان اهي بلوچ سردار ۽ امير جيڪي پاڻ وٽ فوجي دستا رکندا هئا ۽ ضرورت جي وقت لڙائي خاطر لشڪر ڪٺو ڪري ڏيندا هئا. چوٿان پير، فقير، عالم ۽ مجاور جن کي ’مخير‘ سڏبو هو. اهي جاگيردار پنهنجن ڪمدارن ۽ خادمن ذريعي هارين کان زمين آباد ڪرائيندا هئا.

سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگريز سرڪار حڪم جاري ڪيو ته جاگيردار ۽ اهي ماڻهو، جيڪي 17 فيبروري 1843ع تائين، جن زمينن تي قابض هئا، حاضر ٿي سلاميءَ جو پروانو حاصل ڪن ۽ پنهنجي معاف ڪيل ڍل واري زمين تي قابض ٿين. ان حڪم نامي تي ڪيترن ئي جاگيردارن مقرر تاريخ تي ملڪه وڪٽوريه جي سالگرهه تي، اهي پروانا حاصل ڪيا. سال 1847ع ۾ جاگيرن جي معاملن کي نبيرڻ لاءِ سنڌ جي هر ضلعي اندر تپيدار، ڪاردار، مختيارڪار ۽ انهن جي مٿان دفتردار مقرر ڪيا ويا، جن سرڪار جي حصي (ڍل) وصول ڪرڻ سان گڏ ماڻهن سان سٺو ورتاءُ ڪري، زراعت ۾ واڌاري ۽ سڌاري لاءِ، وڏي ناري (اوڀارئين واهه) جي کاٽي، صفائي ۽ ويڪرائيءَ جو انتظام ڪيو.

1853ع ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا مير صاحب جيڪي ڪلڪتي، هزاري باغ ۽ پوني وغيره ۾ انگريزن جي نظربنديءَ هيٺ هئا، آزاد ٿي پنهنجن علائقن ۾ پهتا. انهن به انگريز سرڪار کان پنهنجي حيثيت آهر وظيفا، جاگيرون ۽ عطيا حاصل ڪري گذارو ڪرڻ شروع ڪيو.

49- 1948ع ۾ سنڌ حڪومت هڪ ائڪٽ ذريعي سنڌ مان جاگيرداريون ختم ڪري، اهي زمينون پشت به پشت هارپو ڪندڙ هارين ۾ ورهائي کين مالڪاڻا حق ڏيئي ڇڏيا. ان وقت سنڌ جو وڏو وزير مير بنده علي خان ٽالپر هو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سماج - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
ارغون
ٻلو (اعزاز)
اشتراڪيت
اعرابِي
آدمشماري
بڪڪ
ادباڻي
سماج ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون