جبار آزاد منگي

جبار آزاد منگي

جبار آزاد منگي

جبار آزاد منگي: ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگيءَ 18مارچ 1962ع تي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. صحافت ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي خبرن واري شعبي سان وابسته آهي. هن جا لکيل 50 کان وڌيڪ ڊراما سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ٿي چڪا آهن. هيءُ المهراڻ سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن نصيرآباد، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن نصيرآباد جو باني، پهريون صدر ۽ ڪنوينر رهيو آهي. جبار آزاد منگيءَ جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس لکيل هڪ گيت ’او مٺي او مٺي تڪي تنهنجي گهٽي‘ فنڪار شفيق منگيءَ جي آواز ۾ مقبوليت ماڻي آهي. کيس خدمتن جي عيوض ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ سگا لاڙڪاڻي ڊويزن طرفان ’بهترين ڪارڪن‘ اوارڊ، 1995ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سرڪل پاران ’بينظير ٽيلينٽ اوارڊ‘، ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني هٿان مليل آهي. هيءُ هن وقت نصيرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.18  عيسوي

ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگيءَ 18مارچ 1962ع تي نصيرآباد، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميره نور
راشدي زمان شاهه
ارشاد سومرو
پياسي نظر چانڊيو
جويو خاڪي
شيخ رحمت الله ٺٽوي
ريحان اعظمي
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
ابو البقا ملا ٺٽوي
داسي ديوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون