داخلا نمبر 7324
عنوان جبل
شاخ ڌرتي
پڙهيو ويو 278 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جبل

جبل

جبل

جبل (Mountain ):جبل اصل ۾ ٽاڪرو (Rocky) مواد ۽ مٽيءَ جا/ مان ٺهيل آهن. ڌرتيءَ جا صفا ٻاهريان تهه ڇهن پاٽن/ پڙڇن (Plates) جا ٺهيل آهن، جڏهن ڌرتيءَ جون ڪي به ٻه پليٽون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجن ٿيون، ته زمين جو ڳپل حصو مٿي اُڀريو پوي، جو جبل ٺهڻ جو سبب بڻجي ٿو. هڪ اندازي موجب قديم ترين ڄاتل ٽڪرن/ ٽاڪن (Rocks) جي عمر 3900 ملين سالن جي لڳ ڀڳ سمجهي وڃي ٿي. ڀون وديا (Geology) جي عمل ۽ جابلو جوڙ ٽوڙ سبب پنج مکيه قسمن جا پهاڙ ٿين ٿا:

1. Fold Mountain: هي قسم عام آهي، هماليا، آلپس وغيره هن قسم جا جبل آهن، هي جبل ڌرتيءَ جي ٻن پليٽن جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ ٺهيل آهن. هنن جا به ٻه قسم آهن: (1) ٻنهي پاسن سان لاهانديءَ واري لپيٽ (Anticline)، (2) ٻنهي پاسي مٿي چاڙهي واري لپيٽ (Syncline).
2.
Fault Block: هن حالت ۾ شگاف يا سير سبب ٽڪر (Rock) جو مواد گهرڪي اندر وڃي ٿو. هن جا به ٻه قسم آهن::(1) Lifted، (2) Tilted. پهرين ۾ جبل جا ٻئي پاسا اڀڪپرا هوندا آهن. ٻئي قسم جو هڪ پاسو اُڀو ۽ ٻيو پاسو جهڪي لاهه سان ٿئي ٿو.
3.
Volcanic Mountain: هيءُ جبل، ٻرندڙ جبلن جي لاوي (Magma ) جي ٺري وڃڻ سان ٺهن ٿا.
4.
Dome Mountain: هن حالت ۾ ٻرندڙ جبل واري (Magma) پاسن واري ٽڪر (Rock) تي ٺري ٺوٺ ٿيڻ بعد جبل جي چوٽي (Core) بڻجيو پوي.
5.
Plateau Mountain: در حقيقيت ۾ نقلي يا ڪوڙو جبل آهي، جيڪو گهڻو ڪري پراڻن Fold Mountains جي پاسن ۾ جبلن جي کاڌ سبب ڀُريل مواد جي گڏ ٿيڻ سان ٺهي ٿو.

زمين جي اوٿ جو اهو حصو، جيڪو واري زمين کان محدود ايراضيءَ تائين مٿي اڀريل هجي، ان کي جبل (Mountain) سڏجي ٿو. هن جي ڊيگهه ۽ ويڪر لاءِ ڪا ماپ يا اندازو مقرر نه آهي. پر اوچائيءَ بابت مختلف ماپون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي 300 ميٽرن کان وٺي 2500 ميٽرن تائين آهن. عام طرح 300 ميٽر اوچائيءَ کان گهٽ واري اُڀار کي ٽڪري يا ٽوڙو ڪوٺيندا آهن. اهڙن اندازن جي بنياد تي دنيا جي کنڊن يا وڏن علائقن تي موجود جبلن جي ڪٿ موجب ايشيا جو 64%، يورپ جي 25%، ڏکڻ آمريڪا جي 22%، آسٽريليا جي 17%، آفريڪا جي 3% زمين تي جبل پکڙيل آهن: هڪ اندازي موجب دنيا ۾ سراسري طور 24% حصي ۾ جبل آهن.

جبل جون ڪي عام خاصيتون يا وصفون: دنيا جون اڪثر نديون جبلن تان وهڻ شروع ڪن ٿيون. دنيا جي اڌ کان وڌيڪ آبادي پاڻيءَ جي حوالي سان جبلن تي مدار رکي ٿي. جبل ملڪن جي آبهوا کي متاثر ڪن ٿا. قطبن وٽ جتي ٻارهوئي برف ڄميل رهي ٿي. اتي ٿڌ کان سواءِ برفاني ڇپن (Glaciers) جي گهرڪڻ يا گسڪڻ جي ڪري جيڪا کاڌ ۽ ٽوڙ ڦوڙ ٿئي ٿي. اها جبلن وغيره جي شڪلين کي تبديل ڪري ٿي. انهيءَ علائقي ۾ Glacier Lakes (برفاني ڍنڍون) به ٺهن ٿيون. جبلن جي اوچائيءَ تي نه رڳو آب هوا، پر اتان جي نباتات ۽ حيوانات به متاثر ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اوچن جبلن جي چوٽين، وچ ۽ پيڙهه وٽ جدا جيو ڏسائون (Ecologies) هجن ٿيون. ماڻهو جبلن تي رهڻ کان وڌيڪ سنئين زمين تي رهڻ پسند ڪري ٿو. جابلو ماڻهوءَ جي جسماني حالت به ڪنهن حد تائين مختلف هجي ٿي ۽ مٿانهينءَ تي خاص ڪري 3500 ميٽرن کان مٿي رهندڙ ماڻهن ۾ آڪسيجن جي ڪميءَ سبب ڪي مخصوص بيماريون به ٿين ٿيون. ڪن برفاني ۽ سرسبز جبلن کي تفريحي هنڌن طور مشهوري آهي. ڪن جبلن تي ڪن مخصوص راندين جو چهچٽو يا جوش خروش موسمي يا دائمي رهي ٿو. مثال طور: Skiing، Ice climbing، Rock climbing، Mountaineering، Hiking، Back packing، Lifts، Tram ways وغيره وغيره.

سنڌ کي به وت سارو جبلن جو حصو مليو آهي. سڄو اولهندو ڪنارو کيرٿر، وچ ۾ ڪٿي ڪٿي (روهڙيءَ جي آس پاس ۽ حيدرآباد جي اوسي پاسي ۾) ٽڪريون، ۽ ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ وٽ ڪارونجهر جبل، سنڌ کي به جبلن وارن خطن ۾ شمار ڪرائين ٿا. انهن جبلن مان سڀ کان آڳاٽو ڪارونجهر ۽ پوءِ لڪي جبل جو ٿورو حصو، باقي گهڻو ڪري Tertiary جيالاجي جي ٽئين دور ۽ ان کان پوءِ وارن دورن جا آهن. کيرٿر جبل جي اوچائي ڪن هنڌن تي 6000 فوٽن کان مٿي آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو