داخلا نمبر 7340
عنوان جت علي فقير
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 97 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جت علي فقير

جت علي فقير: علي بندر تي هاڻوڪي سم نالي جي موريءَ کان ٿورو اولهه طرف هڪ قبرستان آهي. جتي هڪ قبر علي فقير جت جي نالي سان موجود آهي، چون ٿا ته جڏهن ان جاءِ تان درياهه جو وهڪرو اوج سان وهندو هو. تڏهن علي فقير پاڻ ئي ايندڙ ويندڙ واٽهڙن کي درياهه مان ٻيڙيءَ ذريعي پار اُڪاريندو هو. پر ڪڏهن به ڪنهن کان پتڻ ڪو نه ورتائين، تنهنڪري ماڻهو سندس جيئري ته عزت ڪندا هئا پر سندس مري وڃڻ کان پوءِ به سندس قبر تي گلن جون چادرون چاڙهيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو