داخلا نمبر 7352
عنوان جتوئي آڍو خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 147 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جتوئي آڍو خان

جتوئي آڍو خان: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص مصاحبن مان هو، ان دور ۾ خاص عهدن تي رهيو ۽ محراب خان جو مائٽ هو. آڍو هن سان گڏ وڙهندي چالڪ جي جنگ ۾ مارجي ويو. سندس وڌيڪ احوال نه ٿو ملي. آڍي خان جو مقبرو نوابشاهه (هاڻي بينظيرآباد) ۾ آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو