داخلا ؛ 7354
پڙهيو ويو ؛ 119
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-03-11


تصويرون


jatoi irshad sagar.jpg
جتوئي ارشاد ساگر
جتوئي ارشاد ساگر



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جتوئي ارشاد ساگر

ٽائيٽل ؛ جتوئي ارشاد ساگر


شاخ : شخصيت

جتوئي ارشاد ساگر: سجاول جو مشهور شاعر ارشاد ساگر، جهوڪ شريف لڳ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي -ٺٽي- ۾، پهرين -اپريل- 1950ع تي ڄائو. سندس پورو نالو ارشاد احمد ولد محمد عارب -جتوئي- هو. هن پرائمري -تعليم- سجاول جي بوائز پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ کان وٺي انٽر تائين -تعليم- سجاول جي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هن شاعريءَ ۾ ابتدا ڪنهن واقعي کان متاثر ٿي ’ڪولهڻ‘ نظم لکڻ سان ڪئي. سندس چاچي ۽ نامياري شاعر محمد خان مجيديءَ کيس ’سوز‘ تخلص ڏنو، پر اڳتي هلي ارشاد ’ساگر‘ تخلص اختيار ڪيو ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ’ارشاد ساگر‘ طور مشهور ٿيو.

ارشاد ساگر شاگرديءَ واري دور ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس ڪلچرل آرگنائيزيشن (S.S.C.O) ۾ پنهنجي -ڀاءُ- علي محمد جتوئيءَ سان گڏجي سرگرم ڪارڪن طور حصو ورتو. بعد ۾ جڏهن پيپلز -پارٽي- سرگرم ٿي ۽ -ٺٽي- ۾ محمد خان سومري، -اعجاز- خواجه، اسماعيل سوهي، -بابو- غلام حسين، وزير ميمڻ ۽ ستار لوهار ضلعي جي زميندارن سان مهاڏو اٽڪايو پئي ته ڳڀرو ارشاد ساگر به ساڻن اچي گڏيو. هن پيپلز پارٽيءَ ۽ شهيد ذوالفقار -ڀٽي- جي محبت ۽ وفاداريءَ سبب ضيائي آمريت جا عذاب به سٺا ۽ 1983 جي ايم. آر. ڊي واري جدوجهد ۾ قيد به ڪاٽيو.

ارشاد ساگر سٺو مقرر ۽ بهترين مضمون نگار به هو. -ان- ڪري ڪيترا ڀڄن به لکيائين. هن جي شاعري بيتن، واين، نظمن، ٽه سٽن، چؤ سٽن، گيتن ۽ غزلن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام يوسف سنڌيءَ ’سنڌي ادبي سنگت‘ پاران مئي 2010ع ۾ ’اسين مسافر‘ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ارشاد ساگر لا اُبالي ۽ قلندرا نه شخصيت جو مالڪ هو. صاف گو ۽ سڌو سادو، روشن خيال، وطن دوست ۽ يار ويس -انسان- هو. نامور صحافي فقير محمد لاشاري ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو جڏهن ڪار حادثي ۾ گذاري ويا ۽ غلام قادر پليجو ۽ جڳديش ملاڻي شديد زخمي ٿيا هئا ته کين راولپنڊيءَ ۽ -اسلام- -آباد- جي اسپتالن ۾ کڻائي وڃڻ وارن ۾ ارشاد ساگر به شامل هو. فقير محمد لاشاري ۽ اسماعيل اُڍيجي جي وڇوڙي کيس جهوري وڌو. -ان- واقعي کان ستت ئي پوءِ 24 فيبروري 1998ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو.





رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جتوئي ارشاد ساگر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جتوئي ارشاد ساگر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن