داخلا ؛ 7358
پڙهيو ويو ؛ 284
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-03-13


تصويرون


hyderbuxjatoi.jpg
حيدر بخش جتوئي
حيدر بخش جتوئي



ٽائيم لائين

1901.10.07-A.D
جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فقير الهداد جتوئي هو.

1970.05.21-A.D
سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.




sindhianaسنڌيانا--جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ

ٽائيٽل ؛ جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ


شاخ : شخصيت

جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 -آڪٽوبر- 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ -جنم- ورتو. سندس والد جو نالو فقير الهداد -جتوئي- هو. -حيدر بخش جتوئي- ابتدائي -تعليم- پنهنجي ويجهي ڳوٺ -پٺاڻ- تعلقي ڏوڪريءَ مان 1911ع ڌاري ورتي. جتان هن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان 31 -آڪٽوبر- 1918ع تي پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة -الاسلام- مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1927ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. -ان- کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين.

1931ع ۾ هيءُ -بدين- جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران هي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين، ميهڙ ۽ جيڪب -آباد- ۾ رهيو. سن 1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو آپريٽو سوسائيٽيز هو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو. 1944ع ۾ حرن خلاف قائم ٿيل اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو ۽ پنهنجي مقرريءَ واري عرصي دوران فقيري مزاج هئڻ ڪري، هن هڪ ٻن حر مجاهد کي ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه ڏني. آخرڪار عام ماڻهن سان ظلم ڏسي هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي -تان- 1935 ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ کي ملڪي ۽ قومي خدمت وارن ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت قرب، وفا، سچائي، محبت، نيڪي، خدا ترسي، همدردي، قول ۽ فعل جي پابنديءَ جهڙن اعليٰ گڻن سان سنواريل هئي. -حيدر بخش جتوئي- جيڪو ڪجهه چيو اها خالي لفاظي هرگز نه هئي، پر عملي طور هن اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. نوجوانن جا ذهن آدرش سان سنوارڻ خاطر هن نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون. فڪر انگيز ليڪچر ڏنا. هن اٻوجهه ۽ اياڻن هارين ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هن جي نرالي سڀاءَ واري شخصيت ۾ شاعراڻو مزاج منڍ کان فطري طور شامل رهيو. هو هڪ ’انقلابي‘ ۽ ’ترقي پسند‘ شاعر هو ۽ هڪ قومي، انقلابي ۽ سماجي تبديليءَ واري راهه جو پانڌيئڙو هو. هن جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته اهو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ گل ۽ خار، -جام- ۽ ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جهڙن موضوعن سان ڀريل هو. هن -ان- دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي -ٽن- حصن: (1) ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، (2) قومي ۽ انقلابي شاعري، (3) اصلاحي ۽ طنزيه شاعري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن، جفاڪش ۽ محنتي هارين جي خوب ساراهه ڪري ٿو. هو هڪ مرد مجاهد هو، سنڌ جو سچو عاشق هو. هن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾:

(1) سلام سنڌ (1947ع)، (2) حيوان -انسان- (1947ع)، (3) جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! -جام- محبت پيئي سنڌ (1947ع)، (4) -بلوچستان- زنده -باد- (طنزيه) (1947ع)، (5). اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ سـونهـاري (1947ع)، (6) -پاڪستان- زنده -باد- (1947ع)، (7) -ائٽم بم- (طنزيه) (1953ع)، (8) سنڌ پياري (1954ع)، (9) اي سنڌي وڏيرا ڪجهه -انسان- ٿي (1954ع) ۽ درياهه شاهه جهڙا لافاني نظم شامل آهن. هن جا طويل مخمس نظم ’آزاديءِ سنڌ‘ ۽ ’تحفهء سنڌ‘ برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا ۽ مٿس ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام هڻي سندس ٻئي ڪتاب -انگريز- حڪومت ضبط ڪيا. سندس اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي -تاريخ- جو پهريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن ٿا، کيس -ان- ڳالهه ۾ پختو -ايمان- هو ته جڏهن به سنڌ ۾ تبديلي رونما ٿيندي ته -ان- جي واڳ نوجوانن جي هٿن ۾ هوندي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري علائقي سان هو. -جتي- هن پنهنجي هوش سنڀالڻ واري عمر کان وٺي اٻوجهه، مسڪين هارين، غريبن کي بيڪسي واري حالت ۾ جيئندي ڏٺو. هو شروع کان وٺي هارين مزدورن جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ اهڙي وقت جي انتظار ۾ رهڻ لڳو، جنهن ۾ هو عملي طور تي انهن خاطر ڪجهه ڪري سگهي. سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مهتا ۽ سائين جي. ايم. سيد شامل هئا، -جن- هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد 1930ع ۾ وڌو هو، جنهن جو بنيادي مقصد غريب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽري -تان- استعيفيٰ ڏيڻ بعد -ٿوري- ئي عرصي دوران سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باضابطه پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي 1947ع ۾ رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي آخري وقت تائين رهيو. هن هارين جي حقن لاءِ جيڪي قابل تحسين خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، -تن- جو وچور ڪجهه هن ريت آهي:

1. هن هفتيوار -اخبار- ’هاري حقدار‘ شروع ڪئي ۽ -ان- ۾ -ايڊيٽر- جي حيثيت سان هارين جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريائين.

2. سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جون آفيسون قائم ڪيائين.

3. ننڍن وڏن شهرن ۾ هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪرائي هارين ۾ جاڳرتا آندائين.

4. سنڌ جا دورا ڪري هارين کي پنهنجن بنيادي حقن کان آگاهي ڏنائين.

5. 1945ع کان 1947ع تائين اڌ بٽئيءَ جي تحريڪ شروع ڪري، -ان- کي ڪامياب ڪيائين.

6. 1951ع ڌاري صوبائي اسيمبليءَ اڳيان هزارين هارين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين.

7. 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ هارين جي حقن بابت اديبن، شاعرن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، هارين لاءِ آواز اٿاريائين ۽ انهن جا مطالبا مڃرايائين.

8. 1958ع ۾ هارين جو هڪ وفد تيار ڪري -ان- وقت جي صدر -اسڪندر مرزا- سان ملاقات ڪري، هارين جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي ڏنائين.

9. هارين جي حقن خاطر ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيائين، اشتهار ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين.

ذڪر ڪيل خاص ڪارنامن جي ڪري هن مختصر عرصي دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هارين کانسواءِ عام ماڻهن ۾ به مقبوليت ماڻي ورتي. -ان- حد تائين جو کيس عزت احترام طور ’باباءِ سنڌ‘ جي لقب سان سڏيو ويو. هن هاري تحريڪ کان سواءِ عملي طرح سياست ۾ حصو ورتو. سن 1945ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان بيٺو. 1951ع ۾ قمبر- شهدادڪوٽ مان اليڪشن ۾ بيٺو، پر وڏيرڪي نظام مضبوط هئڻ سبب ڪامياب نه ٿي سگهيو. ننڍين ضمني چونڊن لاءِ دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ چونڊن ۾ بيٺو، پر مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا ۽ سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي. سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم فرزند پنهنجي زندگي سماجي قومي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ ايمانداري ۽ آدرش سان گذاري، 3 مارچ 1970ع ۾ کيس جگر ۽ ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، پر پوءِ به اديبن، عالمن، شاعرن، نثر نويسن سان رهاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري کين ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو.

ڪامريڊ -حيدر بخش جتوئي- جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) تحفة سنڌ (شاعري-1930)، (2) -آزاديءِ قوم- (شاعري- 1943ع)، (3) سنڌ -اسيمبلي- اليڪشن پٽيشن (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع)، (4) هاري ڪهاڻيون (نثر: 1950ع)، (5) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي -ائڪٽ- (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع)، (6) اپيل ٽُو سٽيزنس آف -پاڪستان- (نثر، انگريزيءَ ۾: 1951ع)، (7) هاري -انقلاب- (نثر: 1953ع)، (8) هاري گيت (1951ع)، (9) ڪمدار جا ڪارناما (ڊراما: 1953ع)، (10) ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ -ان- پاڪستان- چار حصا (نثر، انگريزيءَ ۾: 1955ع)، (11) ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1956ع)، (12) -ان- جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1957ع)، (13) سنڌي لئنگئيج اسٽي -ان- ڪراچي -آر- ناٽ (انگريزي: 1957ع)، (14) لئنڊس اِن سنڌ،هو شُڊ اون ديم؟ (انگريزي: 1957ع)، (15) ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي (انگريزي: 1962ع)، (16) ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي: 1957ع) شامل آهن، -ان- کانسواءِ هن قرآن مجيد جو موضوع وار انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو به سندس شاهڪار ڪارنامو آهي.

سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.





رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن