داخلا ؛ 7367
پڙهيو ويو ؛ 128
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-06-03


تصويرون


ghaffar.gif
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر



ٽائيم لائين

1937.07.28-A.D
ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي نوشهروفيرز جي ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ 28 جولاءِ 1937ع ۾ ڄائو .




sindhianaسنڌيانا--جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

جتوئي، عبدالغفار، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر عبدالغفار -جتوئي- -پاڪستان- ۾ اوپن هارٽ سرجريءَ جو باني ليکيو وڃي ٿو. دل جي سرجريءَ جو اسپيشلسٽ پروفيسر رهيو آهي، هو ضلعي نوشهروفيرز جي ڳوٺ نوان جتوئيءَ ۾ 28 -جولاءِ- 1937ع ۾ ڄائو. هي ملڪ جي نامور سياستدان ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو ننڍو -ڀاءُ- آهي. پنهنجي ابتدائي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن لياقت ڪاليج ڄامشوري مان ايم. بي. ايس. -ايس- پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين، جتان پوءِ سرجريءَ ۾ اعليٰ -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو، جتان هن رايل ڪاليج آف سرجنس مان 1967ع FRCC ڪئي ۽ 1973ع ۾ آمريڪين ڪاليج آف ڪارڊيالاجي مان FACC جو امتحان ڏنو. -ان- کانسواءِ هيوسٽن مان ڪارڊيو وسڪيولر سرجريءَ ۾ اسپيشلائيزيشن ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالغفار -جتوئي- پرڏيهه کان واپسيءَ بعد ڪراچي جي ڪلفٽن روڊ تي هڪ شاندار ميڊيڪل اسپتال ”مڊ ايسٽ ميڊيڪل سينٽر“ جي نالي سان 1976ع ۾ قائم ڪئي، جنهن جو افتتاح -ان- وقت -پاڪستان- جي صدر چوڌري فضل الاهي صاحب ڪيو. هن اسپتال ۾ ملڪ جي نامور ڊاڪٽرن ڪم ڪيو. اهو ادارو ٽيهن سالن تائين قوم جي خدمت ڪندو رهيو. کيس محنت، قابليت ۽ اوپن هارٽ سرجريءَ جي بانيڪار هئڻ ۽ -ان- شعبي ۾ خدمتن عيوض ’سوسائٽي آف ڪارڊيو وسڪيولر ۽ ٿوريڪ سرجن آف پاڪستان‘ 1993ع ۾ گولڊ ميڊل اوارڊ سان نوازيو ويو. 1972ع کان وٺي هو -پاڪستان- ڪارڊڪ سوسائٽي جو ميمبر رهيو آهي. ڊاڪٽـر عبـدالغفار جتـوئي ميـڊيڪـل جـي شعبـي کان سـواءِ زراعت ۽ سيـاست ۾ به دلچسپي وٺنـدو رهيو آهي. هو 1991ع ۾ نيشـنل پيپلـز پارٽيءَ جي ميدان -تان- ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو ۽ سينيٽ جي ڪيترين ئي اسٽيڊنگ ڪاميٽين، صنعت ۽ پيداوار، مالياتي ۽ اقتصادي معاملن ۽ خوراڪ ۽ زراعت وغيره جو ميمبر رهيو. هو سينيٽ جي انساني حقن واري ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر هو. هو 1997ع تائين سينيٽر رهي چڪو آهي. -ان- کانسواءِ هو قومي -اسيمبلي- جي اين. اي-212 نوشهروفيروز-1 -تان- اين. پي. پي جي پليٽ فارم -تان- ايم. اين. اي چونڊيو ويو. ڊاڪٽر عبدالغفار قومي -اسيمبلي- جي مختلف اسٽيڊنگ ڪاميٽين، گهـرو معـاملن، پيٽروليم ۽ قدرتي ذريعن، مـالـي معـاملـن جـو ميـمبـر رهـي چڪو آهي.
ڊاڪٽر عبدالغفار کي -باغباني- ڪرڻ، شاعري ۽ -تاريخ- پڙهڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي، هو يورپ، آمريڪا، جپان، آسٽريليا، ڪئناڊا، نيوزيلينڊ، چين، -انڊيا- جا دورا ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر عبدالغفار -جتوئي- هڪ آئرش خاتون سان شادي ڪئي. هن کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، سندس وڏو پٽ فرهاد زمان به 2002ع ۾ صوبائي -اسيمبلي- جو ميمبر رهي چڪو آهي، جڏهن ته فيصل زمان ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن