جتوئي علي نواز حاجن

جتوئي علي نواز حاجن

جتوئي علي نواز حاجن

جتوئي، علي نواز حاجن: تعلقي موري جي نامور استاد ۽ شاعر علي نواز حاجن خان جتوئيءَ 11 جولاءِ 1914ع تي پراڻا جتوئيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم ٽي درجا اي- وي اسڪول، ڏيپارجا مان پڙهيو، چوٿون ۽ پنجون درجو لوڪل بورڊ مڊل اسڪول نوابشاهه ۽ ڇهون ستون نوشهري فيروز مان پڙهيو. 1936ع ۾ خانبهادر حاجي امام بخش جتوئيءَ جي خرچ تي مئٽرڪ ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. 1943ع تي انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. 45-1944ع ڌاري ممبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ٽيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. پاڪستان ٺهڻ کان هڪ مهينو بعد 1947ع ۾ حج ڪيائين. 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٽريننگ ڪري 1949ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. اي ڪيائين. 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. ان وقت تائين هيءُ سنڌي جو پهريون ايم. اي پاس هو. 53-1952ع ۾ هالا هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. پهرين مارچ 1953ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ سنڌي شعبو جوائن ڪيائين، کيس سنڌي شعبي جي پهرئين هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. 63-1962ع ۾ هڪ سال لاءِ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ لسانيات جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو، پر ماءُ جي طبيعت جي ناسازيءَ سبب واپس اچي سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. 1976ع ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. پروفيسر حاجن جتوئي شاعريءَ تي به طبع آزمائي ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهي. رٽائرمينٽ بعد هو هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ رجسٽر ٿيل هو، سنڌي ٻولي ۽ ادب جا وڏا نالا، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، محرم خان پٺاڻ سندس خاص شاگردن مان آهن. هن سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات ۽ لطيفيات تي ڪتاب لکيا آهن، جن مان: (1) لطيفي لهرون، (2) ’علم اللسان سنڌي زبان‘، (3) ويرون ۽ وهڪرا (1993ع)، (4) ميڪده مصطفائي.
علي نواز ’حاجن‘ جتوئي، ساهتي پرڳڻيءَ جو واحد محقق ۽ اديب آهي، جنهن غربت جي باوجود علم پرائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ سڄي ڄمار صرف ڪئي ۽ وڏو نالو ڪڍيو، کيس اولاد ۾ پنج پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، جيڪي سٺن عهدن تي فائز آهن. هن 29 سيپٽمبر 1996ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.07.11  عيسوي

علي نواز حاجن خان جتوئيءَ 11 جولاءِ 1914ع تي پراڻا جتوئيءَ ۾ جنم ورتو .


1996.09.29  عيسوي

علي نواز ’ حاجن ‘ جتوئي 29 سيپٽمبر 1996ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر
آئزن هاور
پريل فقير پينار
آچر فقير
شيخ توهدن دمياري
جنيد احمد سومرو
استاد پيارو خان
جلال محمد مخدوم
شيرين عبادي
حفيظ شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون