داخلا ؛ 7419
پڙهيو ويو ؛ 153
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-06-09


تصويرون




ٽائيم لائين

1920.00.00-A.D
محمد يعقوب جتوئي 1920ع ڌاري ، شاهه ٻيلي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو .




sindhianaسنڌيانا--جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ

ٽائيٽل ؛ جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ


شاخ : شخصيت

جتوئي، محمد يعقوب، ڪامريڊ: صحافي، هاري اڳواڻ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو صحبتي ڪامريڊ محمد يعقوب -جتوئي- 1920ع ڌاري، شاهه ٻيلي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. اخواني -برهماڻي- -جتوئي- خاندان سان تعلق هئس. پرائمري -تعليم- سنڌ جي مشهور درگاهه ٿريچاڻي شريف ۾ حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسي درگاهه تي مولانا عبدالڪريم بروهيءَ وٽ پڙهيو، جيڪو مشهور شاعر جوهر بروهيءَ جو والد هو ۽ ٿريچاڻي مدرسي ۾ مدرس طور مقرر هو. 1955ع ۾ نوابشاهه منتقل ٿيو، -جتي- ٿريچاڻي جي خليفي عبدالعزيز جي سئوٽ شيخ محمد عثمان جي ڪپڙي جو دڪان هو. شيخ محمد عثمان جي مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گهڻي حجت هئي. اتي مولوي محمد يعقوب ملازمت اختيار ڪئي. 1960ع ۾ مولوي محمد يعقوب وري پنهنجي ڪپڙي جو دڪان مني -بازار- ۾ کوليو. سندس گهر قاضي فيض محمد جي گهر جي ڀرسان غريب آباد، نوابشاهه ۾ هو. مولوي محمد يعقوب جي گهر سنڌ دوست ۽ ڪامريڊ ساٿين جي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو ۽ اڪثر شهيد نذير عباسي، جمال نقوي، حسن ناصر نازش ۽ ٻيا روپوشيءَ دوران سندس جاءِ تي اچي رهندا هئا، مولوي صاحب سندن خوب خدمت ڪندو هو. سندس سياسي وابستگي هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پي. اين. پي سان رهي. مولوي محمد صادق عاجز، مولوي معاذ، محمد عمر جوڻو، رسول بخش جمالي، سيد رشيد احمد شاهه، شهمير ڀنگوار، قاضي عبدالخالق، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا سندس دل گهريا دوست رهيا.
اخبار ’صبح صادق‘ جي آفيس سندس -اوطاق- ۾ هئي، پاڻ مولوي صالح عاجز جو ساٿي هو ۽ -اخبار- جو اسسٽنٽ -ايڊيٽر- هو. مولوي محمد صالح عاجز جي وفات بعد ’صبح صادق‘ -اخبار- -بند- ٿي وئي، کيس نوابشاهه جي صحافتي طبقن ۾ انتهائي احترام ۽ قدر جي نظر مان ڏٺو ويندو هو. مولوي محمد يعقوب جا مضمون ’الصادق‘ ۽ ’شريعت‘ رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجندا رهندا هئا. ڪامريڊ مولوي محمد يعقوب 1985ع ۾ نوابشاهه کي ڇڏي سانگي تعلقه پني عاقل ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، -جتي- سيڌي سامان جو دڪان کوليائين ۽ ڪچي ۾ زمينن جي سنڀال شروع ڪيائين. 30 ڊسمبر 1988ع تي وفات ڪيائين. سندس خدمتن جو تذڪرو نوابشاهه جا پراڻا دوست اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪندا رهندا آهن. کيس ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جي اولاد آهي. ڪامريڊ محمد يعقوب جي خاندان ۾ سندس ڀائيٽين صفي -الله- مرحوم، نظام جتوئي، جيڪو نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ ملازمت دوران مصر ۾ پورٽ سعيد وٽ واقع سوئيز ڪئنال ۾ ڪري فوت ٿيو جو پڻ قومي تحريڪ ۾ يادگار ڪردار ادا رهيو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن