داخلا نمبر 7453
عنوان جتي ستي ابراهيم شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 84 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جتي ستي ابراهيم شاهه

جتي ستي، ابراهيم شاهه: سنڌ جو هيءُ مشهور بزرگ لعل شهباز قلندر جو پانڌيئڙو ۽ طالب سيد ابراهيم شاهه جتي ستي، سيوهڻ جو رهندڙ هو ۽ شهباز قلندر جو مريد هو. لعل شهباز قلندر جي وصال کان پوءِ هو سيد علي سرمست جي رهنمائي ۾ رهي سندس مريد ۽ طالب ٿيو. قلندر جو مريد صلاح الدين سندس طالب ٿيو، پاڻ سڄي عمر مجرد/ ڪنوارو رهيو، هن بزرگ جي مزار لعل شهباز جي مزار جي اتر واري دروازي سان گڏوگڏ آهي، سندس وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ استاد الله بخش عرف علڻ پٺاڻ گادي نشين آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو