داخلا نمبر 7564
عنوان جسڪاڻي لعل بخش
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 164 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جسڪاڻي لعل بخش

جسڪاڻي لعل بخش

جسڪاڻي لعل بخش

جسڪاڻي، لعل بخش: پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، ڪوٽڏيجيءَ کان ڇهه ڪلوميٽر اولهه طرف ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ پهرين جنوري 1947ع تي قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. چار درجا سنڌيءَ جا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي ڪوٽڏيجي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مــان بـي. اي ۽ سـنـڌ يـونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سماجيات) ترتيبوار 1966ع ۽ 1968ع ۾ ڪيائين. 1972ع جي آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سماجيات (سوشيالاجي) شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ يونيورسٽيءَ جي پهرئين تحقيقي تدريسي مرڪز، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي پهرئين استاد (Faculty Founding Member) طور شامل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ تاريخ جي شعبي جي گڏيل سربراهه هئي. هن ڊاڪٽر حميده کهڙو جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر کي هڪ جديد تحقيقي ۽ تدريسي مرڪز طور اڀارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. نتيجي طور محققن اسڪالرن لاءِ وسيلن جي مرڪز طور هن شعبي ۾ جديد قسم جي لائبريري قائم ٿي، جنهن ۾ ڏهن هزارن کان مٿي پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي اهم موضوعن تي چونڊ ۽ نوان ڪتاب شامل ڪيا ويا. پروفيسر جسڪاڻي سينيئر استاد جي حيثيت ۾ تحقيق جي طريقن جهڙي اهم مضمون پڙهائڻ سان گڏ ايم. اي فائنل جي شاگردن جي لازمي مضمون جي تحقيقي مقالن جي تياريءَ لاءِ رهنما طور به ڪم ڪيو. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين جو سٺو ليکڪ، ٻه سئو کان مٿي تحقيقي مقالا لکي چڪو آهي، جن مان ڪجهه ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل آهن. سندس پهريون ڪتاب ’سماجيات جو تعارف‘ علم سماجيات بابت ملڪ جي چئن وڏين ثقافتن (سنڌي، بلوچي، پشتون، پنجابي) ۽ انهن جي سماجي سرشتن تي هڪ ضخيم ۽ سائنسي بنيادن تي تيار ٿيل پهريون تحقيقي ڪتاب آهي. هن جي ٻين ڪتابن ۾: رٽائرمينٽ کان پوءِ تحقيقي ۽ تدريسي ڪمن سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مصروف زندگي گذاري رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.01  عيسوي

لعل بخش جسڪاڻي ، ڪوٽڏيجيءَ کان ڇهه ڪلوميٽر اولهه طرف ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ پهرين جنوري 1947ع تي قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون