داخلا نمبر 7579
عنوان جسڪاڻي مشتاق
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 245 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون
جسڪاڻي مشتاق

جسڪاڻي مشتاق

جسڪاڻي مشتاق

جسڪاڻي، مشتاق: سنڌ جي نامياري اداڪار مشتاق جسڪاڻيءَ 1931ع ڌاري سرهاڙيءَ ۾ جنم ورتو. هن جي تعليم گريجوئيشن آهي. گريجوئيشن بعد پوليس کاتي ۾ صوبيدار ٿيو. پر اداڪاريءَ جي شوق ۾ نوڪري ڇڏي ڏنائين. سنڌي ڊرامن ۽ فلمن لاءِ اداڪار طور سندس ڪم هميشه ياد رهندو. هو سٺو شاعر به رهيو آهي. سندس شعر ”مون اهڙي خطا ڪانه ڪئي، مون توکي دل سان پيار ڪيو“ تمام مشهور آهي. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1965ع ڌاري اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهرين سنڌي فلم ’رنگ محل‘ ۽ پهريون سنڌي ڊرامو ’زينت‘ آهن. سندس آخري فلم ’پرهه‘ ۽ آخري پي ٽي وي ڊرامو ’راڄ ڀاڳ‘ هو. مشتاق جسڪاڻي پنهنجي ڪيريئر دوران 450 ٽي وي ڊراما ڪيا، جن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جا سيريل، لانگ پلي ۽ سولو پلي شامل آهن. سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين جي ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. سنڌ ٽي وي جي ٽيلي فلم ’شمن ميرالي‘ ۽ ’مان عاشق تنهنجو آهيان‘ ۾ به ڪم ڪيائين. هن جو سنڌ ٽي وي تـان آخـري ڊرامـو ’هـاءِ ڙي بـابـا‘ ٽيـليـڪـاسٽ ٿيو. جڏهن ته هن سولو پلي ’گناهه ۽ اعتراف‘ جي ڊائريڪشن به ڏني. مشتاق جسڪاڻي 19 سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾: ’پرو‘، ’سوڍا پٽ سنڌ جا‘، ’رنگ محل‘ ۽ ’دشمن‘ وغيره اهم آهن. مرحوم 25 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ ريڊيو ڊرامن ۾ به صـداڪـاري ڪئي. سندس پي ٽي ويءَ جي مشهور ڊرامن ۾ اردو سيريل ’ديوارين‘ ۽ سنڌي سيريل ’راڻي جي ڪهاڻي‘ اچن وڃن ٿا. ’ديوارين‘ ۾ سندس ڪردار تمام گھڻو پسند ڪيو ويو ۽ خاص ڪري سندس ڊائلاگ ’بات هي ڪه جُٺ هي‘ ۽ ’بات هي سمجهه ڪِي‘ تمام گھڻا مشهور ٿيا ۽ هن سيريل کيس ملڪي سطح تي تمام وڏي مشهوري ڏني. ’ديوارين‘ جي ڪردار تي مشتاق جسڪاڻيءَ کي ثقافتي تنظيمن ڪيترا اوارڊ به ڏنا، پر ’ديوارين‘ سميت کيس ڪنهن به سيريل تي پي ٽي وي اوارڊ نه ملڻ جو ڏک آخر تائين رهيو. اداڪاريءَ سان گڏ ڊرامن جي ڊائريڪشن ۽ فلمن لاءِ ڪهاڻيون ۽ فلمي گانا به لکيا، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران کيس بهترين اداڪار جو ’مادر وطن‘ لائيف ٽائيم اوارڊ به مليو. هن نامياري اداڪار 2009ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.00.00  عيسوي

مشتاق جسڪاڻيءَ 1931ع ڌاري سرهاڙيءَ ۾ جنم ورتو .


2009.00.00  عيسوي

مشتاق جسڪاڻي 2009ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون