داخلا نمبر 7589
عنوان جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 108 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي

جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي (Chief Priest ):جعفر برمڪيءَ جو تعلق ايراني خاندان برمڪيءَ سان هو. هن خاندان جو جاگرافيائي لحاظ کان واسطو آرمينا، بلخ ۽ پوءِ بغداد سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. عقيدي جي حوالي سان هن خاندان جا واسطا مختلف وقتن تي ٻڌ ڌرم، زراشٽزم ۽ اسلام (شيعا فرقي) سان رهين. مسلمان ٿيڻ بعد پهريون خالد ابن برمڪ جيڪو خود اول ٻڌ خانقاهه ۾ رهندو هو، عباسي گهراڻي جي پهرئين حاڪم/ خليفي ابوالعباس عبدالله (السفاح) (754-750ع) جي وقت ۾ بغداد آيو. خالد کان پوءِ سندس خاندان جا ٽي فرد عباسي دور ۾ مشهوري ماڻي سگهيا: (1) يحيٰ بن خالد، (2) جعفر بن يحيٰ، (3) فضل بن يحيٰ.
جعفر بن يحيٰ برمڪي کي وزارت ۽ ٻيا عهدا سندس پيءُ يحيٰ کان ورثي ۾ مليا، هن لاءِ اهي به روايتون آهن ته خليفي هارون رشيد جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو. اهو ئي سبب هو ته ان کيس پنهنجو خاص مقرب مقرر ڪيو ۽ سندس خرچ لاءِ ڪن علائقن جي جاگيرداري به ڏني. بغداد ۾ برمڪين جو پاڙو دجله درياهه جي ڪناري سان شهر جي اوڀر ڪناري نديءَ تي هو. اتي جعفر برمڪيءَ جو محل ’الجعفري‘ نالي تعمير ٿيل هو. هن پاڙي ۾ ڪن ٻين مشهور ۽ اهم شخصيتن کانسواءِ جعفر برمڪي جا دوست به آباد هئا. تاريخن جعفر برمڪي کي نهايت ذهين، لائق، بااخلاق، عالم، ادب نواز ۽ پرهيزگار ڄاڻايو آهي، هن جي ڪوششن سان بغداد ۾ اسلامي دنيا جو پهريون ڪاغذ جو ڪارخانو قائم ٿيو.
جعفر برمڪي جي خليفي وٽ گهڻي عزت ۽ عام کان وڌيڪ خوشحال رهڻي اڪثر درٻارين لاءِ برداشت جي قابل نه ٿيندي هئي، ان ڪري سندس خلاف حاجب فضل بن ربيع ۽ خليفي جا ڪن ڀرڻ ۾ شروع ڪيا. ڪن تاريخدانن هڪ واقعي کي خليفي جي ناراضگيءَ جو مکيه سبب ڄاڻايو آهي.
ابن خلدون، انهيءَ قصي جي تحقيق ڪئي، بي بنياد قرار ڏيندي لکيو آهي ته حسد جي وڇونءَ برمڪيءَ کي ڏنگيو، جعفر جي حڪومت ۾ لامحدود اختيارن عشرت واري زندگيءَ، فياضيءَ، فلاحي ۽ ترقيءَ وارن ڪمن ۾ مصروفيت، دوست نوازيءَ واري روش سبب درٻارين محسوس ڪيو ته خليفي کان وڌيڪ وزير جي عزت ٿي وئي آهي. هنن اها ڳالهه به خليفي تائين پهچائي چيو ته جعفر عباسي حڪومت جي خلاف آهي. حالتن کي آڏو رکي خليفي جي حڪمن جي تعميل ۾ ڄاڻي واڻي ڍر ڪئي وئي، ڇو ته ايراني شيعا عباسي خلافت جي حڪمت عملي لاءِ مسئلو پيدا ڪري ٿي. ان ڪري خليفي تڪڙو قدم کڻڻ کان گريز پئي ڪيو. نيٺ سرگوشين هڻي هنڌ ڪيو ۽ مسرور نالي هڪ شخص، جيڪو رات جو خليفي ۽ وزير سان گڏ رعيت جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ويندو هو. ان جعفر برمڪيءَ کي 803ع ڌاري قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لاش جا ٽي ٽڪر ڪري بغداد جي ٽن پلين تي ٽنگيا ويا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو