داخلا ؛ 7593
پڙهيو ويو ؛ 136
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2014-07-03


تصويرون




ٽائيم لائين

1901.00.00-A.D
جعفر شاهه مورائي 1901ع ۾ موري شهر ۾ جنم ورتو

1990.05.14-A.D
جعفر علي شاهه مورائي ، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--جعفر شاهه مورائي

ٽائيٽل ؛ جعفر شاهه مورائي


شاخ : شخصيت

جعفر شاهه مورائي: موري تعلقي جو مشهور -استاد- -جعفر شاهه مورائي- 1901ع ۾ موري شهر ۾ -جنم- ورتو، پاڻ مٽياري سيدن جي خاندان مان هو ۽ سندس والد جو نالو غلام محمد شاهه هو. سنڌي فائنل نمايان نمبرن سان پاس ڪرڻ بعد، پرائمري -استاد- ٿيو ۽ اڳتي هلي -بيٽ- آفيسر مقرر ٿيو. عربي، فارسي ۽ اردوءَ جو ماهر هو، تقرير ۽ تحرير ۾ ڀڙ هو. شاهه جو رسالو سمورو ياد هئس، علمي ادبي ذوق جو مالڪ هو، سندس تخليقون ماهوار المهراڻ، ملا مخزن ۽ -اخبار تعليم- ۾ شايع ٿينديون هيون. هزارين ڪتابن جي ذاتي لائبريري هئس، جيڪا بعد ۾ صادق آل محمد لائبريري موري کي ڏنائين. نماز، روزي جو پابند ۽ هٿ جو سخي ۽ مهمان نواز هو. سنڌي ٻوليءَ سان وڏي محبت رکندو هو، سندس شاگردن ۾ -استاد- محمد ڇٽل سرهيو، نامور اديب قاضي نذير مورائي، قاضي محمد علي -اختر- مورائي، ڊاڪٽر محمد -بچل- ميمڻ، خدا بخش سهتو ۽ ٻيا شامل آهن. سندس وڏو فرزند سيد پناهه علي شاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. سندس ٻيو فرزند سيد اشرف علي شاهه سنڌي مضمون ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي -تان- رٽائر ٿيو. سندس ٽيون فرزند معصوم علي شاهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر هو، چوٿون فرزند سيد ناصر علي شاهه ناصر مورائي جي نالي سان مشهور ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي، سندس پنجون فرزند محبوب علي شاهه مورائي مشهور قومي ڪارڪن هو، ڇهون فرزند سيد نثار علي شاهه -آمريڪا- ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رهيو آهي. سيد جعفر علي شاهه مورائي، 14 مئي 1990ع تي وفات ڪئي ۽ کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جعفر شاهه مورائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جعفر شاهه مورائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن